امام صادق عليه السلام : جيڪڏهن مان هن کي ڏسان ته (امام مهدي عليه السلام) ان جي پوري زندگي خدمت ڪيان هان.
فڪر ڪرڻ ايمان ۽ يقين ۾ واڌ جو ڪارڻ آهي

فڪر ڪرڻ ايمان ۽ يقين ۾ واڌ جو ڪارڻ آهي

 ڪائنات جي نظام ۽ هن جھان جي مخلوقات بابت سوچڻ ۽ فڪر ڪرڻ انسان جي دل ۾ ايمان ۽ يقين کي طاقت ڏيندو آهي. پوءِ ان پاڪ پالڻهار ۽ سڀني عقيدن تي يقين مضبوط ٿي ويندو آهي اُڀ ۾ موجود اربين ستارن ۽ ان کان سواءِ اُڀ ۾ موجود بيشمار ستارن جي تخليق ۽ پوءِ انهن جو هڪ منظم نظام مطابق حرڪت ڪرڻ هڪ مُدبر ۽ قادر خالق جي وجود جي هڪ واضح ۽ وڏي دليل آهي. انسان جي سوچ ڪائنات جي عظمت کي سمجھڻ کان قاصر آهي سڄي ڪائنات جي محققن کي خلقت ڪائنات بابت تحقيق ڪندي اهڙن ڳُجھن کي منهن ڏيڻو پيو جوانهن ان جي حقيقت کي درڪ ڪرڻ ۽ سمجھڻ کان جواب ڏئي ڇڏيو پر انهن اهڙيون واضح نشانيون ڏٺيون جيڪي عقل وارن جي دليل کي حياتي ڏيندڙ آهن! جي ها  هن ڪائنات جي عظمت بابت فڪر ڪرڻ ڪائنات جي خالق قادر مھربان پالڻهار جي وجود مقدس تي ايمان ۽ يقين ۾ اضافي جو ڪارڻ آهي.اولياءِ خدا جي وصفن منجھان هڪ عالم ملکوت سان دل لڳائڻ آهي اُهي غور فڪر ۽ سوچ جي ذريعي ڪائنات جي ڳجھن رمزن ۽ رازن کي ڳوليندا آهن اُهي نه رڳو عالم ملڪوت ڏانهن منهن ڪندا آهن بلڪه اُهي پنهنجن دوستن ۽ سڄڻن کي به انهي شيءَ جي تلقين ۽ نصيحت ڪندا آهن.

   حضرت لقمان جي پنهنجي پُٽن کي ڪيل نصيحت ۾ آيو آهي؛

اَطِلِ التَّفَكُّرَ في مَلَكُوتِ السَّمواتِ وَالْاَرْضِ وَالْجِبالِ وَما خَلَقَ اللَّهُ،فَكَفى بِهذا واعِظاً لِقَلْبِكَ. (1)

پنهنجي فڪر کي آسمانن زمين جبلن ۽ الله جي ٻين خلق ڪيل شين بابت ڊگھو ۽ طولاني ڪريو اهڙي قسم جي سوچ ۽ فڪر توهان جي دل کي وعظ ۽ نصيحت جي لحاظ سان ڪافي ٿيندي.

ملڪوت بابت ڊگھي فڪر ڪرڻ (جنهن بابت لقمان پنهنجي فرزندن کي وصيت ڪئي)جا گھڻا اثر آهن جو جيڪڏهن انسان انهن کي انجام ڏيڻ جي توفيق پيدا ڪري ته ان جي مستقبل ۾ وڏيون تبديليون ظاهر ٿينديون آهن ڇو ته ملڪوت ۽ آسمانن ۽ زمين ۽ الله جي ٻين مخلوقن جي بابت فڪر ڪرڻ سان اعتقاد ايجاد ٿيندو آهي.

قرآن مجيد ۾ الله سائينءَ جو ارشاد آهي :

اِنَّ في خَلْقِ السَّمواتِ وَالْاَرْضِ وَاخْتِلافِ اللَّيْلِ وَالنَّهارِ لَآياتٍ‏لِاُولِى الْاَلْبابِ × اَلَّذينَ يَذْكُرُونَ اللَّهَ قِياماً وَقُعُوداً وَعَلى جُنُوبِهِمْ‏ وَيَتَفَكَّرُونَ في خَلْقِ السَّمواتِ وَالْاَرْضِ رَبَّنا ما خَلَقْتَ هذا باطِلاًسُبْحانَكَ فَقِنا عَذابَ النَّارِ ۔(2)

بيشڪ زمين ۽ آسمان جي تخيلق ۽ ڏينهن ۽ رات جي اچُ وڃُ ۾ عقل وارن لاءِ الله جي قدرت جون نشانيون آهن جيڪي ماڻهو اُٿندي ويهندي سُمهندي الله کي ياد ڪندا

آهن ۽ آسمان ۽ زمين جي تخليق ۾ غور ۽ فڪر ڪندا آهن ته پالڻهار تون هي سڀ (هرو ڀرو) بيڪار خلق نه ڪيا آهن پالڻهار تون پاڪ ۽ بينياز آهين اسان کي دوزخ جي عذاب کان محفوظ فرماءِ.انهن جو آسمان ۽ زمين جي خلقت بابت غور ۽ فڪر ڪرڻ رڳو جنبه ملڪي ناهي بلڪه جنبه ملڪوتيءَ کي به شامل ڪري ٿو ۽ ڪائنات جي مادي ۽ ملڪوتي خلقت ۾ فڪر ڪرڻ سان پنهنجي ايمان ۽ يقين ۾ اضافو ڪندا آهن .

 


(1)  بحارالانوار ج13 ص431

(2)  سورہ آل عمران آیت190,191:

 

 

    دورو ڪريو : 2379
    اج جا مهمان : 35939
    ڪالھ جا مهمان : 72005
    ڪل مهمان : 129220297
    ڪل مهمان : 89736460