امام صادق عليه السلام : جيڪڏهن مان هن کي ڏسان ته (امام مهدي عليه السلام) ان جي پوري زندگي خدمت ڪيان هان.
هدف ۽ مقصد

هدف ۽ مقصد

بهترين هدف ۽ مقصد کي انتخاب ڪريو

هن ٿوري ڄمار ۾وقت وڃائڻ وارن ڪمن کان پرهيز ڪريو ۽ اهڙن مهم ۽ ضروري ڪمن ۾ پنهنجو وقت گذاريو جيڪي دنيا ۽ آخرت ۾ پنهنجي لاءِ فائديمند ثابت ٿين،  اسان کي گھرجي مهم ۽ ضروري مسئلن کي پنهنجو هدف ۽ مقصد قرار ڏيون ۽ ان هدف ۽ مقصد تائين پهچڻ جي ڪوشش ڪريون ۽ غير ضروري ڪمن ۾ وقت وڃائڻ سان اسان پنهنجا بنيادي ۽ ضروري ڪم  وساري و يهندا سين ۽ خلقت جي مٿاهين ۽ عالي مقصد تائين  نه پڄي سگھندا سين.

 مولا اميرالمومنين علي عليه السلام جن فرمائن ٿا:

مَنِ اشْتَغَلَ بِغَيْرِ الْمُهِمِّ، ضَيَّعَ الْاَهَمَّ. (1)

 جيڪو غير ضروري ڪمن ۾ رڌل هوندو اهو مهم ۽ ضروري ڪم وڃائي ويهندو

بيڪار ۽ هرو ڀرو جي مسئلن ۾ مصروف رهڻ سان اعلي ۽ مٿاهين مقصدن تائين نه پهچي سگھندا سين ۽ پٺتي رهجي وينداسين اها هڪ حقيقت آهي ته جنهن کي امير المومنين ٿورڙن لفظن ۾ بيان ڪيو آهي ته جئين ان مان پوري انسانيت خاص طور تي جوان نسل سبق وٺي.

 جيڪڏهن بشريت مولا جي ان فرمان مان سبق وٺي ته دنيا ۾ وڏيون تبديليون وجود ۾ اينديون ۽ ڇو ته اسان جي ڄمار ٿوري آهي ۽ اسان ۾ سڀن ڪمن ڪرڻ جي سگھ نه آهي ان لاءِ ان ڄمار کي عظيم ۽ سٺن ڪمن ۾ گذارڻ گھرجي ۽ هرو ڀرو ۽ بيڪار ڪمن ۾ وقت ضايع ڪرڻ کان ڪيٻائڻ گھرجي جنهن ۾ وقت جي زيان ۽ خساري کان سواءِ ڪجھ حاصل ڪونه ٿو ٿئي. پهنجي ڄمار چڱي نموني فائدو وٺڻ ۽ ان کي ضروري ۽ قيمتي ڪمن تي گذارڻ لاءِ اسان کي گھرجي ته اسان جي فڪر جزئي مسئلن ۾ رڌل نه هجي ته جيئن اسين بهترين اهداف ۽ مقصدن کي حاصل ڪري سگھون.

مولا علي عليه السلام جن فرمائن ٿا:

إِنَّ رَأْيَكَ لايَتَّسِعُ لِكُلِّ شَيْ‏ءٍ فَفَرِّغْهُ لِلْمُهِمِّ. (2)

توهان جي فڪر سڀني ڪمن کي ڪرڻ جي سگھ ۽ وسعت نه ٿي رکي تنهن ڪري ان کي مهم ۽ ضروري ڪمن لاءِ استعمال ڪريو.

هدف ۽ مقصد جي نتيجي تي توجھ ڪريو.مهم ترين ۽ بهترين هدف کي چونڊڻ جي لاءِ ان جو نتيجو پوري طرح واضح ۽ علم ۾ هجي تنهن ڪري اهڙي ڪم ۽ جي لاءِ برنامو رٿيو وڃي جنهن جي نتيجي کي اسان پنهنجو مقصد قرار ڏئي سگھون ۽ ان بابت اسان کي پوري ڄاڻ هجي ۽ تحقيق کان پوءِ ان جو نتيجو اسان لاءِ روشن هجي ان ڪم جي نتيجي کي اهلبيت جي فرامين سان مقايسو ۽ موازنو ڪرڻ کان پوءِ پنهنجي همت کي هدف تائين پهچڻ لاءِ طاقت ڏيو ۽ سُستي ۽ غفلت کان پرهيز ڪري ان کي ترڪ ڪرڻ کپي

پاڻ سڳورن فرمايو:

إِذا هَمَمْتَ بِأَمْرٍ فَتَدَبّرْ عاقِبَتَهُ فَإِنْ كانَ خَيْراً فَأَسْرِعْ إِلَيْهِ وَاِنْ كانَ‏شَرّاً فَانْتَهِ عَنْهُ. (3)

جڏهن ڪنهن ڪم ڪرڻ جي همت ڪيو ته ان جي نتيجي بابت غورو فڪر ڪريو جيڪڏهن اهو ڪم ڇڱو آهي ته اهو ڪم ڪريو ۽ جيڪڏهن اهو ڪم برو آهي ته نه ان کي ڇڏي ڏيو جڏهن توهان ڪنهن ڪم کي پنهنجو مقصد قرارڏيو  ته ان بابت تحقيق ڪريو ۽ ان جي نتيجي کي مشخص ڪرڻ کان پوءِ ان ڪم کي شروع ڪريو پوءِ ان کي اڄ يا سڀاڻي ڪرڻ بدران واندڪائيءَ مان فائدو وٺندي ان ڪم کي انجام ڏيو جيستائين ڪا رڪاوٽ نه اچي هي اها واٽ آهي جنهن تي

اسان جا بزرگ هليا توهان به انهن جي نقش قدم تي هلندي هن رستي کي طئي ڪريو

انسان کي خلق ڪرڻ جو ڪهڙو مقصد آهي؟

 جھڙي طرح اسان چيوسين ته انسان جي زندگي ۾ ڪو مقصد هجڻ کپي اِن ڪري ان کي وڏن ۽ عظيم مقصدن جي ڄاڻ هجڻ کپي ته جيئن انهن منجھان بهترين مقصد جي چونڊ ڪري انسان کي خلق ڪرڻ جو جيڪو راز آهي ان راز جي  ڄاڻ اسان جي رهنمائي ڪري سگھي ٿي خداوند عالم قرآن شريف فرمائي ٿو:

«وَما خَلَقْتُ الْجِنَّ وَالإِنْسَ إِلاَّ لِيَعْبُدُونَ».(4)

مان جنن ۽ انسانن کي پيدا نه ڪيو آهي پر ان لاٰءِ ته اهي منهنجي عبادت ڪن.

تفسيرنورالثقلين ۾ ان آيت هيٺ امام صادق عليه السلام کان نقل ٿيل هڪ روايت کي ذڪر ڪيو ويو آهي

 قالَ: خَرَجَ الْحُسَيْنُ بْنُ عَلِيٍّ عَلى أَصْحابِهِ فَقالَ: أَيُّهَا النَّاسُ إِنَّ اللَّهَ‏ عَزَّوَجَلَّ ذِكْرُهُ، ما خَلَقَ الْعِبادَ إِلاَّ لِيَعْرِفُوهُ، فَإِذا عَرَفُوهُ عَبَدُوهُ، فَإِذاعَبَدُوُه اِسْتَغْنَوْا بِعِبادَتِهِ عَنْ عِبادَةِ مَنْ سِواهُ، فَقالَ لَهُ رَجُلٌ: يَابْنَ‏رَسوُلِ اللَّهِ بِأَبي أَنْتَ وَاُمّي فَما مَعْرِفَةُ اللَّهِ؟ قالَ: مَعْرِفَةُ أَهْلِ كُلِّ زَمانٍ إِمامَهُمْ الَّذي تَجِبُ عَلَيْهِمْ طاعَتُهُ (5)

امام صادق عليه السلام جن فرمايو ته امام حسين عليه السلام پنهنجي اصحاب ۾ آيا ۽ فرمايائون ايهاالناس،  الله تعالي پنهنجي ٻانهن کي پيدا نه ڪيو آهي  مگر ان لاءِ ته اهي ان کي سڃاڻين جڏهن هو ان کي سڃاڻيندا ته پوءِ ان جي عبادت ڪندا ۽ پوءِ ان جي عبادت ذريعي غير جي عبادت ڪرڻ کان بي نياز ٿي ويندا هڪ شخص مولا کي عرض ڪيو اي فرزند پيغمبر منهنجا ماءُ پيءُ اوهان تان قربان ٿين الله کي سڃاڻن ۽ ان جي معرفت خدا  ۽ الله کي سڃاڻڻ مان مراد ڇا آهي ؟ مولا فرمايو ؛ ته هر زماني جا ماڻهو پنهنجي وقت جي امام کي سڃاڻين جنهن جي اطاعت انهن جي مٿان فرض آهي ان آيت ۽ ان روايت  مان اها ڳالھ واضح ٿئي ٿي ته جنن ۽ انسانن کي خلق ڪرڻ جو مقصد بندگي ۽ عبوديت جي رتبي تائين پهچڻ آهي ۽ ان رتبي تائين انسان تڏهن پهچندو جڏهن الله جي معرفت هوندي  جيڪو الله جي معرفت ۽ سڃاڻ رکي ٿو ان کي امام عصرعج جي مرتبي جي سڃاڻ ۽ معرفت به هجڻ گھرجي . بس پوءِ  هن زماني ۾ اسان جو وظيفو ۽ فرض هي آهي ته اسين امام زمان جي معرفت ۽ سڃاڻ رکون ۽ امام جي خدمت ڪرڻ پنهنجي زندگي جو هدف ۽ مقصد سمجھون ڇو ته امام صادق عليه السلام پنهنجي ڪلام ۾ ان زماني جي سڀني شيعن ۽ مقام ولايت کي سڃاڻڻ وارن جي وظيفي کي هن طرح بيان فرمائن ٿا :

لَوْ أَدْرَكْتُهُ لَخَدَمْتُهُ أَيَّامَ حَياتي.

 جيڪڏهن امام عصر جي زماني ۾ هجو ته جيستائين زنده هجو انهن جي خدمت ڪندا رهجوگذريل ڳالهين ۽ مطالب مان اها پروڙپوي ٿي ته اسان کي مقام عبوديت تائين پهچڻ ۽ معارف ديني کي حاصل ڪرڻ کان  پوءِ امام زمان جي چڱي نموني خدمت ڪرڻ  گھرجي ته جيئن سندن جي بابرڪت وجود مان ڪجھ پرائي سگھون ۽ انهن جي خادمن مان اسان به ڳڻيا وڃون بيشڪ هر زماني ۾ دين امام ۽ حجت زمان جي خدمت ڪرڻ انهن ماڻهن جي ريت رهي آهي جن عبوديت جي رتبي کي حاصل ڪيو سلمان ابوذر قنبر مقداد ۽ اهلبيت جا سڀ خاص اصحاب بندگي جي رتبي ۽ مقام عبوديت تائين پهچڻ کان پوءِ پنهنجي سموري ڄمار اهلبيت جي خدمت ۾ رُڌل رهيا ۽ ڪامياب ٿي ويا هي انهن ماڻهن جي واٽ  آهي  جن خلقت جي هدف ۽ مقصد کي سڃا توهان به ان واٽ تي هلو ته جيئن ڪامياب ٿي وڃو .

از گنج جهان به جز خزف ندارى

راه‏هايى براى رسيدن به هدف

جيڪڏهن توهان جو زندگي ۾ ڪو مقصد نه آهي ته دنيا جي خزاني ۾ توهان کي هڪ پٿرکان سواءِ ڪجھ به حاصل نه ٿيندو

 


(1) شرح غرر الحڪم : 5 / 230

(2) شرح غرر الحڪم : 2 / 606

(3) .بحارلانوار :72 /342

(4) سوره ذاريات  آيت56

(5) تفسیر  نور  الثقلین: 122/5

 

 

 

 

 

 

    دورو ڪريو : 2407
    اج جا مهمان : 47208
    ڪالھ جا مهمان : 72005
    ڪل مهمان : 129242834
    ڪل مهمان : 89758999