امام صادق عليه السلام : جيڪڏهن مان هن کي ڏسان ته (امام مهدي عليه السلام) ان جي پوري زندگي خدمت ڪيان هان.
هڪ نڪتي جو تذڪر

هڪ نڪتي جو تذڪر

پنهنجي مقصد جي مخالفن جي صحبت ڇڏي ڏيو انهن سان گڏ اٿڻ  ويهڻ سان نااميد پيدا ٿيندي آهي جيڪا توهان جي ارادي ۽ مقصد تي اثرانداز ٿيندو جيڪڏهن توهان اهڙن ماڻهن سان اٿڻ ويهڻ تي مجبور آهيو ته انهن کي پنهنجي مقصد جي بابت نه ٻڌايو ۽ اهوراز پنهنجي دل ۾ ئي لڪائي رکو ڪجھ ماڻهوٻين تي ٽوڪون ۽ ٺٺول ڪري انهن جو مستقبل تبديل ڪري ڇڏيندا  آهن ۽ اهي پاڻ وانگر ٻين کي به انهن جي عظيم مقصد تائين پهچڻ کان مايوس، نا اميد ڪري ڇڏيندا آهن ۽ انهن جي ڪاميابي جي واٽ ۾ ڪنڊا وڇائيندا آهن اهڙا ماڻهو توهان جي ترقي جي واٽ ۾ رڪاوٽ آهي اهي ڪجھ لفطن جي ذريعي توهان کي توهان جي مقصد ۽ ڪاميابي کان ڦيرائي سگھن ٿا اهڙي حالت ۾ توهان جو فرض هي آهي توهان انهن کي سڃاڻيو ۽ انهن جي گٿن لفظن سان نااميد نه ٿيو.

 

2_ مقصد کي حاصل ڪرڻ ۾ طلب ۽ ڪوشش جو ڪردار

 انسان کي بلند ۽ عالي مرتبه مقامات کان روڪڻ لاءِ شيطاني سازشون به اثرانداز ٿينديون آهن شيطان مختلف قسم جا وسوسه وجھندو آهي ته ڇا ايترين مشڪلات جي هوندي ان واٽ تي هلڻ ممڪن آهي؟ ڇا پنهنجي هدف کي پوري عظمت سان گڏ حاصل ڪري سگھندين ۽ ڇا......؟  اهڙي طرح ٻيا سوين سوال، ڪڏهن ڪڏهن شيطان نه رڳو ڪم شروع ڪرڻ کان پهريان ئي وسوسن ۽ گھمراھ ڪندڙ خيالن سان مايوسي ۽ نااميدي پيدا ڪندو آهي بلڪه ڪڏهن ته اڌ واٽ ۾ به گمراھ ڪري ڇڏيندو آهي ، عظيم مقصدن جي گھر ڪرڻ وارا توجهه ڪن انسان اهڙيءَ ريت خلق ٿيو آهي جو جيڪڏهن ڪجھ وقت سختين ۽ ڏکن کي برداشت ڪري ته ان جون مشڪلاتون ۽ مصيبتون آسانيءَ ۽ سُک ۾ تبديل ٿي وينديون آهن جيڪڏهن شروعات ۾ برنامو ڏکيو به هجي ته تڪرار جي ذريعي ان جي عادت ٿي ويندي آهي ان کانسواءِ الله سائين عظيم مقصد رکڻ وارن جي تڪليفن کي آسان ڪندو آهي ۽ اهلبيت جي مدد عطا ڪري انهن مشڪلن کي حل ڪندو آهي حقيقت به انهن مسئلن مان هڪ آهي ڇو ته حق به ڪڙو ڏکيو هوندو آهي خاص طور انهن ماڻهن لاءِ جيڪي گناهن جي پليتي ۾ ٻڏل حوس ۽ شيطاني وسون جا پيروڪار هجن اهڙن ماڻهن لاءِ حق ڏاڍو ڳرو هوندو آهي ڇو ته اهو انهن جي گُھر مطابق نه هوندو آهي پر حقيقت جا طالب ۽ حقيقت تائين پهچڻ جي خواهش رکڻ وارن لاءِ حق ڳرو نه هوندو آهي

مولا علي جن فرمائن ٿا :

وَالْحَقُّ كُلُّهُ ثَقيلٌ وَقَدْ يُخَفِّفُهُ اللَّهُ عَلى أَقْوامٍ طَلَبُوا الْعاقِبَةَ. (1)

سمورو حق ڳرو آهي پر خدا عاقبت جي ڳولا ڪرڻ وارن لاءِ ان کي هلڪوڪري ڇڏيندو آهي.

انهن فرمانن مان اها پروڙ پوي ٿو ته ڳولا مشڪل کي آسان ڪرڻ ۾ وڏي اثرائتي آهي وڏن هدفن کي ڏکيو ۽ انهن تائين پهچڻ کي نا ممڪن سمجھڻ وارا اهڙا ماڻهو هوندا آهن جن کي اميد “ طلب کي حاصل ڪرڻ جي سانهه نه هوندي آهي جن پنهنجي ارادي کي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.

 پنهنجي مقصد تائين پهچي ويا پوءِ ڀلي جو انهن  جومقصد ۽ انهن جي چاهت ڏکي ڇونه هئي  پر ڇو جو اهي پوري طرح ان کي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا  رهيا ان لاءِ نيٺ انهن جون سختيون ۽ مشڪلون سهولت ۽ آسانيءَ ۾ تبديل ٿي ويون جو پاڻ به تصور نه پيا ڪري سگھن ته هو پنهنجي مقصد تائين پهچي ويا آهن.

يقين ڪريو ته ڪنهن شيءِ جي طالب لاءِ ڳولا ڪرڻ  ۽ ان کي حاصل ڪرڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش سان ان شيءِ کي حاصل ڪرڻ کانپوءِ خوشي ۽ سڪون ملندو آهي ان لاءِ ڪاميابي ۽ عظيم مقصدن تائين پهچڻ لاءِ ڪوشش ڪريو ان کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڳولا ڪريو ته جيئن ان کي حاصل ڪرڻ جي واٽ سڌي ٿئ.

 ڪُنڊ ڪُڙڇ ۾ وڃي ويهڻ ۽ هٿ تي هٿ رکي ويهڻ سان  ۽ خيالن ۾ ٻُڏل رهڻ سان انسان پنهنجي مقصد تائين نه ٿو پهچي سگھي اهي ماڻهو ئي پنهنجي دلي خواهش ۽ مقصدن تائين پهچي سگھن ٿا جيڪي انهن کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڳولا ۽ ڪوشش ڪن. جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي مقصد کي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ته ائين ناهي جو هن کي ڪجھ به حاصل نه ٿئي جيڪڏهن هو سموري  مقصد تائين نه پهتو ته ڪجھ نه ڪجھ ضرور ان کي حاصل ٿيندو اِهو پنهنجي سَر پاڻ هڪ اهم نتيجوآهي جيڪو طلب ۾لڪيل آهي

مولا علي عليه السلام جن فرمائن ٿا:

مَنْ طَلَبَ شَيْئاً نالَهُ اَوْ بَعْضَهُ. (2)

جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن شيءِ جي طلب ڪري ته يا هو سموري شيءِ کي يا ان جي ڪجھ مقدار کي حاصل ڪندو

اهڙي ريت  وڏي ۽ قيمتي هدف جي چونڊ ڪريو ۽ ان کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ محنت ۽ ڪوشش ڪريو اهڙيءَ ريت توهان پنهنجي مقصد تائين پهچي ويندو يا پنهنجي مقصد جي ڪجھ حصي کي حاصل ڪري وٺندو

 

 3_ بزرگ هستين جي خدمت ۾ رهڻ

 اهلبيت جي مڪتب ۾ ڪمال جي وڏن مررتبن ۽ مرحلن تائين پهچڻ کي تمام اهم قرار ڏنو ويو آهي انهي ڪري اهلبيت جي ڪيترن ئي فرمانن ۾ ان بابت آيو آهي جيڪڏهن انسان ان تي عمل ڪري تي ان جو مستقبل روشن ٿي ويندو انهن فرمانن منجھان هڪ بزرگ هستين سان گڏ انهن جي خدمت چاڪري ۾ رهڻ آهي جيڪي پنهنجن عظيم مقصدن کي حاصل ڪرڻ ۾ڪامياب ٿي ويا

امام صادق کان هڪ شعر جي ضمن ۾ نقل ٿيو آهي :

علَيْكَ بِأَهْلِ الْعُلى. (3)

توهان جي مٿان فرض آهي ته توهان بلند مرتبه شخصيتن سان گڏ رهو,  ڇو ته اهڙن ماڻهن کي ڏسڻ انهن جي ڪچهري ۾ويهڻ انسان جي ارادي کي طاقتور بڻائي انکي وڏن مقصدن جي واٽ ڏيکاريندو آهي اهڙن ماڻهن جي همت وڌائيندي آهي انهن جو بلند مرتبو بي مقصد ماڻهن کي سجاڳ ڪندو آهي جي ها! توهان انهن عظيم ۽ بزرگ هستين جي خدمت ۾ بلند ۽ قيمتي مقصدن کان ڄاڻو ٿيندوء ۽ توهان ۾ انهن مقصدن تائين پهچڻ جو شوق وڌندو وڏن مقصدن تائين پهچڻ جي لاءِ نفس جي مخالفت جيڪي ماڻهون وڏن مقصدن تائين پهچڻ جي خواهش رکندا آهن اهي سستيءَ کي ڇڏي نفساني خواهشن سان جوان جيان جنگ چوٽيندا آهن .مولا علي جن فرمائن ٿا:

 مَنْ أَحَبَّ نَيْلَ الدَّرَجاتِ الْعُلى فَلْيَغْلِبِ الْهَوى.(4)

جيڪو ماڻهو وڏن عالي مرتبن تائين پهچڻ چاهي ٿو اهو پنهنجي هواءنفس تي غالب اچي هي ملڪوتي فرمان ملڪ ۽ ملڪوت جي ولايت جي مالڪ مولا علي جي زبان مبارڪ مان نڪتو آهي ان ۾ انهن سمورن انسان لاءِ هڪ سبق آهي جيڪي بلند مقصدن کي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ۾ آهي ۽ جيڪي ديني ۽ معنوي رتبن کي حاصل ڪرڻ لاءِ محنت ڪري رهيا آهن هي آسماني فرمان سمورن انسانن خاص طور تي نوجوانن ۽ جوانن لاءِ هڪ وڏو سنيهو آهي جيڪي روشن مستقبل جي خواهش رکن ٿا.

 

5- عظيم مقصدن تائين پهچڻ لاءِ اهلبيت سان توسل

 جيئن ته انسان هر نيڪ ۽ چڱي ڪم ڪرڻ لاءِ ٽن شين جو محتاج هوندو آهي

1 پڪو، مضبوط ارادو

2 ذهن ۾ موجود مقصد کي حاصل ڪرڻ جي سگھ

3 الله پاڪ جي توفيق جيڪو ان جي مدد ڪري

انهن ٽن شين مان مان جيڪڏهن ڪنهن هڪ ۾ به ڪمزري هجي ته برنامي کي انجام ڏيڻ ۾ اڳڀرائي نه ٿيندي ۽ ڪم بيهي ويندو انهن ٽن شرطن ۽ مقصد تائين پهچڻ لاءِ اهلبيت کي وسيلو قرار ڏيو اسان زيارت اميرالمومنين ۾ پڙهندا آهيون:

بِكَ اَتَوَسَّلُ إِلَى اللَّهِ في بُلُوغِ مَقْصُودي. (5)

 پنهنجي هدف ۽ مقصد تائين پهچڻ لاءِ توهان کي الله ڏانهن وسيلو قرار ڏيان ٿو نه رڳو ڪم جي شروعات ۽ انهن شرطن کي حاصل ڪرڻ لاءِ بلڪه مقصد جي حاصل ٿيڻ تائين انهن سان متوسل رهو  ۽ الله جي جانشينن ۽ ڪائنات جي اميرن کي الله جي فيض ۽ مقصدن تائين پهچڻ  لاءِ وسيلوقرار ڏيو.

 


(1) شرح  غررالحکم :5 /305

(2) شرح  غررالحکم :5 /052

(3) بحار الانوار :47 /24

(4) شرح غرر الحكم: 394/5.

(5) بحار الانوار 332/100:

 

 

 

    دورو ڪريو : 2397
    اج جا مهمان : 66315
    ڪالھ جا مهمان : 72005
    ڪل مهمان : 129281046
    ڪل مهمان : 89797212