امام صادق عليه السلام : جيڪڏهن مان هن کي ڏسان ته (امام مهدي عليه السلام) ان جي پوري زندگي خدمت ڪيان هان.
(والسر المستودع فيها) واري عبارت جو مطلب ڇا آهي؟

(والسر المستودع فيها) واري عبارت جو مطلب ڇا آهي؟

جواب:

هي عبارت (والسر المستودع فيها) حضرت فاطمه زهرا سلام الله علیها تي پڙهي وڃڻ واري صلوات ۾ وارد ٿي آهي ۽ اسان ان صلوات کي صحيفه مهديه (ڇاپو چوڏهون) جي 408 نمبر صفحي تي نقل ڪيو آهي، ۽ اسان اتي چيو آهي ته ڪجهه بزرگن جي چوڻ مطابق، «سر مستودع» منجهان مراد حضرت بقية الله الاعظم ارواحنا فداه آهن، ان بنا تي اهڙي قسم جي معنى ممڪن آهي.

قابل توجهه ڳالهه هي آهي ته اهڙي طرح جي تعبير بيبي نرجس خاتون سلام الله علیها جي زيارت ۾ به بيان ٿي آهي ۽ اسان ان کي صحيفه مهديه (ڇاپو چوڏهون) جي 644 صفحي تي نقل ڪيو آهي جيڪا گذريل احتمال جي وڌيڪ پٺڀرائي ڪري ٿي.

حضرت فاطمه زهرا سلام الله علیها ۽ جناب نرجس خاتون سلام الله علیها جي درميان هڪ جهڙو نقطو ٻنهي جي باري ۾ وارد ٿيو آهي، ان منجھان مراد حضرت امام مهدي عجّل الله تعالی فرجه الشریف وجود مبارڪ آهي ته امام زمانه عجّل الله تعالی فرجه الشریف انهن ٻنهي جي نسل منجهان آهن.

مطلب جي وضاحت؛ حضرت فاطمه زهرا سلام الله علیها «ولولا فاطمة لما خلقتکما» واري حديث جي بنا تي خلقت ۽  «سر مستودع» (يعني امام عصر عجّل الله تعالی فرجه الشریف) جي وجود ۾ اچڻ جو اصلي سبب آهن، ۽ حضرت نرجس خاتون سلام الله علیها «سر مستودع» جي متولد ٿيڻ جو ڪارڻ آهن.

ان بنا تي جهڙوڪ حديث ڪساء ۾، حضرت فاطمه زهرا سلام الله علیها پنجتن جي درميان اصلي مِحوَر آهن هن صلوات منجهه پڻ بيبي دو عالَم مِحوَر آهن ۽ حضرت بقية الله الاعظم ارواحنا فداه پڻ جيڪي پنجتن آل عبا کان پوءِ _ ڪجهه روايتن جي مطابق (وتاسعهم قائمهم وهو افضلهم) _ تمام ائمه علیهم السلام کان افضل آهن، هِن صلوات ۾ سندن ذڪر ٿيو آهي.

ڇوجو آنحضرت عجّل الله تعالی فرجه الشریف صاحب «الدولة الفاطمية» آهن ته ان دولت ۽ حڪومت ۾ تمام اسرار کي آشڪار ڪندا ۽ انهن جي «سر» هجڻ کي خاتمو بخشيندا. جهڙي ريت اميرالمومنين علیه السلام فرمائن ٿا:

مامن علم الا وانا افتحه وما من سر الا والقائم يختمه.

ڪو به علم نه آهي پر مون ان جي ابتدا ڪئي آهي ۽ ڪو به علم ۽ راز نه آهي پر هي ته قائم عجّل الله تعالی فرجه الشریف ان کي خاتمو بخشيندو.

انشاء الله تمام جلد حضرت بقیة الله الاعظم ارواحنا فداه جي حڪومت فاطميه جي اچڻ سان، اُهو «سر مستودع» ۽ تمام اسرار خلقت، ظاهر ۽ آشڪار ٿي وڃن.

 

دورو ڪريو : 2498
اج جا مهمان : 53054
ڪالھ جا مهمان : 72005
ڪل مهمان : 129254525
ڪل مهمان : 89770690