امام صادق علیه السلام : اگر من زمان او (حضرت مهدی علیه السلام ) را درک کنم ، در تمام زندگی و حیاتم به او خدمت می کنم.
گناھ بابت سوچڻ جواثر

گناھ بابت سوچڻ جواثر

انسان ۾ هر چڱي ۽ بُري نيڪ ۽ بد صفت جي پيدا ٿيڻ جي آمادگي موجود هوندي آهي چڱي ۽ بُري بابت سوچڻ ۽ فڪر ڪرڻ ان جي فعيلت ۽ ان کي انجام ڏيڻ ۾ تبديل ڪري ڇڏيندي آهي پوءِ اها فڪر امڪان جي مرحلي مان نڪري ڪري واقعيت جو لباس پهريندي آهي اها هڪ اهڙي حقيقيت آهي جيڪا چڱن ۽ پسنديده ڪمن سان مخصوص نه آهي يعني جھڙيءَ ريت انسان چڱاين بايت سوچڻ سان انهن

ڏانهن مائل ٿيندو آهي ۽ انهن کي انجام ڏيندو آهي اهڙيءَ طرح حيواني لذتن ۽ گناهن بابت سوچڻ ۽ فڪر ڪرڻ به انسان کي انهن جي طرف وٺي ويندي آهي ۽ پوءِ انسان انهن کي انجام ڏيندو آهي.

حضرت اميرالمومنين فرمائن ٿا؛

منْ كَثُرَ فِكْرُهُ فِي الْمَعاصي، دَعَتْهُ اِلَيْها (1)

جيڪو گناھن بابت گھڻي فڪر ڪري ته اها فڪر ان کي انهن گناهن ڏانهن وٺي ويندي آهي.

   اهڙيءَ ئي طرح هڪ ٻي فرمان ۾ ارشاد ٿيو آهي؛

مَنْ كَثُرَ فِكْرُهُ فِي اللَّذاتِ، غَلَبَتْ عَلَيْهِ (2)

جيڪو لذتن بايت گھڻو سوچي ته اُهي ان تي غالب اچي وينديون آهن.

   اهڙيءَ ريت انسان جي سوچ ۽ فڪر ان جي مستقبل کي تبديل ڪري سگھي ٿي ۽ ان جي زندگيءَ ۾ عظيم تبديليون ۽ تحولات پيدا ڪري سگھي ٿي انهيءَ ڪري ئي اهلبيت جي من موهيندڙفرمانن ۾ تفکر ۽ تعقل جي اهميت کي بيان ڪيو ويو آهي. ۽ پنهنجي چاهيندڙن ۽ پيروڪارن کي  ان جي اهيمت بابت وصيت فرمائي آهي.

   ڇو ته چڱو عمل ۽ ڪردار اهم ۽ قيمتي موضوعات بابت سوچ ۽ فڪر ڪرڻ جو نتيجو آهي.

 


(1)  شرح غررالحکم 5/321

(2)  شرح غررالحکم 522

 

    بازدید : 2513
    بازديد امروز : 0
    بازديد ديروز : 167135
    بازديد کل : 141619144
    بازديد کل : 97679009