امام صادق عليه السلام : جيڪڏهن مان هن کي ڏسان ته (امام مهدي عليه السلام) ان جي پوري زندگي خدمت ڪيان هان.
مباهلي جي مجلس ۾ حاضري

مباهلي جي مجلس ۾ حاضري

شيعه عالمن ڪيتريون ئي تڪليفون ۽ زحمتون برداشت ڪري الله جي دين جي حفاظت ڪئي ۽ ان دين کي منحرف ٿيڻ کان بچائي ورتو. اسان جي بزرگن حريم ولايت جي دفاع ۽ شيعه مذهب کي ثابت ڪرڻ جي لاءِ ڪنهن به قسم جي قربانيءَ کان نه ڪيٻايو.

اهلبيت عصمت و طهارت جي وڏي ۽ عظيم مرتبي تي اعتقاد ۽ يقين هجڻ جي ڪري پاڻ دشمن سان مباهلو ڪرڻ لاءِ به حاضر ٿيا. ان ڪم سان انهن ولايت جي واٽ ۾ ايندڙ ڪنڊن کي پاڙئون پٽي دشمنن کي ختم ڪري ڇڏيائون.

جليل القدر عالم دين جناب محمد ابن احمد جو مباهلو انهن جي قربانين جي هڪ مثال آهي. جن دشمنن لاءِ به شيعه عقيدن جي حق هجڻ ۽ سچ هجڻ کي ٽابت ڪيو. پاڻ شيعه بزرگ عالمن منجھان آهن. ۽ ڪجھ شيعه بزرگ عالم جيئن شيخ مفيد(رح) انهن کان روايت نقل ڪندا هئا. انهن شيعه عقائد جي بابت ڪيتريون ئي ڪتابون لکيون ۽ جناب قاسم ابن علاءٌ جي  بابرکت محضر مان فيض ورتائون.پاڻ نظر ختم ٿيڻ کان پوءِ لکڻ ۽ پڙهڻ جي نعمت کان محروم هوندي پنهنجي سيني م محفوظ علم کي ليکڪ جي ذريعي ڪاغذ تي لکرائيندا هئا . اهڙيءَ ريت انهن شيعه مذهب کي ڪيتريون ئي قيمتي ڪتابون ڏنيون پاڻ سيف الدوله همداني وٽ وڏو مرتبو رکندا هئا انهن سيف الدوله همداني جي سامهون موصل جي هڪ قاضي سان مباهلو ڪيو. جيڪو جاهلانه ساڙ جي عينڪ لاهڻ لاءِ تيار نه هو. مباهلي لاءِ ماڻهو گڏ ٿيا مباهلو ٿيو.مباهلي جي ختم ٿيڻ کان پوِ موصل جي قاضي کي پنهنجي زندگيءَ تان آسرو لاهڻو پيو. ان کي بخار ٿي پيو . ان مباهلي ۾ جيڪو هٿ مٿي ڪيو هو اهو به ڪارو ٿي ويو هو. ۽ ٻي ڏينهن هو مري ويو[1].

بزرگ شيعه عالم مرحوم محمد ابن احمد پنهنجي ڪامل يقين ۽ عقيدي جي ڪري متعصب دشمن تي غالب ٿيا. اهڙي ريت انهن پنهنجي ان عمل سان شيعه عقيدن جي حق ۽ سچ هجڻ کي سڀني آڏو واضح ۽ روشن ڪري ڇڏيو ۽ انهن جي دلين ۾ يقين کي مضبوط ڪري ڇڏيائين. شيعه تاريخ اهڙين مثالن سان ڀري پئي آهي ته بزرگان دين پنهنجي ڪامل يقين ۽ دلي اطمينان جي ذريعي دشمن سان مقابلو ڪيو ۽ ٻين جي دلين ۾ به يقين پيدا ڪيائون.

مير فندرسڪي اهڙي ئي هڪ ٻي مثال آهي جنهن پنهنجي ايمان ۽ ڪامل يقين جي ذريعي دشمن کي شڪست ڏني ۽ ٻين جي دلين ۾ يقين جو ٻج پوکيو، ان واقعي کي مرحوم نراقي ڪتاب (الخزائن) ۾ هن ريت لکن ٿا.

مير فندر سڪي، پنهنجي سير سفر جي ڏينهن ۾ ڪافرن جي هڪ شهر ۾ پهتا ۽ اتي جي ماڻهن سان ڳالهه ٻولهه (ڪچهري) جي لاءِ رهيا. هڪ ڏينهن هڪ ٽولي انهن کان سوال ڪيو ته اسان جي عقيدن جي حق هجڻ ۽ توهان جي عقيدن جي باطل جڻ جي هڪ دليل هي به آهي ته اسان جون عبادت گاهون ٻه هزار سال پراڻيون آهن ۽ اڄ ڏينهن تائين انهن ۾ ڪابه خرابي نظر نه آئي آهي پر توهان جون اڪثر مسجدون سوء سال کان وڌيڪ باقي نه رهنديون آهن . ڇو جو هر شيءَ جي بقا ۽ حفاظت ان جي حق هجڻ جي محڪم دليل آهي ته پوءِ اسان جو دين سچو آهي .

مير فندرسڪي پنهنجي يقين ۽ عقيدي جي بنياد تي جواب ڏنو ته توهان جي عبادت گاهن جو باقي رهڻ ۽ اسان جي مسجدن جو خراب ٿيڻ توهان جي حق هجڻ جي ڪا به دليل ناهي ، بلڪه ان جو راز هي آهي ته اسان جي مسجدن ۾ صحيح عبادت ڪئي ويندي آهي ۽ مسجدن ۾ رب پاڪ سان راز و نياز ڪيو ويندو آهي  انهي جي ڪري اسان جون مسجدون ان پاڪ نالي جي عظمت کي برداشت ڪرڻ جي سگھ نه رکنديون آهن ان ڪري جلدي خراب ٿيو وڃن
پر توهان جي عبادت گاهن ۾ صحيح معني ۾ عبادت نه ٿيندي آهي بلڪه ڪڏهن ڪڏهن ته فاسد عمل به انجام ڏنا ويندا آهن  انهي جي ڪري اهي خراب نه ٿينديون آهن .

جيڪڏهن اسان جي پالڻهار جي عبادت توهان جي عبادت گاهن ۾ انجام ڏني وڃي ته اهي نه ان جي عظمتن کي برداشت نه ڪنديون انهن وراڻيو اهو ته تمام سولو ڪم آهي توهان اسان جي عبادتگاهن ۾ وڃي پنهنجي عبادت ڪريو ته جيئن اسان جو حق هجڻ ۽ توهان جو باطل هجڻ ثابت ٿي وڃي.

سيد انهن جي ڳالھ مڃي، وضو ڪرڻ کانپوءِ ڌڻي پاڪ تي آسرو ۽ يقين ڪندي پاڪ هستين سان توسل ڪيو ۽ پو۽ انهن جي سڀ کان وڏي عبادت گاھ ۾ داخل ٿيو جيڪا تمام مضبوط ۽ ٻه هزار سال قديمي هئي تمام گھڻا ماڻهون انهيءَ منظر کي ڏسڻ لاءِ ماندا هئا سيد عبادت ۾ وڃڻ کانپوءِ آذان ۽ اقامت چئي نماز جي نيت سان وڏي آواز سان تڪبير(الله اڪبر)  چيائين  ۽ عبادت گاھ کان ٻاهر ڊوڙي آيو ته سڀني پنهنجي اکين سان عبادت گاھ جي ڇت ۽ ديوارون ڪرندي ڏٺيون ان ڪرامت جي مشاهدي کانپوءِ گھڻن مشرڪن اسلام قبوليو،(1)

مير فندرسڪي پنهنجي عقيدي کي  يقين ۽ ايمان سان مضبوط ڪيو

 

2. يقين عملن جي قيمت ۽ اهميت ۾ واڌاري جو سبب آهي:

جيڪڏهن ڪيميا ۽ اڪسير کي ڪنهن گھٽ قيمت مادي سان گڏ ٺاهيو وڃي ته اهي ان گهٽ قيمت مادي کي قيمتي ڌاتن ۾ تبديل ڪري ڇڏيندو آهي ۽ ان جي قيمت ڪيترائي ڀاڳا وڌائي ڇڏيندو آهي اهڙي طرح ڇو جو  يقين   به عملن کي قيمت عطا ڪندو آهي جيڪڏهن ٿورڙي عمل کي يقين سان انجام ڏنو وڃي ته پالڻهار وٽ جي قيمت شڪ ۽ وسوسي سان انجام ڏنل گھڻي عمل کان قيمتي آهي
امام صادق عليه السلام جن فرمايو:

اِنَّ الْعَمَلَ الدَّائِمَ الْقَليلَ عَلَى الْيَقينِ اَفْضَلُ عِنْدَاللَّهِ مِنَ الْعَمَلِ الْكَثيرِعَلى غَيْرِ الْيَقينِ[2].

الله وٽ يقين سان انجام ڏنل ٿورو ۽ دائمي عمل ان گھڻي عمل کان بهتر آهي جيڪو يقين کانسواءِ انجام ڏنو وڃي.

اهو فرمان چٽي دليل آهي ته يقين عملن جي اهميت کي وڌائي ٿو، يعني يقين سان انجام ڏنل ٿورو عمل ان گھڻي عمل کان بهتر آهي جيڪو يقين کانسواءِ انجام ڏنو وڃي، اهڙي ريت يقين ڪيميا گري جي ان مادي وانگر آهي جيڪو سستي ڌاتو کي سون ۾ تبديل ڪندو آهي اهڙي ريت يقين به ان ڪيميا گري جي ڌاتو وانگر  گھٽ عمل کي اهميت وارو بڻائي ٿو

ياد رهي تہ ڪيترين ئي جڳهن تي خدا جي نظر ۾  اهميت رکڻ واري ٿوري عمل جا ظاهر ۾ بہ تمام گهڻا اثرات هوندا آهن  هاڻي  اسان جنهن واقعي کي بيان ڪرڻ لڳا آهيون  اهو واقعو ان حقيقت جو شاهد آهي .

مرحوم آيت الله خوئي يقين سان چيلبسم الله الرحمن الرحيم) جي بابت شيخ احمد) هي استاد الفقهاء ميرزا جا خادم هئا(جن کان هڪ واقعو نقل ڪن ٿا  پاڻ فرمايائون تہ مرحوم ميرزا جو هڪ  ٻيو خادم بہ هئو جنهن جو نالو شيخ محمد هئو جنهن مرحوم ميرزا جي وفات کان پوءِ ماڻهن سان ملڻ ڇڏي ڏنوهئو.

هڪ ڏينهن ڪو شخص شيخ محمد وٽ ويو ان ڏٺو تہ شيخ محمد سج لهڻ وقت پنهنجي ڏيئي ۾ پاڻي وجهي ٻاري رهيو آهي ۽ ڏيئو سٺي نموني ٻري رهيو آهي اهو شخص ڏاڍو حيران ٿيو ۽ ان جو ڪارڻ پڇيائين.

شيخ محمد ان جي جواب ۾ چيو تہ مرحوم ميرزا جي وفات سان  مون کي ڏاڍو صدمو رسيو ۽ ان بزرڱوار جي جدائي جي ڏک ۾ مون ماڻهن سان ملڻ ڇڏي ڏنو ۽پنهنجو وقت ڱهر ۾ ويهي ڱذارڻ لڳس آءُ گهڻو ڏکايل هئس هڪ ڏينهن هڪ عرب طالب علم جي شڪل جو هڪ نوجوان مون وٽ آيو ۽ مون سان ڏاڍي پيار ۽ محبت ۽ ڀائيچاري سان  پيش آيو هو سج لٿي تائين مون وٽ هيو ۽ ان جون ڳالهيون مون کي ڏاڍيون وڻيون منهنجي دل جو ڪجهہ بار هلڪو ٿيو ۽ ڏک ڱهٽ ٿيو هو ڪجهہ ڏينهن تائين مون وٽ ايندو هيو  ۽ مان ان سان مانوس ٿي ويس هڪ ڏينهن هو مون سان ڪچهري ڪري رهيو هئو تہ مون کي ياد آيو تہ اڄ رات  منهنجي ڏيئي ۾  تيل ئي ڪونهي ( تڏهن دڪان مغرب جي ٽائيم بند ٿي ويندا هئا انهيءَ ڪري مان سوچي رهيو هئس تہ جيڪڏهن مان هن کان موڪلائي تيل وٺڻ ويس تہ هن جي پر فيض ڪچهريءَ کان محروم رهجي ويندس  ۽ جيڪڏهن تيل  نہ  ورتو تہ اڄ رات اونداهيءَ ۾ ڱذارڻي پوندي هو منهنجي حالت ڏسي  سمجهي ويو ۽ چيائين اڄ توهان کي ڇا ٿي ويو آهي جو منهنجي ڪچهريءَ کي غور سان نہ پيا ٻڌو؟

مون چيو نہ اهڙي تہ ڪا ڳالھہ نہ آهي آءُ توهان جي خدمت ۾ آهيان  هو وراڻيو نہ توهان منهنجون ڳالهيون نہ پيا ٻڌو مون چيو تہ

حقيقت هيءَ آهي تہ اڄ رات  منهنجي ڏيئي ۾  تيل نہ آهي هن وراڻيو تہ تعجب آهي مان تنهنجي لاءِ ايتريون  حديثون بيان ڪيون آهن ۽ ) بسم الله الرحمن الرحيم ( جي فضيلت بيان ڪئي  تون انهن حديثن مان ايترو فائدو بہ حاصل نہ ڪري سڱهيو آهين جو تيل خريد ڪرڻ کان بي نياز ٿي سڱهين ؟

مون چيو مون کي ياد نہ آهي جو توهان مون سان ڪا اهڙي حديث بيان ڪئي هجي !

هن وراڻيو توهان ڪان وسري ويو آهي مون ٻڌايو هئو تہ(بسم الله الرحمن الرحيم)جو فائدو هي بہ آهي تہ جيڪڏهن تون ڪنهن ڪم جي نيت سان بسم الله الرحمن الرحيم چئو تہ تنهنجو اهو ڪم ٿي ويندو.

توهان پنهنجي ڏيئي ۾ ان نيت سان پاڻي وجھو جو پاڻي تيل جي خاصيت رکندڙهجي ۽ توهان بسم الله الرحمن الرحيم  چئو، مون ان جي ڳالهہ مڃي ۽ اُٿي ان ئي نيت سان پنهنجي ڏيئي کي پاڻيءَ سان ڀري  ڇڏيو ۽ انهيءَ نيت سان  بسم الله الرحمن الرحيم چئي پوءِ مان ڏيئو ٻاريو تہ ڏيئوٻاري ويو. ان ڏينهن کان پوءِ اڄ ڏينهن تائين اهو ڏيئو جڏهن بہ خالي ٿيندو آهي تہ ان کي پاڻيءَ سان ڀري ڪري    بسم الله الرحمن الرحيم  پڙهندو آهيان تہ ڏيئو ٻري ويندو آهي.

مرحوم آيت الله خوئي رح  ان واقعي کي نقل ڪرڻ کان پوءِ  فرمائن ٿا تعجب آهي  جو ان واقعي جي مشهور ٿيڻ ۽ ڦيلجڻ ڪان پوءِ مرحوم شيخ محمد جي ان عمل ۾ ٿورو بہ فرق نہ  آيو.

جهڙيءَ طرح اوهان ڏٺو تہ اعتقاد ۽ يقين سان هڪ  بسم الله الرحمن الرحيم پڙهي وڃي تہ ان جا ڪيترا غير معمولي اثر ظاهر ٿين ٿا.

جيڪي ماڻهو اسم اعظم جي ڄاڻ ۽ معرفت رکن ٿا اهي بہ ٻين ماڻهن ۾ مشهور اسمن مان ئي فائدوحاصل ڪن ٿا پر جيڪا شيءِ انهن جي عملن کي  ٻين جي عملن کان فضيلت بخشي ٿي انهن جو يقين آهي جيڪو ادا ڪرڻ واري اسم جي تاثير ۾ هڪ خاص اثر پيدا ڪندو آهي  

 

3_ يقين توهان جي اندر کي اُجاريندو آهي

ڪڏهن ڪڏهن انسان محاسبہ جي ذريعي پنهنجي ظاهر کي سنواريندو آهي پر لڪيل حقيقت ۽ واقعيت کان اڻڄاڻ نہ هوندو آهي ان ڪري ئي هو پريشان هوندو آهي. انسان کي اها ڄاڻ نہ هوندي آهي تہ ڇا الله سائين ان جي ڪردار ۽گفتار مان راضي آهي  يا هو اندر ۾ نفس ۽شيطان جي ڄار ۾ ڦاٿل آهي  ۽ پاڻ ان ڳالهہ کان اڻڄاڻ آهي جيڪڏهن فرض ڪيون تہ  هو اندر جو پليت آهي تہ ڪهڙيءَ ريت پنهنجي اندر کي ان وڏي خطري کان ڇوٽڪارو ڏياري سڱهي ٿو ؟

ڇا ان روحاني ڏک ۽ سور کان ڇوٽڪاري حاصل ڪرڻ جو ڪو رستو آهي.؟

انهن سوالن جي جواب ۾ چون ٿا تہ مڪتب عصمت ۽ طهارت جي عقيدن تي يقين رکڻ سان انسان جو اندر اُجري ٿو ۽ هو روحاني طور تي پاڪ ٿي وڃي ٿو ڇو جو يقين اندر کي اُجاريندو آهي آچر جي رات ۾ پڙهڻ واري دعا ۾ آيو آهي:

اَللَّهُمَّ اَصْلِحْ بِالْيَقينِ سَرائِرَنا[3].     

پالڻهار يقين جي ذريعي اسان جي اندر کي اُجار.

يقين وارا ماڻهو نيڪ ۽ پاڪ ذات جا مالڪ هوندا آهن اهي فسادتباهيءَ ۽ برن ڪمن کان دور هوندا آهن جن جي اندر ۾ بريون وصفون هجن اهي يقين  پيدا ڪري پنهنجي اندر کي اُجاري سڱهن ٿا.

يقين نہ رڳو توهان جي ضمير ۽ شعور کي شيطاني وسوسن کان حفاظت ۾ رکي ٿو بلڪہ جيڪڏهن توهان جي اندر۾ ڪو فساد موجود آهي تہ ان جي بہ اصلاح ڪري ٿو ۽ اندر جي براين کي ختم ڪري ٿو .

انهيءَ جي ڪري پاڻ سڳورا فرمائن ٿا:

خَيْرُ ما اُلْقِيَ فِي الْقَلْبِ اَلْيَقينُ[4].

مومن جي دل ۾ القاء ٿيڻ واري سڀ کان ڀلي شيءِ يقين آهي.

ڇو جو يقين نه رڳو شعور ۾ واڌارو آڻي ٿو بلڪہ هي اندر کي اخلاقي ۽ اعتقادي غلطين  کان بہ پاڪ ڪري ٿو.

 


[1] . فوائد الرضويه محدث قمي 388

[2] . جامع الدرر: ج،2 ص،370، تذڪره القبور: ص،60

[3] . بحار الانوار :90 / 286

[4] . بحار الانوار :21 / 211

 

 

    دورو ڪريو : 2771
    اج جا مهمان : 37335
    ڪالھ جا مهمان : 58421
    ڪل مهمان : 129663004
    ڪل مهمان : 90011353