امام صادق عليه السلام : جيڪڏهن مان هن کي ڏسان ته (امام مهدي عليه السلام) ان جي پوري زندگي خدمت ڪيان هان.
فڪر جي اُڏام

فڪر جي اُڏام

انسان کي گھرجي ته هو وهم ۽ خيالن جي دنيا مان نڪري حقيقت کي منهن ڏئي حقائق هن دنيا ۾ انسان کي وهم ۽ گمان جي دنيا مان ڪڍي ڪري هڪ حقيقي ۽ واقعي مفڪر بڻائيندا آهن انهي ڪري حضرت عيسى فرمائن ٿا؛
عَوِّدْ قَلْبَكَ الْفِكْرَ (1)

پنهنجي دل کي سوچ ۽ فڪر جي عادت وجھو

فڪر ڪرڻ سان فڪر ۽ تمرڪز جي طاقت وڌي ويندي آهي ۽ جڏهن فڪر طاقتور ٿي وڃي ته وهم ۽ خيال ضعيف ٿي ويندا آهن ۽ وهم ۽ خيال جي ڪمزور ٿيڻ ۽ فڪر جي طاقتور ٿيڻ سان شيطان ۽ دين جي دشمنن جون گمراھ ڪندڙ تبليغون ڪمزور ٿي وينديون آهن ڇوته جنهن به انسان جي عادت، فڪر ڪرڻ هوندي اهو پنهنجي عقيدن ۽ معلومات جي بنياد ئي فڪر کي قرار ڏيندو .

مولا اميرالمنين جن فرمائن ٿا؛

لا عِلْمَ كَالتَّفَكُّرِ (2)

فڪر جھڙو ڪو به علم نه آهي۔

 انسان جي ذهن ۾ موجود قيمتي خزانن ۾ غور ۽ فڪر ڪرڻ ۽ انهن مان فائدو حاصل ڪرڻ بَرک ماڻهن جي وصفن منجھان هڪ وصف آهي، انهن جي فڪر جي اُڏام ۽ ڪائنات

۾ موجود شين جي سڃاڻ سان انهن جي ايمان ۽ يقين ۾ واڌ ٿيندي آهي انهيءَ ڪري انهن جي فڪر پکڙيل ۽ بي رونق نه آهي.پاڻ سڳورن مولا علي کي فرمايو؛

مِنْ صِفاتِ الْمُؤْمِنِ اَنْ يَكوُنَ جَوَّالَ الْفِكْرِ.  (3)

مومن جي صفتن منجهان هڪ صفت هيءَ آهي ته هو ڊگھي سوچ رکندو آهي

اهي فڪر جي اُڏام سان پنهنجي روح کي بلنديءَ تي وٺي ويندا آهن ۽ بلند هدف رکندا آهن ۽ ان کان پوءِ مضبوط ارادو ۽ قوي همت حاصل ڪندا آهن هو قوي ۽ مضبوط ارادي ۽فڪر سان پنهنجي مقدس اهداف ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ الله پاڪ کان مدد چاهيندا آهن

 


. 1بحارالانوار ص 329 تنبيھ الجواهر2/229

 .2بحارالانوار 29/409نهج البلاغه کلمات

  .3بحارالانوار 67/310

 

    دورو ڪريو : 2497
    اج جا مهمان : 34166
    ڪالھ جا مهمان : 72005
    ڪل مهمان : 129216752
    ڪل مهمان : 89732914