امام صادق علیه السلام : اگر من زمان او (حضرت مهدی علیه السلام ) را درک کنم ، در تمام زندگی و حیاتم به او خدمت می کنم.
ڪجهه دعائون ۽ حضرت امام مهدي عجّل الله تعالی فرجه الشریف جي خدمت شرفياب ...

سوال م. قرباني از پايگاهه علمي المنجي

ڪجهه دعائون ۽ حضرت امام مهدي عجّل الله تعالی فرجه الشریف جي خدمت شرفياب ٿيڻ جا ڪجهه معتبر رستا ۽ طريقا بندي لاءِ ذڪر ڪريو؟

جواب:                                    

 غيبت جي زماني ۾ امام زمان عجّل الله تعالی فرجه الشریف جي خدمت ۾ شرفياب ٿيڻ ۽ امام عجّل الله تعالی فرجه الشریف سان جيڪي ملاقاتون ٿين ٿيون، انهن کي مختلف عنوانن سان ڪجهه قسمن ۾ تقسيم ڪيون ٿا:

  1. اهي مُلاقاتُون جيڪي اضطرار حالت سان بَيابانَن ۾ ڪجهه ماڻهن لاءِ پيش آيون آهن يا بيمارين ۽ مشڪلن ۾ گرفتار ٿيڻ جي ڪري واقع ٿيون آهن.
  2. اهي ملاقاتون جيڪي ختم قرآن يا ڪجهه دعائون جي پڙهڻ جي ڪري واقع ٿيون آهن.
  3. اُهي ملاقاتون جيڪي اضطرار يا ڪجهه ختمه پڙهڻ جي ڪري، بلڪي شرعي وظيفن تي عمل ڪرڻ ۽ امام عجّل الله تعالی فرجه الشریف جي رضايت کي حاصل ڪرڻ جي ڪري ڪجهه ماڻهون سندن خدمت ۾ شرفياب ٿي سگهيا آهن بلڪه ڪجهه جڳهن تي امام (عجّل الله تعالی فرجه الشریف پاڻ هلي ڪري ڪجهه ماڻهن وٽ آيا آهن، جهڙوڪ قفل ساز (تالا ٺاهڻ) واري شخص جي داستان ۾ آهي ۽ اها داستان ڪتاب نجم الثاقب ۽ ڪجهه ٻين ڪتابن منجهه پڻ نقل ٿيل آهي.
  4.  امام عجّل الله تعالی فرجه الشریف جي صحابين ۽ خاص مددگارن جو امام عجّل الله تعالی فرجه الشریف سان ديدار مولاقات ڪرڻ، جهڙوڪ حضرت خضر، الياس ۽ هالو جو قصو (جيڪو ڪتابن منجهه نقل ٿيل آهي) ۽ انهن جو امام مهدي عجّل الله تعالی فرجه الشریف سان ملاقات ڪرڻ ۽ سندن خدمت ۾ حاضر ٿيڻ سان امام عجّل الله تعالی فرجه الشریف جو احساس وحشت ۽ تنهائي دور ٿئي ٿي.

اهڙي قسم جي ملاقاتن ڏانهن توجهه ڪرڻ سان اهو واضح ٿي وڃي ٿو ته انهن ٽنهي قسمن جي ملاقاتن منجهان جيڪي به ممڪن آهن سڀني ماڻهن لاءِ واقع ٿي سگهن، بهتر آهي ته انسان امام زمان عجّل الله تعالی فرجه الشریف سان ملاقات جو بهترين ۽ مهمترين وسيلو حاصل ڪري، ۽ اهو سندن رضايت جو حاصل ڪرڻ آهي.

عجيب ڳالهه هي آهي ته امام مهدي عجّل الله تعالی فرجه الشریف ڪجهه ملاقاتن ۾، اسان کي ان شئ ڏانهن جنهن کي اسان بيان ڪيو آهي راهنمائي ڪئي آهي.

منهنجي جد روحاني متقي مرحوم حاج سيد محمد باقر مجتهد سيستاني سان ٿيڻ واري ملاقات ۾ امام عجّل الله تعالی فرجه الشریف کيس فرمايو: ڇو منهنجي زيارت لاءِ پنهنجي پاڻ کي ائين زحمت ۾ وجهو ٿا، هِن وانگر ٿي وڃو جو آئون پاڻ هلي ڪري اوهان جي ديدار لاءِ اچان.

۽ اشارو فرمائن ٿا هڪ عورت جي جنازي ڏانهن جيڪا ڪشفِ حجاب جي زماني ۾ ستن سالن تائين پنهنجي گهر مان ٻاهر نه نڪتي هئي.

سندن ملاقات چاليهه جمعا ۽ هر جمعي زيارت عاشورا پڙهڻ جي ڪري هڪ مسجد ۾ واقع ٿي هئي جيڪا ڪيترن ئي ڪتابن ۾ نقل ٿي آهي جنهن ڪري سڄي داستان کي هتي ذڪر نٿا ڪريون.

ان بنا تي جيترو به ٿي سگهي اضطرار ۽ حالت انقطاع يا ختم (قرآن) جي انجام ڏيڻ سان ڪنهن حد تائين نورانيت ۽ حضرت بقية الله الاعظم عجّل الله تعالی فرجه الشریف جي بارگاهه ۾ حاضر ٿيڻ جو وسيلو فراهم ڪري سگهجي ٿو، پر بهتر آهي ته انسان کي سندن ڪامل رضايت حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي، تاڪه وڌيڪ نورانيت ۽ پاڪيزگي حاصل ڪرڻ جي ذريعي، اُهو رئوف ۽ پيءُ کان به وڌيڪ مهربان امام پڻ پنهنجي جدائي جو صدمو رسيل فرزند جي ديدار جو طالب ٿي وڃي.

دعا آهي ته رب ڌڻي توهان سڀني دوستن کي امام زمان عجّل الله تعالی فرجه الشریف سان ملاقات جي توفيق عنايت فرمائي. (آمين)

پايگاهه علمي المنجي

 

بازدید : 2361
بازديد امروز : 0
بازديد ديروز : 100510
بازديد کل : 134613522
بازديد کل : 93063044