امام صادق عليه السلام : جيڪڏهن مان هن کي ڏسان ته (امام مهدي عليه السلام) ان جي پوري زندگي خدمت ڪيان هان.
يقين جا آثار

يقين جا آثار

.1يقين دل کي مضبوط محڪم ڪندو آهي.

 توهان پنهنجي دل کي نصيحت جي ذريعي زنده رکي سگھو ٿا. ۽ وعظ سان ان ۾ تازي روح وجھي سگھو ٿا. جھڙي ريت ايمان کامل سان يقين کي مضبوط ۽ طاقتور ڪري سگھو ٿا، اهڙي طرح مشڪلن ۽ رڪاوٽن جي آڏو جبل جيان بيهي رهو. ڇو ته جيڪڏهن يقين طاقتور ۽ ڪامل صورت ۾ موجود هجي ته پوءِ وسوسي ۽ شڪ جو ڪوبه امڪان باقي نه ٿو رهي. پوءِ سستي. ضعف ۽ نڀاڳ ختم ٿي ويندو. انهيءَ ڪري ئي اسان جي ذمه داري آهي ته اسان پنهنجي يقين کي مضبوط ڪريون مولا علي عليه السلام جن فرمائن ٿا.

اَحْيِ قَلْبَكَ بِالْمَوْعِظَةِ ... وَقَوِّهِ بِالْيَقينِ. (1)

وعظ ۽ نصيحت جي ذريعي پنهنجي دل کي زنده ڪر ۽ يقين جي ذريعي ان کي سگھ ڏي .

گر عزم تو در ره حق، آهنين است

مى‏دان به يقين كه راه آن يقين است

جيڪڏهن حق جي ارستي ۾ توهان جو ارادو پهه پڪو آهي. ته يقين ڄاڻيو ته ان جو رستو فقط يقين ئي آهي. جڏهن اسان جي دل ۾ يقين پيدا ٿي وڃي ته ان سان دل مضبوط ٿي ويندو آهي ۽ جيستائين يقين قوي آهي تيستائين دل ۾ شيطاني وسوسن جي داخل ٿيڻ جو ڪو به امڪان باقي نه ٿو رهي. انهيءَ جي ڪري ان ۾ اضطرار ۽ وهم پيدا نه ٿيندو اهو مصيبتن ۽ مشڪلن جي سامهون شيهي جي ڀت جيان بيٺو رهندو.

حضرت اميرالمومنين علي عليه السلام جن فرمائن ٿا.

مَنْ قَوِيَ يَقينُهُ لَمْ يَرْتَبْ. (2)

جنهنجو يقين مضبوط هجي ان ۾ شڪ پيدا نه ٿيندو آهي.

گر به صورت ملَكى يا به لطافت حورى

تا به معنى نرسى، از همه دلها دورى

اعتقادي مسئلن يا ٻين مسئلن ۾ هميشه شڪ ان ماڻهو کي ٿيندو آهي. جنهن کي.مضبوط يقين حاصل نه ٿيو هجي.

جنهن جي دل ۾ يقين ڪمال جي حد تائين نه پهتو هجي. ان ۾شيطاني وسوسه برا اثر وجھندا آهن. پر جنهن جي دل ۾ يقين جو ڏيئو ٻريل هجي اهو شيطان جي شر ۽ ان جي وسوسي جي آڏو لوهي ڀت جيان ٻيِٺو رهندو آهي.

امام محمد باقر عليه السلام جن فرمائن ٿا.

فَيَمُرُّ الْيَقينُ بِالْقَلْبِ فَيَصيرُ كَأَنَّهُ زُبُرُ الْحَديِدِ. (3)

جڏهن دل ۾ يقين پيدا ٿي وڃي ته اهو دل کي لوهه جي ٽڪر جيان قوي ۽ مضبوط ڪندو آهي.

دل کي محڪم ۽ مضبوط ڪرڻ سان انسان جي دل ۾ نه رڳو اعتمادي مسئلن جي باري ۾ شڪ پيدا نه ٿيندو آهي بلڪي ايمان ۽ يقين ۾ به اضافو ٿيندو آهي. هاڻ اسين شيعه عالمن منجھان هڪ اهڙي عالم جي ايمان ۽ يقين جو قصو

لکون ٿا. جنهن ٻين جي دلين ۾ مسئلن تي يقين ۾ اضافو ڪيو.

 


1 بحارالانوار 77/ 219

2 شرح غررالحڪم 5/ 230

3 بحارالانوار 78 /185

 

 

    دورو ڪريو : 2401
    اج جا مهمان : 26742
    ڪالھ جا مهمان : 58421
    ڪل مهمان : 129641846
    ڪل مهمان : 90000762