امام صادق عليه السلام : جيڪڏهن مان هن کي ڏسان ته (امام مهدي عليه السلام) ان جي پوري زندگي خدمت ڪيان هان.
بحث جو نتيجو -

بحث جو نتيجو

توهان غور ۽ فڪر، تفڪر ۽ تعقل جي ذريعي بلند عظيم ۽ وڏن قيمتي خزانن کي پنهنجي ذهن مان ٻاهر ڪڍي، تامل ۽ دقت جي ذريعي پنهنجي فڪرن مان قيمتي گوهر حاصل ڪريو جو ڪيترائي قيمتي خزانا انهن خزانن جي سامهون بي قيمت ۽ اڻمُلھ ٿيو وڃن .

   پنهنجي فڪر کي متمرڪز ڪريو ۽ تمرڪز فڪر جي سگھ مان فائدو وٺندي پنهنجي عقلي ۽ ذهني طاقت کي وڌايو  غور ۽ فڪر جي ذريعي توهان نه رڳو پنهنجي ذهن ۽ پنهنجي ڄاتل ضمير ۾ تحولات ايجاد ڪري سگھو ٿا بلڪه پنهنجي ان ضمير ۾ به تبديليون آڻي سگھو ٿا جنهن کي توهان نه ٿا ڄاڻيو فڪر توهان جي نفس ۽ روح جي لاءِ چڪمڪ آهي ڇوته توهان جنهن موضوع جي باري ۾ سوچو اُها فڪر توهان کي ان ڏانهن ڇڪيندي.

   فڪر ڪرڻ جي ذريعي فضائل ۽ مناقب اهلبيت جي ذريعي سان پنهنجي روح کي بُلندين تي وٺي وڃو ته جئين ان خاندان لاءِ مجذوب ٿي سگھو ۽ انهن ڏانهن ڇڪجي سگھو.

      هن ڪائنات ، آسمان ۽ زمين جي ملڪوت ۽ الله جي آيتن نشانين  منجھان ظاهر ٿيندڙ عظمتن ۾ غور ۽ فڪر سان توهان ۾ وڏيون تبديليون پيدا ٿينديون

فڪري اشتباهن ۾ مُنڌل ماڻهن جي اُٿ ويھ ۽ صحبت کان پاسو ڪريو ۽ سوچ رکڻ وارن ماڻهن سان اٿو ويهو

به يك تدبير نيكو آن توان كرد

كه نتوان با سپاه بيكران كرد

به رأيى لشكرى را بشكنى پشت

به شمشيرى يكى تا ده توان كشت

 

 

    دورو ڪريو : 2437
    اج جا مهمان : 44517
    ڪالھ جا مهمان : 72005
    ڪل مهمان : 129237452
    ڪل مهمان : 89753617