امام صادق عليه السلام : جيڪڏهن مان هن کي ڏسان ته (امام مهدي عليه السلام) ان جي پوري زندگي خدمت ڪيان هان.
2_ دعا ۽الله پاڪ سان راز۽ نياز :

2_ دعا ۽الله پاڪ سان راز۽ نياز :

الله جي بارگاه ۾ دعا ڪرڻ سان اسان جي  اندر ۾ يقين پيدا ٿئي ٿو۔                                   

مولا امير عليه السلام معروفه نالي هڪ خطبي ۾ فرمائن ٿا:

عِبادَ اللَّهِ سَلُوا اللَّهَ الْيَقينَ[1].

اي الله جا ٻانهو الله پاڪ کان سوال ڪريو  تہ توهان کان يقين عطا ڪري .

اهڙيءَ ريت  اسان کي يقين پيدا ڪرڻ  ۽ ان کي وڌائڻ لاٰءِ  الله کان يقين جي حاصل ٿيڻ جي دعا گهرڻ گهرجي  ڇو تہ دعا بہ يقين حاصل ڪرڻ جي ذريعن مان هڪ آهي

خاندان عصمت پنهنجي فرمانن ۾ يقين جي جيڪا  ڪيفيت ۽ حالت بيان ڪئي آهي  اها بہ   اسان جي رهنمائيءَ جي ڪري  آهي

جڏهن انسان هر وقت موت ۽ هلاڪت جي خوف ۾ هجي تہ ٿي سگهي ٿو تہ هو پنهنجو يقين وڃائي ويهي. ۽ ان جو ايمان ۽ يقين ڪمزور  ٿي وڃي  انهيءَ ڪري اهلبيت  عليهمم السلام  اسان کي سچو يقين حاصل ڪرڻ لاءِ دعا ارشاد فرمائي آهي تہ صالح ۽ متقي ٻانها دعا جي ذريعي سچي يقين تائين پهچي سگهن ٿا .

جيڪو انسان شڪ ۽ وسوسي کان ڇوٽڪارو حاصل ڪري اهو ان  انسان جهڙو آهي جيڪو ڪفر کان پوءِ ٻيهر زنده ٿئي ۽ ڪفر جي اونداهيءَ مان  نڪري نور جي دنيا ۾ پير رکي  الله پاڪ قرآن مجيد ۾ ارشاد فرمائي ٿو؛

اَوَ مَنْ كانَ مَيِّتاً فَاَحْيَيْناهُ وَجَعَلْنا لَهُ نُوراً يَمْشي بِهِ فِي النَّاسِ‏كَمَنْ مَثَلُهُ فِي الظُلُماتِ لَيْسَ بِخارِجٍ مِنْها[2].

ڇا اهوماڻهو جيڪو مري ويو هو پوءِ اسان ان کي زنده ڪيو سين.؟ ۽ هن کي نور ڏنو سين جنهن جي ذريعي ماڻهن جي درميان  ۾ هلندو آهي ان جي مثال ان شخص وانگر ٿي سگهي ٿي جيڪو اونداهين ۾ هجي ۽ ان اونداهين مان نڪري بہ نہ سگهندو هجي.

هيءَ آيت انهن ماڻهن لاءِ هڪ مثال آهي جيڪي شڪ ۽ ترديد  جي اونداهيءَ مان نڪري ڪري دلين کي زنده ڪرڻ  واري يقين جي دنيا ۾ داخل ٿيندا آهن ڇا اهڙا ماڻهو انهن وانگر آهن جيڪي اڃان تائين شڪ ۽ ترديد  جي اونداهيءَ ۾ گرفتار ٿيا هجن جهڙيءَ طرح شڪ دلين کي  ڪارو ڪندو آهي اهڙيءَ طرح يقين دلين کي نوراني ڪندو آهي بلڪہ انهن ماڻهن جي دل وڌيڪ نوراني هوندي آهي جيڪي يقين تي پهچي چڪا هوندا هجن

حضرت امام باقر عليه السلام جن فرمائن ٿا:

لا نُورَ كَنُورِ الْيَقينِ[3].

ڪو بہ نور يقين جي نور جهڙو نہ آهي.

جن ماڻهن کي شڪ ۽ ترديد  گهيريو ويٺو آهي ڇا اهي انهن ماڻهن وانگر آهن جن جي دلين جي چوڌاري يقين جو نور آهي.؟

جنهن انسان پنهنجي اندر ۾ موجود صفتن کي  شڪ ۽ ترديد  جي ذريعي ختم ڪيو هجي ڇا اهو شخص ان ماڻهوءَ جهڙو آهي جنهن يقين جي نور سان دل کي پاڪ صاف ۽ روشن ڪيو هجي..؟

جيڪو هاڻي تازه زندگي ۽ قدرت جو مالڪ هجي دل کي يقين جي چمڪندڙ نور سان روشن ڪرڻ لاءِ الله پاڪ کان دعا ڪريو تہ پالڻهار اسان کي سچو يقين عطا فرماءِ  ڇو تہ جيڪڏهن يقين سچو ۽  مضبوط هوندو  تہ اهو هر قسم جي ڏکين امتحانن کي آسان ڪرڻ کان سواءِ اهو ان کي مضبوط بہ ڪري ٿو۽ ان جي سگهہ بہ وڌائي ٿو.

 سچو يقين فقط  ان ئي صورت ۾ ئي حاصل ٿي سگهي ٿو جڏهن اهو ڪنهن به قسم جوتزلزل  کي قبول نہ ڪري ۽ ان ۾ ڪنهن بہ قسم جو ضعف نہ هجي.  نماز ظهر جي تعقيبات ۾ امام صادق عليه السلام کان نقل ٿيل هڪ دعا ۾ آيو آهي ته الله پاڪ کان ڪهڙيءَ شيءِ جو سوال ڪيو وڃي ؟

اَسْأَلُكَ حَقايِقَ الْاِيمانِ وَصِدْقَ الْيَقينِ فِي الْمَواطِنِ كُلِّها[4].

 پالڻهار مان توکان هر جڳهہ تي ايمان ۽ سچي يقين جو سوال ڪريان ٿو.

امام صادق عليه السلام کان نقل ٿيل هن دعا جا الفاظ ان نڪتي کي بيان ڪري رهيا آهن تہ هر جڳه تي ايسيتائين جو مشڪل ترين مرحلي ۾ بہ مضبوط ۽ سچو يقين هجي  جنهن ۾ ڪنهن بہ قسم جو ضعف ۽ ڪمزوري نہ هجي يعني ڏکين حالتن ۽ مشڪل ترين مرحلن ۾ بہ  انسان مضبوط ترين يقين سان ثابت قدم رهي

اهڙي يقين تائين پهچڻ ۽ ان کي حاصل ڪرڻ آسان نہ آهي اهڙي يقين کي حاصل ڪرڻ لاءِ الله پاڪ جي آڏو دعا جا هٿ مٿي ڪرڻ گهرجن ڇو تہ سچو يقين الله پاڪ جي اوليائن جي صفتن مان هڪ صفت آهي

 


[1] . بحار الانوار :77 / 293

[2] . سوره انعام آيت 122

[3] بحار الانوار :78 / 165

[4]بحار الانوار ;69 / 194

 

 

    دورو ڪريو : 2719
    اج جا مهمان : 30386
    ڪالھ جا مهمان : 58112
    ڪل مهمان : 130207181
    ڪل مهمان : 90283919