امام صادق عليه السلام : جيڪڏهن مان هن کي ڏسان ته (امام مهدي عليه السلام) ان جي پوري زندگي خدمت ڪيان هان.
فڪر جي اهميت

فڪر جي اهميت

هر انسان جي ذهن ۾ اهڙا خزانه ۽ قيمتي گوهر موجود هوندا آهن جن کي هو سوچ ۽ فڪر جي ذريعي حاصل ڪري سگھندو آهي پر ڏک جي ڳالھ آهي جو ڪجھ ماڻهو پنهنجي اندر ۾ موجود انهن قيمتي ۽ اڻلڀ خزانن مان فائدو حاصل ڪرڻ بدران مٽيءَ ۾ لڪل مال ۽ خزانن جي ڳولا ۾ نڪري پوندا آهن.

جيڪڏهن انهن ماڻهن کي اها خبر پئجي وڃي ته الله پاڪ زمين ۾ دفن ٿيل خزانن کان وڌيڪ خزانا انهن جي وجود ۾ رکيا آهن ته هو ڪڏهن به پنهنجي عمر کي مٽيءَ  ۾ اڏائڻ ۾ ضايع نه ڪندا اُهي ماڻهو مال ۽ دولت حاصل ڪرڻ  لاءِ زمين کوٽيندا آهن ۽ ٽوٻا درياهن ۽ سمنڊن جي تھ ۾ موجود جواهرن کي حاصل ڪراڻ لاءِ ٽُٻي هڻندا آهن جڏهن  ته مومن ۽ نيڪ ماڻهو حقيقي خزاني کي حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجي فڪر جي گھري سمند ۾ غوطه ور ٿيندا آهن.

مولا علي عليه السلام جن نهج البلاغه ۾ فرمائن ٿا؛

''الْمُؤْمِنُ مَغْمُورٌ بِفِكْرَتِهِ'' ( ١)

مومن پنهنجي فڪر ۾ ٻُڏل هوندو آهي.

مومن پنهنجي فڪر جي درياءَ مان اهڙا قيمتي گوهر حاصل ڪندو آهي جو سون ۽ چانديءَ جھڙا مادي خزانه ان جو مقابلو نٿا ڪري سگھن اُهو پنهنجي افڪار جي ذريعي اهڙا قيمتي گوهر حاصل ڪندو آهي جيڪي هميشه لاءِ هوندا آهن جن جي واقعي قيمت آخرت ۾ اهميت جو سبب ٿيندي آهي.
افڪار ۾ ٻُڏي وڃڻ روح کي تقويت ڏيندو آهي ۽ لڪيل خزانن کي حاصل ڪرڻ لاءِ روح کي تيار ڪندو آهي. سوچ ۽ فڪر جي ذريعي اوهان جي روح ۽ نفس جي پرورش ٿيندي آهي جھڙيءَ ريت جسماني ورزش جسم جي پرورش جو سبب ٿيندي آهي ائين ئي مثبت سوچ ۽ فڪر انسان جي روح ۽ نفس کي طاقت ڏيندي آهي ڇو ته فڪر ڪرڻ انسان لاءِ هڪ قسم جي سکيا آهي فڪر ڪرڻ سان انسان جا باطني حالات قوي ٿيندا آهن ۽ انسان جي روح جي قدرت ظاهر ٿيندي آهي ڇو ته فڪر روح جي کمال ۽ پروش جو سبب ٿيندي آهي .

 


1. نهج البلاغه کلمات قصار 335

    دورو ڪريو : 2438
    اج جا مهمان : 64368
    ڪالھ جا مهمان : 72005
    ڪل مهمان : 129277153
    ڪل مهمان : 89793319