امام صادق عليه السلام : جيڪڏهن مان هن کي ڏسان ته (امام مهدي عليه السلام) ان جي پوري زندگي خدمت ڪيان هان.
اها روايت جنهن ۾ ذڪر ٿيل آهي ته امام زمانه عليه السلام کي هڪ عورت شهيد ڪندي، ڇا سند جي اعتبار سان صحيح آهي؟

سوال:

اها روايت جنهن ۾ ذڪر ٿيل آهي ته امام زمانه عليه السلام کي هڪ عورت شهيد ڪندي،  ڇا سند جي اعتبار سان صحيح آهي؟

جواب:

اها روايت سند جي حوالي سان صحيح ناهي، قديم شيعه عالمن پنهنجي ڪتابن ۾ ذڪر ناهي ڪيو،اهلسنت جي عالمن پنهنجي ڪتابن اندر لکيو آهي، ڪجهه شيعا عالمن پڻ پنهنجي ڪتابن ۾ جهڙوڪ الزام الناصب ۾ ان حديث ۾ نقل ڪندي چيو آهي ته ان حديث جو اصلي منبع اهلسنت جا ڪتاب آهن، انهيءَ بنا تي هي حديث اعتبار جوڳي ناهي.

ان کان سواءِ ڪيترين ئي روايتن سان جيڪي معني جي لحاظ سان متواتر آهي منافات ٿي رکي. جهڙوڪ اهي روايتون جيڪي ظهور واري زماني جي پرامن ماحول جي باري ۾ وارد ٿيل آهن يا اهي روايتون جيڪي ظهور واري زماني ۾ ظلم ۽ ظالمن جي باقي نه رهڻ تي روشن دلالت ڪن ٿيون. اها هڪ روايت ڪيترين ئي روايتن جي معارض آهي ان لاءِ اعتبار جوڳي ناهي. 

 

دورو ڪريو : 4540
اج جا مهمان : 95618
ڪالھ جا مهمان : 309429
ڪل مهمان : 157911338
ڪل مهمان : 116493676