امام صادق عليه السلام : جيڪڏهن مان هن کي ڏسان ته (امام مهدي عليه السلام) ان جي پوري زندگي خدمت ڪيان هان.
1_ ڄاڻ حاصل ڪرڻ :

1_ ڄاڻ حاصل ڪرڻ :

اهلبيت عصمت و طهارت عليهمم السلام جي ڪيترن ئي فرمانن ۾ يقين جي فضيلت  ۽ ان جي اهميت کي بيان ڪيو ويو آهي  هاڻي ذهن ۾ اهو سوال پيدا ٿي ٿو تہ ڪهڙيءَ ريت يقين جي منزل تي پهچي سگهجي ٿو ؟

ان سوال جو جواب بہ اهلبيت عليهمم السلام جي فرمانن ۾ موجود آهي.

يقين جي منزل ۽ ان جي مقام کي حاصل ڪرڻ لاءِ وڌيڪ سٺو طريقو ڄاڻ ۽ معرفت آهي انسان جڏهن الله پاڪ جي معرفتن مان فائدو وٺندو آهي تہ هو مضبوط عقيدي سان يقين جي منزل تي پهچي سگهي ٿو.

روايتن ۾ ان حقيقت جي وضاحت ٿي آهي معراج واري رات الله سائينءَ پاڻ سڳورن صلي لله عليه وآلہ وسلم کي فرمايو:

وَالْمَعْرِفَةُ تُورِثُ الْيَقينَ، فَاِذا اسْتَيْقَنَ الْعَبْدُ لايُبالي كَيْفَ اَصْبَحَ،بِعُسْرٍ اَمْ بِيُسْرٍ[1].

معرفت يقين جو سبب آهي پوءِ جڏهن انسان کي يقين حاصل ٿي وڃي  تہ ان کي ڪو خوف نہ هوندوآهي تہ رات ڪيئن ڱذري وئي ۽ ڪيئن صبح ٿي پوءِ ڀلي اهو سخطيءَ ۾ هجي يا آسانيءَ ۾.

اهڙيءَ ريت معلوم ٿيو تہ شڪ ۽ ترديد يقين جي نہ هجڻ جي ڪري پيدا ٿيندو آهي ان کي ختم ڪرڻ لاءِ پنهنجي اندر يقين جي حالت پيدا ڪريو ۽ يقين جي حالت پيدا ڪرڻ لاءِ معرفت ۽ ڄاڻ حاصل ڪريو  ڇو تہ اهلبيت عليهمم السلام جي معارف کي حاصل ڪرڻ سان ئي يقين جي وڏي مقام تي پهچي سگهجي ٿو.

 


[1]. بحار الانوار :77 / 27

 

    دورو ڪريو : 2509
    اج جا مهمان : 2801
    ڪالھ جا مهمان : 57650
    ڪل مهمان : 130267274
    ڪل مهمان : 90316784