امام صادق عليه السلام : جيڪڏهن مان هن کي ڏسان ته (امام مهدي عليه السلام) ان جي پوري زندگي خدمت ڪيان هان.
تفکر بصيرت ۽ ڊگھي سوچ جو وسيلو آهي

تفکر بصيرت ۽ ڊگھي سوچ

جو وسيلو آهي

انسان جيڪو ڪم ڪرڻ چاهي اُن بابت غور ۽ فڪر کان ڪم وٺي ته ان جي پڄاڻي ۽ نتيجي تائين پُهچي ويندو ۽ ان کي افسوس ۽ پيشماني کي منهن نه ڏيڻو پوندو .

حضرت امير المنين پنهنجي سهڻي ڪلام ۾ فرمائن ٿا؛

اِذا قَدَّمْتَ الْفِكْرَ في جَميعِ اَفْعالِكَ، حَسُنَتْ عَواقِبُكَ في كُلِّ اَمْرٍ.(۱)

جيڪڏهن هر ڪم ڪرڻ کان پهريان ان بابت سوچو ۽ فڪر ڪريو ته هر ڪم ۾ توهان جي عاقبت چڱي ٿيندي 

ڇو ته هر ڪم بابت سوچڻ  ان ڪم جي باري ۾ بصيرت جو سبب ٿئي ٿو اولياءِخدا عظيم ماڻهو هئا اُهي ماڻهو جيڪي پالڻهار جي بارگاه  ۾ ويجھڙائي جي نعمت رکندڙ هئا.خاندان

وحي جي پُر فيض محضر ۾ حاضر رهندڙ هئا ۽ جيڪي انهن بزرگن جا حامي ۽ مددگار اصحاب هئا .اُهي ڪنهن به ڪم ڪرڻ کان پهرين فڪر جي وڏي نعمت مان فائدو  وٺندا هئا

    جن چشمه ولايت منجھان آب حيات پيتو جن خاندان عصمت ۽ وحي جي چمڪندڙ نورسان سان دل لڳائي. جنهن پنهنجي دل ۽ جان کي آل محمد جي علم سان روشن ۽ منور ڪيو.انهن الله پاڪ جي عظيم نعمت يعني فڪر مان فائدو ورتو ۽ هو بيصرت ۽ ڊگھي ۽ سوچ  دورانديشي  جا مالڪ بڻجي ويا.

    سڃاڻ هدايت ۽ روشن فڪري ۽ ڪنهن به ڳالھ جي حقيقت بابت ڄاڻ رڳوسوچ ۽ فڪر سان ايجاد ٿيندي آهي.

   حضرت امير المومنين جي علم جي ڇوليون هڻندڙ سمند جو هڪ گوهرهي به آهي ته. مولا جن فرمائن ٿا:

   لا بَصيرَةَ لِمَنْ لا فِكْرَ لَهُ.  (2)

  ته جنهن وٽ فڪر نه آهي ان وٽ بصيرت ۽ روشن بيني نه آهي

   ان وٽ  بصيرت ۽ ديد نه آهي ۽ ان جو جيءُ نورانيت سان ڀريل نه آهي انهي ڪري جو سوچ ۽ فڪر دل جي ڌوڙ، مٽيءَ ۽ زنگ کي لاهي ختم ٿي ڪري ۽ دل کي پاڪ ڪري ان جي اونداهي کي نوانيت ۽ بصيرت ۾ تبديل ڪندي آهي.

جھڙي ريت حُرُ( رضوان الله تعاليٰ عليه) بيبي فاطمه  جي احترام جي قائل هجڻ جي ڪري اهو سوچڻ تي مجبور ٿي ويو ته مولا حسين سان جنگ جوٽڻ جو اُن لاءِ ڪهڙو نتيجو نڪرندو بيبي زهرا صديقه ڪبرى  جي احترام جي قائل هجڻ  جي ڪري ان سوچ ۽ فڪر ان کي گمراهيءَ ۽ ضلالت ۽ هلاڪت کان ڇو ٽڪارو ڏياري ان کي ڪربلا جي شهيدن جي قطار ۾ بيهاري ڇڏيو.

  حُرُ غور ۽ فڪر ڪرڻ جي ڪري  امام حسين کي جواب ڏيڻ وقت ڪاوڙ ۽ تڪڙ بدران تحمل تواضع ۽ ڏاهپ مان ڪم ورتو انهي مناسبت سان اميرالمومين جو هڪ ڪلام آهي جيڪو انسانن جي زندگي کي چوٽڪارو ڏيندو آهي

دَعِ الْحِدَّةَ وَتَفَكَّرْ فِي الْحُجَّةِ وَتَحَفَّظْ مِنْ الْخَطَلِ، تَأْمَنَ الزَّلَلَ. (3)

تڪڙ ڇڏيو ۽ دليل ۽ حجت مطابق فڪر ڪريو ۽ غلط ۽ باطل ڳالھ چوڻ کان پرهيز ڪريو ته جيئن چُڪ نه ڪريو.

   حُرُ  به ائين ئي ڪيو ۽ بصيرت ۽ ڊگھي سوچ ذريعي پنهنجي مستقبل کي ٺاهيائين جھڙيءَ طرح حر دقت سوچ غور ۽ فڪر کان ڪم ورتو جيڪڏهن سقيفي ۾ جمع ٿيڻ وارا دنيا پرست به ائين ئي پنهنجي عاقبت ۽ آخرت بابت سوچين ها ته سچ جي منهن تي ڏک جا ڪڪر نه ڇانئجن ها پر افسوس صد افسوس .......

حضرت امير المومنين بصيرت ۽ ڊگھي سوچ کي فڪر جي اثرن منجھان قرار ڏيندي فرمائن ٿا:

مَنْ فَكَّرَ أَبْصَرَ الْعَواقِبَ. (4)

جيڪو فڪر کان ڪم وٺي اهو پنهنجي عاقبت ۽ پُڄاڻيءَ کان ڄاڻو ٿي ويندو آهي

اميرالمومنين کان روايت آهي:

مَنْ طالَتْ فِكْرَتُهُ، حَسُنَتْ بَصيرَتُهُ. (5)

جنهن جي فڪر ڊگھي ۽ دقيق هجي ان جي بصيرت ۽ ديد چڱي ٿي ويندي آهيڇو ته جيڪڏهن فڪر ۾ شخصي اغراض ۽ مقصدن جي ملاوٽ نه هجي ته اها صاف ۽ چِٽي آئيني وانگر حقيقت کي چٽو ڪري ڏکاريندي آهي .

حضرت امير المومنين فرمائن ٿا:

اَلْفِكْرُ مِرْآةٌ صافِيَةٌ (6)

فڪر هڪ چِٽُو ۽ صاف آئينو آهي جڏهن فڪر هڪ صاف شفاف آئيني وانگر توهان کي حيقيقت کان ڄاڻو ڪندي آهي ته پوءِ ان فڪر جي روزي کان فائدو وٺو .

 


(1)  شرح غررالحكم: 162/3.

(2) شرح غورالحکم 6/401

(3) شرح غور الحکم 4/19

(4) شرح غررالحکم 5/272

(5) شرح غررالحکم 5..272

(6)  امالي الطوسي 1/114 ۽ بحارالانور 77/34

 

 

    دورو ڪريو : 2429
    اج جا مهمان : 38822
    ڪالھ جا مهمان : 72005
    ڪل مهمان : 129226063
    ڪل مهمان : 89742226