امام صادق عليه السلام : جيڪڏهن مان هن کي ڏسان ته (امام مهدي عليه السلام) ان جي پوري زندگي خدمت ڪيان هان.
بحث جو نتيجو

بحث جو نتيجو

بهترين ۽ عالي مقصدن کي سڃاڻيو ۽ ان جي چونڊ ڪريو پڪي پھ ۽ ارادي سان مقصد تائين پهچڻ جي جاکوڙ ڪريو بي همت ماڻهن کان پرهيز ڪريو ۽ بلند مقصد رکڻ وارن ماڻهن سان صحبت ۽ اٿ ويھ ڪريو ته جيئن انهن جي ذريعي توهان جو عالي ۽ قيمتي مقصد مشخص ٿي سگھي جڏهن توهان حيقيقي ۽ واقعي طور تي بهترين مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪندو ته الله سائين توهان جي لاءِ سختين ۽ مشڪلن کي آسان ڪري چڏيندو خبردار هوشيار رهو ته هي رنگين دنيا توهان کي پنهنجي عالي انساني هدف کان پري نه ڪري ڇڏي ۽ توهان نا حق کي حق نه سمجھي ويهو انسان کي پيدا ڪرڻ جو مقصد الله سائين جي عبادت ڪرڻ ۽ عبوديت جي مرتبي تائين پهچڻ آهي اهو تڏهن ٿيندو جڏهن ولايت جي رتبي جي سڃاڻ ٿيندي ۽ معارف الٰهي کي حاصل ڪري ان مان فائدو حاصل ڪريون جيڪو الله سان ويجھڙائيءَ جو نتيجو آهي يقين ڪريو ته عبوديت جي مرتبي ۽ معارف کي حاصل ڪرڻ کان پوءِ اهلبيت جي حياتي ڏيندڙ مکتب ۽ خاص طور تي امام زمان جي خدمت ڪريو اها الله پاڪ سان ويجھڙائي جي ڀلي واٽ  آهي الله جو قرب حاصل ڪرڻ  لاءِ ان واٽ کي پنهنجو مقصد قرارڏيو ۽  ان تائين پهچڻ جي جاکوڙ ڪريو .

 

تا رشته  زندگى به  كف مى ‏باشد

اقبال تو  در  برج  شرف مى ‏باشد

عمر تو بود صدف دراين بحر وجود

درِّ صدف  عمر، هدف  مى ‏باشد

 

    دورو ڪريو : 2434
    اج جا مهمان : 48760
    ڪالھ جا مهمان : 72005
    ڪل مهمان : 129245938
    ڪل مهمان : 89762103