امام صادق عليه السلام : جيڪڏهن مان هن کي ڏسان ته (امام مهدي عليه السلام) ان جي پوري زندگي خدمت ڪيان هان.
مرحوم شيخ انصاري امام زمانه (ارواحنا فداه) جي پاڪ در تي

مرحوم شيخ انصاري  امام زمانه (ارواحنا فداه) جي  پاڪ در تي

دلين کي نوراني ڪندڙ واقعو، دنيا تشيع جي ان با فضيلت شخص جو ذڪر آهي ، جنهن ظاهري ۽ باطني طورتي غَيبي مدد ۽ طاقت سان دين حنيف جي حفاظت ڪئي آهي.

مرحوم شيخ انصاري جي شاگرد ، سائين جي امام زمانه(ارواحنافده)سان رابطي ۽ سائين جن جي مولا جي خدمت ۾ شرف ياب ٿيڻ کي هن ريت بيان ڪيو آهي،:                 

هڪ دفعي مولا حسين جي زيارت جي نيت سان ڪربلا معلى پُهتس ، انهن ڏينهن ۾ هڪ رات،اڌ رات مهل حمام وڃڻ لاءِ گھران ٻاهر آيس. ڇو جو گھٽين ۾ ڪِن ڪچرو گھڻو هو ان ڪري هڪڙي بتي به پاڻ سان کڻي نڪتس ، انهيءَ جي روشني تي هلندو آيس ، پري کان هڪ شخص نظر آيو، مان ائين محسوس ڪيو جيئن شيخ انصاري هجي. جيئن اڳتي ويس ته پڪ ٿي ته سائين پاڻ آهن، مون سوچيو ته خدايا سائين هن رات جي اونداهي ۾ (جڏهن ته سائين جون اکيون به ڪمزو هيون) ڪِن ڪچري وارين گھٽين ۾ ڪيڏانهن وڃي رهيو آهي. مون دل ئي دل ۾ خيال ڪيو ته متان ڪو شخص سائين کي نقصان پهچائي ،ان ڪري مان سائين جي پٺيان آهستي آهستي هلڻ لڳس ، ڪجھ دير هلڻ کان پوءِ ، سائين هڪ ويران ۽ پُراڻي جاء تي پهتا، پوري خلوص سان زيارت جامعه پڙهڻ لڳا. زيارت پوري ٿيڻ کان پوءِ سائين ان جاء ۾ اندر داخل ٿيا، ان کان پوءِ مان ڪجھ به نه ڏٺو، ليڪن سائين جو آواز اچي رهيو هو. ائين محسوس ٿيو ته سائين جن ڪنهن سان گفتگو ڪري رهيا آهن. مان اتان کان واپس حمام هليو ويس ۽

ان کان پوءِ حرم پاڪ ويس جتي مان سائين کي ڏٺو.

سفر کان واپس اچي نجف اشرف ۾سائين جي خدمت ۾ حاضر ٿيس، ۽ ان رات واري واقعوبيان ڪيو، ۽ تفصيل جي درخواست ڪئي ، پهريان ته سائين جن انهيءَ ڳالهه کان انڪار ڪيو، ليڪن گھڻي ئي اسرار کان پوءِ سائين جن فرمايو : جڏهن مولا جي زيارت جي لاءِ دل چاهيندي آهي، ته مان انهي دروازي تي هليو ويندو آهيان .جنهن کي هاڻ ڪڏهن به تون ڪونه ڏسي سگھندين . زيارت جامعه پڙهڻ کان پوءِ اجازت گھرندو آهيان. اگر اجازت ملي وڃي ته پوءِ مولا جي خدمت ۾ شرف ياب ٿيندو آهيان، ۽ جيڪي ضروري مسئلا هوندا آهن ، انهن جي متعلق مولا کان پڇا ڪندو آهيان.                          

ٻُڌ ، جيتري تائين آءُ زنده آهيان هن ڳالهه کي لڪائي رکجان ڪڏهن به ڪنهن جي اڳيان بيان نه ڪجان. (13)     

اهڙيون ٻيون به بزرگ شخصيتون آهن جن امام (عج)سان ڪيترا  ئي ڀيرا ملاقات ڪئي آهي ، ۽ پاڻ کي مولا امام زمانه(ارواحنا فداه)جي ظهور لاءِ تيار ڪيو اٿن. اهي انهن ماڻهو وانگر ڪونهن جيڪي ظهور جي زماني ۾ قرآن جي آيتن جي تفسير ۽ وضاحت به ڪندا  آهن ۽ مولا سان جنگ لاءِ پڻ تيار ٿيندا هجن.                                                         

(ان باري ۾ هڪ فارسي شعر پيش آهي)

ڪليد گنج سعادت فتد به دست ڪسي    

ڪه نخل هستي او را بود برِهنري

چو مستعد نظر نيستي ، وصال مجوي

  ڪه جام جم ندهد سود ، وقت بي بصري

 

 


(13) زندگي وشخصيت شيخ انصاري ص 106

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

    دورو ڪريو : 11070
    اج جا مهمان : 13569
    ڪالھ جا مهمان : 23197
    ڪل مهمان : 128890814
    ڪل مهمان : 89535388