امام صادق عليه السلام : جيڪڏهن مان هن کي ڏسان ته (امام مهدي عليه السلام) ان جي پوري زندگي خدمت ڪيان هان.
نفس جي اصلاح ڪرڻ ۽ اندر کي اجارڻ

نفس جي اصلاح ڪرڻ ۽ اندر کي اجارڻ

تهذيب نفس ۽ اصلاح جي ذريعي  انسان نفساني ۽ شيطاني خطرن کان نڪري ڪري  يقين جي دنيا تائين پهچي سگهي ٿو  ۽ ان آب حيات جي ذريعي  انسان  پهنجي دل ۽ جان کي زنده ڪري سگهي ٿو ڇو تہ يقين انسان کي ان اصلي منزل  ۽ اصلي هدف تائين پهچائيندو آهي  توهان پنهنجي نفس جي اصلاح ڪرڻ جي ذريعي پنهنجي يقين ۾ اضافو ڪري سگهو ٿا. ان کي وڌائي سگهو ٿا اها هڪ اهڙي حقيقت آهي  جنهنجي امام صادق عليه السلام وضاحت ڪئي آهي.

بِاِصْلاحِكُمْ اَنْفُسَكُمْ تَزْدادُوا يَقيناً وَتَرْبَحُوا نَفيساً ثَميناً، رَحِمَ اللَّهُ‏امْرَءً هَمَّ بِخَيْرٍ فَعَمِلَهُ اَوْ هَمَّ بِشَرٍّ فَارْتَدَعَ عَنْهُ، ثُمَّ قالَ: نَحْنُ نُؤَيِّدُالرُّوحَ بِالطَّاعِةِ للَّهِ وَالْعَمَلِ لَهُ[1].

پنهنجي نفس جي اصلاح جي ذريعي سان پنهنجي يقين کي وڌايو ۽ قيمتي منافعو حاصل ڪريو الله پاڪ ان ٻانهي تي رحم ڪري جيڪو  چڱي ڪم ڪرڻ جي همٿ ڪري  ۽ ان کي انجام ڏئي يا بري ڪم ڪرڻ جو ارادو ڪري پر پنهنجي پاڻ کي ان ڪم ڪرڻ کان روڪي پوءِ پاڻ فرمايائون اسين اهل بيت الله پاڪ جي اطاعت  ۽ ان جي لاءِ عمل ڪرڻ  جي ذريعي سان روح جي تائيد ڪندا آهيون  بس پوءِ نفس جي اصلاح جي ذريعي سان انسان جو يقين وڌندو آهي ڇو تہ يقين جو مخالف يعني شڪ شيطان جي وسوسي جي ڪري پيدا ٿيندو آهي  نفس جي اصلاح ڪرڻ سان ان جي ڳالهہ ۽ شيطان جي وسوسي کي  شڪست ٿيندي آهي.  اهلبيت عليهم السلام   جي ارشادات ۽ فرمانن مان هن قسم جو استفادو ٿي ٿو تہ يقين جي حالت ۽ اصلاح نفس جي حالت ۾ ملازمو آهي يعني نفس جي اصلاح ڪرڻ مان لازم اهو ٿو اچي تہ يقين جي حالت ۾ واڌ ٿيندي ۽ يقين وڌندو آهي ۽جڏهن مضبوط يقين موجود هوندو تہ نفس جي اصلاح ٿيندي .

بس نفس جي اصلاح جي ذريعي  توهان پنهنجي يقين کي وڌائي سگهو ٿا اهڙيءَ ريت يقين کي سگھہ ڏئي  توهان پنهنجي اندر ۽ نفس کي پاڪ ڪري سگهو ٿا  نفس کي پاڪ ڪرڻ ۽ يقين پيدا ڪرڻ کان پوءِ پنهنجي روحاني طاقت مان فائدو حاصل ڪريو.

جن ماڻهن مان ڪرامتون ۽ غير معمولي عمل ظاهر ٿيندا آهن  اهي يقين جي عظيم نعمت  سان نوازيل هوندا آهن  ان حقيقت لاءِ هڪ گواھ جي طور تي  اسان هڪ واقعو نقل ڪريون ٿا.

مرحوم شيخ اصفهاني کان نقل ٿيل آهي  انهن فرمايو تہ جڏهن آءُ حج جي سفر جي دوران حجاز ۾ داخل ٿيس  تہ مون وٽ پئسا ڪون هئا  مڪي ۾ ٽيڪس جي عنوان سان هر مسافر کان ڪجهہ پئسا وٺندا هئا ڪجهہ ماڻهو ٽيڪس جي ڊپ کان پئسا نہ پيا ڏيڻ چاهين  انهيءَ ڪري اسان مجبور ٿي جدي واري رستي  کان مڪي لاءِ نڪتا سين  رستي ۾  سرڪاري ماڻهو اسان جي مُنهن پئجي ويا ۽  انهن اسان کي چيوجيسيتائين ٽيڪس وٺڻ وارا نہ اچن تيسيتائين توهان اتي ئي بيهو  ۽ پئسا ڏيڻ کان پوءِ  اڳتي وڌو  نہ تہ توهان مڪي ۾ داخل نہ ٿا ٿي سگهو. سڀ ماڻهو کجيءَ جي وڻ جي  ڇانوَ ۾ ٽيڪس وٺڻ وارن جي انتظار ۾ و يهي رهيا اتي ويٺل سڀني ماڻهن  پئسا گڏ ڪيا ۽ مون کي بہ چيائون تہ توهان بہ پئسا ڏيو .

مون وراڻيو مون وٽ تہ پئسا ڪونه آهن هنن چئو جيڪڏهن تون اها لالچ ٿو رکين تہ اسان توکي پئسا ڏيندا سين تہ اهو غلط آهي اسان توکي پئسا ڪون ڏيندا سين ۽ جيڪڏهن پئسا نہ ڏيندي تہ خانہ ڪعبه ڏانهن نہ وڃي سگهندين مون انهن کي چيو تہ مونکي اوهان ۾ ڪا بہ لالچ نہ آهي خدا کان لالچ ٿو ڪريان جيڪو منهنجي مدد ڪندو انهن چيو تہ عربستان جي هن رڻ پَٽَ ۾ الله ڪٿان تنهنجي مدد ڪندو..؟

مون چيو تہ پاڻ سڳورن کان هڪ حديٽ نقل ٿيل آهي تہ جيڪو ماڻهن جي خدمت ڪندو ۽ ماڻهن کان ان جي ڪا قيمت نہ وٺندو الله پاڪ رڻ پَٽَ ۾ گرفتاريءَ جي حالت ۾ ان جي ائين ئي مدد ڪندو ۽ ان جي رڪاوٽن کي ختم ڪري ڇڏيندو .

هڪ ڪلاڪ کان پوءِ انهن ٻيهر مون کان ساڳيو سوال ڪيو ۽ مون ساڳيو جواب ڏنو  تہ هـُنن ٽوڪيندي چيو لڳي ٿو تہ مولوي صاحبَ ڀنگ پيتي آهي  جو اهڙيون ڳالهيون ٿو ڪري  نہ تہ هن رڻ پٽ ۾  اسان کان سواءِ ٻيو ڪير آهي جيڪو هن جي مدد ڪندو پر اسان بہ هن جي مدد ڪونه ڪندا سين ٿوري دير کان پوءِ پَري کان مٽي اُڏرندي نظر آئي  مون  انهن ما ڻهن کي چيو اها مون ڏانهن اچڻ واري ڀلائي آهي هو مون تي کلڻ لڳا ۽ ٽوڪڻ لڳا  ڪجهہ دير کان پوءِ ان ڌوڙ مان 2 گهوڙي سوار ظاهر ٿيا جيڪي گهوڙي کي هٿ سان ڇڪيون پيا اچن ۽ اهي منهنجي ويجهو آيا.

انهن مان هڪ چيوتہ هنن مان حسن علي اصفهاني ڪير آهيمنهنجي ساٿين مون ڏانهن اشارو ڪندي چيو تہ حسن علي اصفهاني هي آهي انهن چيو تہ شريف جي دعوت قبول ڪريو ۽ آءُ گهوڙي تي ويهي رهيس.

شريف ڏانهن وڃڻ لڳا سين  تہ جڏهن شريف مڪي ۾ داخل ٿيا سين تہ  مون ڏٺو تہ مرحوم شيخ فضل الله نوري مرحوم شيخ محمد جواد بيد آبادي جن بہ اُتي موجود هئا  مڪي جي شريف جي ڪا حاجت هئي جيڪا مون الله پاڪ جي مدد سان حل ڪري ڇڏي هئي  مون کي پوءِ خبر پئي تہ مڪي جي شريف پهرين پنهنجي حاجت مرحوم شيخ فضل الله نوري جي خدمت ۾ عرض ڪئي پر شيخ فضل الله انهن کي چيو تہ توهان جي حا جت فلاڻو ماڻهو ئي حل ڪري سگهي ٿو توهان پنهنجي ماڻهن کي حکم ڏيو تہ  هن کي ڳولهي هتي آڻين ۽ يقينا هو  رستي ۾ آهي انهيءَ ڪري مڪي جي شريف  اهو حڪم ڏنو تہ ماڻهن کي حڪم ڏيو تہ  ننڍن وڏن رستن تي هُن کي ڳولهيو ۽ هو جتي بہ ملي ان کي وٺي اچو.  بيشڪ الله جي نيڪ ٻانهن ۽ اولياء کان ڪرامتن ۽ غير معمولي  ڪمن ظاهر ٿيڻ تي يقين رکڻ چڱا اثرات رکي ٿو.

 


[1]

 

    دورو ڪريو : 2476
    اج جا مهمان : 39047
    ڪالھ جا مهمان : 58112
    ڪل مهمان : 130224481
    ڪل مهمان : 90292580