امام صادق عليه السلام : جيڪڏهن مان هن کي ڏسان ته (امام مهدي عليه السلام) ان جي پوري زندگي خدمت ڪيان هان.
فڪر جي اهميت جا ڪجھ راز

فڪر جي اهميت  جا ڪجھ راز

غور ۽ فڪر هن دنيا جي حقايق ڏانهن هڪ سڌي واٽ آهي جڏهن فڪر معنوي مسائل ۾ دوام پيدا ڪري ته اها انسان کي معنويت جي پاسي وٺي ويندي آهي فڪر هڪ سگھ آهي جنهن جو نالو جذب ڪرڻ جي سگھ آهي جيڪا فڪر ڪرڻ  واري شخص ۽ ان مسئلي جي وچ ۾ هڪ واسطو آهي جنهن مسئلي جي باري ۾ فڪر ڪئي ٿي وڃي انهيءَ سگھ جو وجود غور ۽ فڪر جي اهميت جي ڳجهن منجھان هڪ ڳُجھ آهي انهي سگھ جي مطابق جڏهن انسان چڱاين ۽ براين جي بابت سوچيندو آهي ته ان سگھ جي

ذريعي انسان هوريان هوريان انهن چڱاين کي پاڻ ڏانهن ڇڪيندو آهي جن بابت هو سوچيندو آهي.

اها هڪ اهڙي حقيقت آهي جنهنجي اهلبيت جي روايات ۾ وضاحت ٿئي آهي انهيءَ ڪري ئي پسنديده افڪار ۽ انسان جي دل جي پاگيزگي ان جي زينت ۽ انسان جي اندر جي نورانيت جو ڪارڻ آهن جھڙي طرح ناپسنديده ۽ بري فڪر انسان جي دل ۾ اوند اهي پيدا ڪندي آهي حضرت اميرالمنين عليه السلام خطبه وسيله ۾ فرمائن ٿا ؛

اَلْفِكْرُ تُورِثُ نُوراً وَالْغَفْلَةُ ظُلْمَةً (1)

سوچ ۽ فڪر نورانيت کي ۽ غفلت اونداهي کي پيدا ڪندو آهي جيڪڏهن حق ۽ ڪمال جي ڳولا ڪرڻ لاءِ فڪر ڪئي وڃي ته پوءِ اها فڪر حقيقت کي کولي ظاهر ڪندي آهي ۽ فڪر ڪرڻ واري لاءِ هن ڪائنات جي واقعيت کي بيان ڪندي آهي اها پنهنجو پاڻ نورايت ۽ پاڪيزگي کي ايجاد ڪندي آهي پر انهن حقيقتن کان غافل رهڻ جي صورت ۾اها غفلت اونداهيءَ  ۾ ڌڪاري ڇڏيندي آهي.

انسان جي دل ۾ غور ۽ فڪر  ڪرڻ ڪري پيدا ٿيڻ واريون گھڻيون تبديليون ان کي عمل لاءِ تيار ڪنديون آهن انهيءَ ڪري فڪر ڪرڻ قوت عامله کي به ايجاد ڪري ٿي بس فڪر انسان کي نه رڳو مورد تفڪر مسئلن کي انجام ڏيڻ لاءِ تيار ٿي ڪري بلڪه فڪر جي دوام ۽ همشگي جي ڪري انسان

۾ قوت عامله به ايجاد ڪري ٿي ۽ ان کي عمل ڏانهن ڇڪيندي آهي ته جيئن سوچ ۽ فڪر عملي طرح ظاهر ٿئي.

حضرت امام صادق فرمائن ٿا؛

التَّفَكُّرُ يَدْعُو اِلَى الْبِرِّ وَالْعَمَلِ بِهِ (2)

فڪر ڪرڻ انسان  کي چڱاين ڏانهن ۽ چڱاين تي عمل ڪرڻ جي دعوت ڏئي ٿو

 انسان جي تخليق ۽ پيدائش جي ڳُجھ ۽ ان جي پڄاڻيءَ بابت سوچڻ انسان کي چڱائيءَ ۽ عبوديت ۽ بندگي جو مقام عطا ڪري ٿو

توهان پنهنجي فڪر جي ذريعي مقام عبوديت ۽ پنهنجي وجود ۾ لِڪَل عظيم سگھ کي جاڳائي مقام فعليت ۾ آڻي سگھو ٿا.

 


(1)  تحف العقول93

(2)  بحارالانوار71/322 اصول ڪافي 2/55

 

 

    دورو ڪريو : 2437
    اج جا مهمان : 43636
    ڪالھ جا مهمان : 72005
    ڪل مهمان : 129235689
    ڪل مهمان : 89751854