امام صادق عليه السلام : جيڪڏهن مان هن کي ڏسان ته (امام مهدي عليه السلام) ان جي پوري زندگي خدمت ڪيان هان.
بحث جو نتيجو

بحث جو نتيجو

اسان جي فڪر رڳو ان صورت ۾ اثرائتي ٿيندي جڏهن يقين جي صفت بہ ان سان گڏ هجي جيڪي ماڻهو بلند معنوي مرتبن ۽ معارف الاهي جي ڳولا ۾ هوندا آهن  سي پنهنجي اندر ۾ يقين پيدا ڪرڻ وارا ڪارڻ بہ آڻيندا آهن  جيڪي ماڻهو غيب جي دنيا سان لاڳاپو رکندا آهن اهي پنهنجي پاڻ ۾ يقين جي سَگھہ کي پيدا ڪندا آهن ۽ ان سَگھہ کي واڌارو ڏئي ان کي طاقتور بڻائڻ جي ڪوشش ڪندا آهن ڇو تہ  يقين معنوي دنيا ۾ پهچڻ ۽ معنوي مقامات حاصل ڪرڻ جي پهرين شرط آهي يقين پيدا ڪرڻ جي ذريعي سان توهان  پنهنجي زَنگ لڳلَ دل کي نئين زندگي ڏئي ڪري روحاني مرضن ۽ فڪري پليتيءَ کي ختم ڪريو اهڙيءَ ريت توهان جو اندر بہ  اُجري ويندو ۽ الله پاڪ وٽ توهان جي عملن جي قيمت بہ وڌي ويندي، معارف حاصل ڪرڻ نفس جي اصلاح حاصل ڪرڻ ۽ اولياءالله جن جي ڪچهريءَ ۾ ويهڻ يقين پيدا ڪرڻ جو بهترين ذريعو آهي يقين جي حفاظت ڪرڻ جي پهرين شرط گناهن کي ترڪ ڪرڻ آهي   ڇو تہ گناھ ۽ الله جي نافرماني ڪيترن ئي سالن جي ڪو شش سان حاصل ڪيل يقين کي ختم ڪري ڇڏيندا آهن.

 

گر عزم تو محكم و متين آمده‏است

در پرتو انوار يقين آمده است

تا نور يقين به دل نتابيد، كجا؟

سرپنجه عزم، از آستين آمده است؟

 

    دورو ڪريو : 2316
    اج جا مهمان : 0
    ڪالھ جا مهمان : 58181
    ڪل مهمان : 129588005
    ڪل مهمان : 89973778