امام صادق علیه السلام : اگر من زمان او (حضرت مهدی علیه السلام ) را درک کنم ، در تمام زندگی و حیاتم به او خدمت می کنم.
ناشر طرفان

ناشر طرفان

بسمه تعالى

سڀ ساراهون جهانن جي جوڙيندڙ الله لاءِ ۽ صلواتون ۽ سلام ڪائنات لاءِ رحمت حضرت محمد مصطفى(ص) ۽ سندس پاڪ آل تي ،خصوصا زمين ۽ آسمان ۾ خدا جي آخري حجت حضرت بقيت الله (عج)  جي مقدس ذات تي.

پروردگار جا شڪرانا بجا ٿا آڻيون جو سنڌي زبان ۾ منتخب صحيفه مهديه کي ڇپراڻ جي سعادت جو سهرو اسان جي سر تي رکيو ويو ۽ ان ذريعي ماڻهن لاءِ ڪائنات جي مولا حضرت حجت (عج) جي معرفت ۽ سندن رابطي جو هڪ باب آهي

    مَنۡ لَمۡ یَشۡکرِ الۡخَلقَ لَمۡ یَشۡکرِ الۡخالِقَ (الحدیث) (ترجمو) جنهن مخلوق جو شڪرادا نه ڪيو ته ان خالق جو شڪر ادا نه ڪيو.

اسين پنهنجو اخلاقي فرض سمجھون ٿا ته جن اسان سان ڀرپور سهڪار ڪيو آهي انهن جو شڪريو بجا آڻيون .هن ڪتاب جي ڇپرائڻ ۾ اخلاقي ۽مالي سهڪار ڪرڻ تي حجة الاسلام والمسلمين آقای  سيد مرتضى مجتهدي سيستاني جا ٿورائتا آهيون جن جي مخلصانه ڪاوشن ڪارڻ ڪتاب جو سنڌي زبان ۾ ترجمو منظر عام تي آيو آهي . ان سان گڏو گڏ قبله سيد هادي علي ڪوثرصاحب ۽قبله ضميرحسين صاحب جن مدرسه لاءِ جڳھ خريد ڪئي ۽قبله زوار حسين مري صاحب جن ڪراچي ۾ مدرسه لاءِ پلاٽ هديو ڪيو ۽ڄام ندو ۾مردانه ۽ليڊيز ٻه امام بارگاھ ٺهرايون آهن ،ان سان گڏ قبله الطاف حسين ڀوجاني ، قبله حاجي محمدبخش زرداري ، قبله غلام سرور ۽ سيد نعيم اختر صاحب جن اسان جي مالي مدد ڪئي آهي .انهن سڀني بزرگن جا ٿورائتا آهيون ۽ پالڻهار کان دعا آهي ته کين سلامت رکي ۽ سندن مرحومين تي رحمتون نازل فرمائي . آخر ۾سڀني مومنن لاءِ سوره فاتحه جي التماس ڪجي ٿي بطور خاص مرحوم مولانا امام بخش امامي ، علامه عباس علي نجفي ، علامه غلام مهدي نجفي سيد اختر شاھ جي والدين ۽ زوار حسين مري جي والده مرحومه لاءِسوره فاتحه جي التماس ڪجي ٿي . والسلام عليڪم ورحمة الله                                                                                               

 دعائن جو طلبگار ‌، سيد اختر حسين نقوي،  پرنسيپل مدرسه علميه مهديه، قم  المقدسه ايران

 

 

    بازدید : 11880
    بازديد امروز : 0
    بازديد ديروز : 61890
    بازديد کل : 129128904
    بازديد کل : 89654469