محبت اهلبيت عليهم السلام

5_ ٻين ماڻهن جي دلين تائين اهلبيت جي محبت کي منتقل ڪرڻ،سچي...

9,485
بابن جي فهرست 16

باب جو متن

5_ ٻين  ماڻهن جي دلين تائين اهلبيت عليهم السلام

ٻين  ماڻهن جي دلين تائين اهلبيت عليهم السلام جي محبت کي منتقل ڪرڻ، اهلبيت عليهم السلام سان محبت ڪرڻ وارن جي هڪ مهم نشاني اها آهي ته اُهي پنهنجي رفتار ۽ ڪردار سان اهلبيت عليهم السلام جي محبت کي ٻين جي دلين تائين منتقل ڪري معاشري ۾ اهڙي طرح زندگي گذاري جو ماڻهون کيس ڪردار رفتار کي ڏسي اهلبيت عليهم السلام جي طرف مائل ٿين، الله خدا نه ڪري ائين ٿئي جو ان جي ڪردار ۽ رفتار سان ماڻهون اهلبيت عليهم السلام سان نفرت ڪن.

 امام جعفر صادق عليه السلام  جن فرمائن ٿا:

 رَحِمَ‏اللَّهُ امْرَءاً حَبَّبَنا إِلَى النَّاسِ وَلَمْ يُبْغِضْنا إِلَيْهِمْ[1].

الله رحمت ڪري انهن ماڻهن تي جيڪي ماڻهن جي دلين ۾ اسان جي محبت پيدا ڪن ٿا ۽ اسان جي لاءِ انهن جي دلين ۾ نفرت پيدا نه ڪن ٿا.

 

[1] . بحارالانوار ج 75 ص 421