امام صادق عليه السلام : جيڪڏهن مان هن کي ڏسان ته (امام مهدي عليه السلام) ان جي پوري زندگي خدمت ڪيان هان.
ڪاميابين جي ڪُنجي ۽ محروميت جا سبب

ڪاميابين جي ڪُنجي ۽ محروميت جا سبب

ممڪن آهي سوال ٿئي ته ڪيئن شيخ  جڏهن چاهي اجازت حاصل ڪري مولا جي گھر ۾ داخل ٿئي ۽ پنهنجي مولا سان گفتگو ڪندا هئا، انهن ڪيئن ان مرتبي کي حاصل ڪيو ؟

جڏهن ته سندن شاگرد به امام زمانه(ارواحنافداه)جي نوراني گھر جي زيارت ڪئي، پر انهن کي اهو فخر حاصل نه ٿيو، ان ڪري شيخ پنهنجي شاگرد کي فرمايو ته:

 تون هن کان پوءِ ان نوراني گھر کي ڏسي نه سگھندين. هيءُ سوال تمام اهم آهي ، جنهن جو جواب ڏيڻ به ضروري آهي. افسوس جي ڳالهه اها آهي ته ڪجھ ماڻهن ان سوالن کان اڳ ئي تيار ٿيل جواب پاڻ وٽ حاضر رکندا آهن. مد مقابل کي جلدي سان جواب ڏئي ڇڏيندا آهن : ته خدا تعالى جي(نعوذباالله) مرضي ائين هوندي، خدا جي ڪجھ ماڻهن سان  پهنجائپ اٿس. ۽ ان جو ڪنهن قسم سان عملن يا  دعا سان واسطو ڪونه آهي.      

اهڙي طرح سان جواب ڏئي صرف انسان پنهنجي جان ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. ان ڪري جو اهو جواب ڪنهن کي به قائل ڪونه ٿو ڪري، ۽ نه وري ان سان ڪنهن جي راهنمائي ٿي ڪري سگھجي. هاڻ اسان ان جو جواب خاندان وحي جي فرمانن جي روشني ۾ ڏيڻ چاهيندا سين:            

خدا وند عالم تمام انسانن کي روحاني ڪمال ۽ معنويت جي بلندين تي پهچڻ جو حڪم ڪيو آهي. انهي عام دعوت ڪري جيڪو به ان رستي تي قدم کڻندو ، ان جو خدا انهي کي اجر ۽ صلوضرور عطا ڪندو، جھڙي ريت ميزبان مهمانن جي دعوت ڪندو آهي ۽ سڀني جي گڏ ٿيڻ کان پوءِ  انهن جي خدمت ۾ مهماني پيش ڪندو آهي. اهڙي ريت خالق به سڀني انسانن لاءِ بلندين ۽ ڪمال تي پهچڻ جا رستا انسان اندر رکيا اٿس. جنهن کي خدا وند عالم قرآن پاڪ ۾ صاف الفاظ ۾ بيان فرمايو آهي ،                                

” وَالذِّينَ جَاهَدُوا فِينٰا لَنَهْدِيَنَّهُمّ سُبُلَنٰا“ (14)

  ”جيڪو به اسان جي رستي تي هلڻ جي ڪوشش ڪندو اسان يَقيناً ان کي سڌي رستي جي هديت ڪنداسين“

هاڻ مهمانن جو ڪم آهي ته اهي ، خدا جي دعوت جوسهڻي نموني جواب ڏين، ۽ معنوي بلندين ۽ روحاني ڪمال تائين پهچڻ لاءِ قدم کڻن. اها يقيني ڳالهه آهي ته انسان ۾ معنوي بلندين تي پهچڻ جي سگھ موجود آهي. انسان اندر خالق ان سگھ کي رکيو آهي ، پر افسوس جو انسان ان طاقت کان فائدو ڪونٿو وٺي. جھڙي ريت بي سمجھ مالدار ماڻهوصرف پنهنجي بئنڪ اڪاؤنٽ ڀرڻ جي سوچ ۾ هوندا آهن ۽ پنهنجي ڪم ۾ خوش هوندا آهن ۽ اهڙا ماڻهو ڪڏهن به انهي مال ۽ ڌن مان فائدو ڪونه کڻندا آهن،پر  ڪاميابي لاءِ ضروري آهي، ته انسان پنهنجي پوري طاقت ۽ سگھ کان ڪم وٺي ۽ پنهنجي گھاٽي ۽ نقصان کي پورو ڪري، تڏهن ئي پنهنجي عظيم مقصدن تائين پهچي سگھندو. ڪيترائي انسان آهن جيڪي روحاني ۽ معنوي ڪمال تائين پهچڻ جي تمام گھڻي سگھ رکن ٿا،پر ان ڳالهين سان انهن جو ڪوبه لاڳاپو نه هئڻ ڪري انهن طاقتن ۽ قوتن کان فائدو وٺي نه ٿا سگھن ۽ هن دنيا کان لاڏاڻو ڪري ويندا آهن.                                           

جھڙي ريت اڳئين زماني ۾، ملڪيت وارا ماڻهون پنهنجي مال ۽ ڌن کي بچائڻ (حفاظت)لاءِ مال زمين ۾ دفن ڪري ڇڏيندا هئا ۽ ان مان نه پاڻ ۽ نه وري انهن جي اولاد فائدو کڻي سگھندي هئي.                                          

پر اها ڳالهه واضح ٿيڻ کپي ته هن زماني جا ڪجهه ماڻهو جيڪي تمام گھڻي معنوي ۽ روحاني سگھ رکن ٿا، انهن ڪيئن ان طاقت کي حاصل ڪيو ؟                   

ان باري ۾ شيعا عالم دين مرحوم حر عاملي جي گفتگو کي اوهان جي اڳيان پيش ڪيون ٿا ، پاڻ فرمائين ٿا :       

هڪ ڳالهه واضح آهي ته ڏسڻ ۽ ٻڌڻ ۽ ٻيا اهڙا ڪم ،جن جو سنئون سڌو واسطو اک يا ڪَن سان هجي ، حقيقت ۾ اهو ڪم اک يا ڪَن جو ڪونهي، بلڪه اهي ٻئي شيون روح لاءِ وسيلو آهن، روح انهن جي ذريعي سان ڏسي ۽ ٻڌي ٿي، ڇاڪاڻ جو روح جي طاقت محدود آهي. ان ڪري ان جو ڏسڻ ۽ ٻڌڻ فقط انهن مادي شين تائين محدود آهي. 

اهوئي سبب آهي جو روح صرف مادي شين کي ڏسي سگھي ٿي ۽ روحاني ڳالهين کي سمجھي ڪونه ٿو سگھي.

پر اگر انسان پنهنجي روحاني طاقت کي وڌائي( جنهن جو طريقو هي آهي ته فرائض کي سهڻي نموني انجام ڏئي، حرام کان پاسو ڪري ۽ خدا جي قريب ٿئي.) تڏهن هو انهن مادي شين کان وڌيڪ فائدو کڻي سگھندو، ۽ هن ۾ اها سگھ ۽طاقت پڻ پيدا ٿي ويندي. ان کان پوءِ انسان انهن اکين سان انهن شين کي ڏسي سگھندو جن کي ٻيا ڪونه ٿا ڏسي سگھن. اها طاقت ۽ سگھ ماڻهن جي لحاظ سان مختلف هوندي آهي،جهڙي ريت قرب خداوندي ۾ ماڻهو برابر ناهن هوندا. جيڪو به الله پاڪ جي عبادت ڪندو اهو وڌيڪ ويجھو ٿيندو، ۽ ان جو روح ۽ معنوي حالت به مضبوط ۽ سگھاري ٿي ويندي. ان ڳالهين ۾ جن کي ٻيا انسان اک ۽ ڪَن سان ٻڌي يا ڏسي يا سمجھي ڪونه ٿا سگھن انهن ۾ هن جي طاقت ۽ قوت گھڻي هوندي جنهن ذريعي سان اهو انهن کي سهڻي نموني ڏسي ۽ سمجھي سگھي ٿو. (15)هن بيان مان اهو واضح ٿي ويو ته ڪهڙي طرح شيخ انصاري جھڙي عظيم شخصيتن ان مان واري مقام ۽ نعمت کي حاصل ڪيو آهي. جڏهن ته ٻيا انسان ان درجي ۽ مقام کي حاصل ڪري نه سگھيا آهن. جنهن ڪري انهن جون اکيون ان مسئلن کي ڏسڻ يا سمجھڻ کان عاجز آهن.                             

حقيقت ۾ انتظار جي صحيح معنى کي حاصل ڪرڻ  ئي انهن شين کي انسان لاءِ تحفو آڻيندي آهي.

ديده باطن چو بينا مي شود

آنچه پنهان است پيدا مي شود

اهي انسان جيڪي امام زمانه(ارواحنافداه)جي انتظار واري راه ۾ پنهنجي جان جو ڏيئو ٻاري ، پنهنجي تربيت ڪئي اٿن ، اهڙي انسانن پنهنجي نفساني خواهشن کان پري ٿي  روحاني طاقت ذريعي پنهنجي نفس تي ڪنٽرول ڪري، نفساني خواهشن کان پري ٿي ويندا آهن .                      

پوءِ نفساني خواهشن ۾ اها طاقت نه رهندي آهي ، جو انهن کي پاڻ ڏانهن ڇڪي سگھن. جيئن فضا ۾ موڪليل راڪٽ جڏهن زمين جي حد کان ٻاهر نڪري ويندو آهي، ته پوءِ ان کي زمين جي ڪشش (ڳورائپ) پاڻ ڏانهن ڇڪي نه سگھندي آهي . اگر اوهان به زماني جي گذرڻ سان ايتري حد تائين نفساني خواهشن کان پاڻ کي پري ڪري ڇڏيو جو نفساني خواهشن

جي حد کان ٻاهر نڪري وڃو،ان حالت ۾ نفساني ڪشش ۽ جذابيت ۽ شيطاني وسوسا اوهان تي ڪو اثر نه ڪري سگھندا.حضرت سلمان (فارسي) ۽ اهل بيت جا ٻيا صحابي ائين ئي هئا. اهي نفساني خواهشن جي دائري کان ٻاهر ۽ ماديات جي قيد کان آزاد ٿي چڪا هئا. ان ڪري انهن جو رابطو عالم غَيب سان هوندو هو، اها قدرت ۽ طاقت جيڪا حضرت سلمان وٽ هئي، ان جو سبب اهو هو ته هو پنهنجي نفس جي قيد کان ٻاهر نڪري نفساني خواهشن کي ختم ڪري چڪو هو ۽ پنهنجي ارادي ۽ خواهشن تي حضرت مولا امير المؤمنين (ع) جي ارادن کي رکي ڇڏيو هئائين. اهوئي سبب هو جنهن جي ڪري حضرت سلمان پنهنجي  لڪل قدرت ۽ طاقت کان فائدو کڻندا هئا.   

 


(14) سوره عنڪبوت آيت 69

 (15) الفوائد الطوسيه تاليف مرحوم حر عاملي  ص 82

 

 

 

 

    دورو ڪريو : 11128
    اج جا مهمان : 5976
    ڪالھ جا مهمان : 23196
    ڪل مهمان : 127607085
    ڪل مهمان : 88875561