امام صادق عليه السلام : جيڪڏهن مان هن کي ڏسان ته (امام مهدي عليه السلام) ان جي پوري زندگي خدمت ڪيان هان.
(2) روح جو بلند مرتبي تي پهچڻ

(2) روح جو بلند مرتبي تي پهچڻ

انسان، انتظار جي آخري مرحلي تي پهچڻ سان گڏوگڏ ڪجھ حد تائين امام زمانه(ارواحنافداه) جي ظهور واري زماني جي ماڻهن جي حالتن کان ڄاڻ حاصل ڪري، ۽ انتظار جي اميد سان ، پاڻ کي نااميدي ۽ تباهي کان بچائي سگھي ٿو.                                                            

هن باري ۾ مولا امام جعفر صادق (ع) پنهنجي پاڪ آباءُ و اجداد کان مولا امير المؤمنين علي (ع) جي روايت نقل ڪئي آهي . جنهن ۾ مولا علي(ع) فرمايو:”اَفْضَلُ عِبٰادَةِ المُؤمِنِ اِنْتِظٰارُ فَرَجِ اللهِ“ (10)  

 مؤمن جي بهترين عبادت اها آهي ته خدا طرفان فرج (ظهو امام زمانه عج) جوانتظار ڪندو هجي.

ان بنياد تي انسان انتظار ڪندي ، ظهور امام زمانه (اروحنافداه) جي اثرن ما ڪجھ اثر پاڻ ۾ پيدا ڪري سگھي ٿو.ان مطلب جي وضاحت مولا امام سجاد (ع) جي حديث سان ٿئي ٿي .

  عَن ابي خٰالِدِ الڪٰابُلي عَن عَليّ بنِ الحُسَينِ(ع) ، تَمتَدُ الغَيبَتُ بِوَلِيّ اللهِ الثٰاني عَشَرَ مِن اَوصيٰاءِ رَسُولِ اللهِ(ع) وَالائمّةِ بَعدِهِ ، يٰا ابٰاخٰالد ، انّ اهلَ زَمٰانِ غَيبَتِہِ ، القٰائلُونَ بِامٰامَتِہِ ، المُنتَظِرُونَ لِظُهُورِهِ ، افضَلُ اهلِ ڪُلِّ زَمٰان ، لِانَّ اللهَ تَعٰالى ذِڪرُهُ اعطٰاهُم مِن العُقُولِ وَالافهٰامِ وَالمَعرِفَتِ مٰاصٰارت بِہِ الغَيْبَةُ عِنْدَهُم بِمَنْزِلَةِ المُشٰاهَدَةِ ،وَجَعَلَهُمْ فِي ذٰالِڪَ الزَمٰانِ بِمَنْزِلَةِ المُجٰاهِدِينَ 

 بَيْنَ يَدَيْ رَسُولِ اللهِ بِالسَّيْفِ .                                      

ُولٰئِڪَ المُخْلِصُونَ حَقاً ، وَ شيْعَتُنٰا صِدْقاً ، وَالدُعٰاةُ الى دينِ اللهِ سِراً وَ جَهْراً ، وَقٰالَ(ع) : اِنْتِظٰارُ الفَرَجِ مِنْ أعْظَمِ الفَرَجِ “ (11) 

   ” ابو خالد ڪابلي ،مولا امام علي بن حسين(ع) کان نقل ڪري ٿو، مولا فرمايو: خدا جو ولي جيڪو پيغمبر خدا جي وصين منجھان ٻارهون  (وصي) ۽ سندن کان پوءِ آئمہ  منجھان آهي .ان جي غَيبت طولاني هوندي.                           

 اي ابو خالد ، بي شڪ جيڪي ماڻهو ان جي غيبت واري زماني ۾ هوندا ۽ سندن جي ظهور جا منتظر هوندا، اهي هر زماني  جي ماڻهن کان افضل آهن. ان ڪري جو خدا وند ڪريم انهن ماڻهن کي ايتري عقل، سجھ۽معرفت عنايت ڪندو جو انهن وٽ غَيبت ،ڏسڻ وانگر هوندي ، ۽ انهن کي ان زماني ۾ انهن مجاهدن وانگر قرار ڏيندو جن پيغمبر خدا سان گڏ الله جي دشمنن سان جنگ ڪئي هجي، حقيقت ۾ اهي ئي خلوص وارا آهن۽ اسان جا سچا شيعه آهن.انسانن کي ظاهر۽ باطن ۾ دين خدا ڏانهن دعوت ڏيندا آهن.ان کان پوءِ مولا فرمايو: فرج جي لاءِ انتظارڪرڻ عظيم ترين فرج آهي.               

(ان باري ۾ هڪ فارسي شعر پيش آهي)

دوست نزديڪ تر از من به من است

وين عجبتر ڪه من از وي دورم

اين سخن باڪه توان گفت ڪه دوست

در ڪنار من و من مهجورم

سچا انتظار ڪرڻ وارا ، جيڪي انتظار جي رستي تي ڪمال تائين پهتا آهن ،پاڻ کا خدا جي غَيبي حڪومت کي پوري دنيا تي قائم۽ حاڪم ڪرڻ لاءِ تياري ڪري رهيا

آهن.غَيبت جي زماني ۾ ڪجھ ظهور جي زماني جي افرادن جي خصوصيتن تائين (جئين : دل جو پاڪ ڪرڻ وغيره)تائين پهچي ويندا آهن. اهڙي طرح جو غَيبت جو زمانو انهن جي لاءِ ڏينهن جي روشنائي جيان روشن ٿي ويندي آهي.اگر انتظار انهن جي دلن ۾ اهڙي قسم جو اثر نه ڪري ته پوءِ ڪيئن فرجِ اعظم جو انتطار فرج ٿيندو؟                      

اهي انسان انتظار جي حالت سان گڏوگڏ ، غَيبت ۽ ظهور جي وچ ۾ واسطو قائم ڪري، ان زماني جي ڪجھ حالتن کي غَيبت جي زماني ۾ به حاصل ڪندا آهن.(12)                               

 


(10) بحارالانوار ج 53 ص 131 _

(11) بحارالانوار ج 52 ص 122 _ 

(12) تمام گھٽ ماڻهن جيتوڻيڪ مرحوم بحرالعلوم ۽ شيخ  مرتضى انصاري جھڙين شخصيتن ان مقام کي حاصل ڪيو آهي.

 

    دورو ڪريو : 11111
    اج جا مهمان : 5053
    ڪالھ جا مهمان : 23197
    ڪل مهمان : 128873786
    ڪل مهمان : 89526872