امام صادق عليه السلام : جيڪڏهن مان هن کي ڏسان ته (امام مهدي عليه السلام) ان جي پوري زندگي خدمت ڪيان هان.
مقصد ۽ هدف تائين پهچڻ جا طريقا

مقصد ۽ هدف تائين پهچڻ جا طريقا

1_ پنهنجي مقصد جي حاصل ٿيڻ جي اميد

گھڻا ماڻهو علوم ۽ معارف ۾ هڪ وڏي مرتبي ۽ ترقي جا خواهشمند هوندا آهن ته جيئن اهي به وڏن ماڻهن وانگر پنهنجي قوم جي سڌاري لاءِ هڪ اثراثتو ڪردار ادا ڪري سگھن ۽ ماڻهن کي معنويت جي واٽ ڏيکارين ۽ انهن جي رهنمائي ڪن اها هڪ اهڙي خواهش ۽ چاهت آهي جيڪا گھڻن ماڻهن ۾ پاتي ويندي آهي پر اهي ماڻهوانهن وڏن ۽عظيم ماڻهن جي ڪاميابي جي راز کان  ڄاڻو نه آهن جن تاريخ جي صفحن کي پنهنجي نالي سان روشن ڪيو اهي ان خواهش ۽ آرزو کان نا اميد ٿي ڪري  ان کي ٺلهو خيال سمجھن ٿا اهلبيت جي مکتب کان سکيل انسان سازي جي سبقن کي نظر ۾ رکندي ۽ انهن وڏڙن جي (حيات ڏيندڙ رهنمائي (جيڪا اسان جي دلين کي روشن ڪندي آهي مان اها حقيقت روشن ٿئي ٿي ته وڏا هدف ۽ مقصد ۽ وڏيون خواهشون اهڙين شين منجھان آهي جنهن جي اهلبيت  پنهنجي مڃڻ وارن ۽ پيروڪارن کي تلقين ڪئي آهي ۽ انهن کي نااميدي مان ڪڍي ڇڏيائون انهن عظيم هستين نه رڳو پنهنجي حديثن ۽ فرمائن ۾ بلڪ پنهنجي دعائن ۾ به اسان کي اميد جو سبق ڏنو انهيءَ ڪري انهن اسان کي اهو حڪم ڏنو ته جمعي جي ڏينهن هيءَ دعا پڙهو :

اَلّلهُمَّ اجْعَلْنا مِنْ أَقْرَبِ مَنْ تَقَرَّبَ إِلَيْكَ.(6)

پالڻهارا اسان کي انهن جي ويجھو ڪر جيڪي تنهنجي ويجھو هئا اهڙيون دعائون هران شخص لاءِ اميد جو سبق آهي جيڪو پنهنجي پاڻ کي گھٽ سمجھي ٿو اهي دعائون اهلبيت جي پيروڪارن جي دليل ۾ عالي مقصد تائين پهچڻ لاءِ اميد جو ڏيئو آهن

 


(6)  بحار الانوار: 339/90

 

    دورو ڪريو : 2402
    اج جا مهمان : 39423
    ڪالھ جا مهمان : 72005
    ڪل مهمان : 129227265
    ڪل مهمان : 89743428