Imam Shadiq As: seandainya Zaman itu aku alami maka seluruh hari dalam hidupku akan berkhidmat kepadanya (Imam Mahdi As
مرحوم ملّا مهدي نراقي ڪئين پنهنجي پاڻ کي آمادھ ڪيو؟.

مرحوم ملّا مهدي نراقي ڪئين پنهنجي پاڻ کي آمادھ ڪيو؟.

هاڻي اسان هڪ بزگ شيعه عالم دين مرحوم ملّا مهدي نراقي (ره) جي زندگي کي بيان ڪيون ٿا:

ان عظيم شخصيت کي درس ۽ مباحثي سان ايترو ته شوق هو جو سندس پنهنجي گھر کان اچڻ وارا خطَ به نه پڙهندو هو ته جيئن انهن ۾ ڪا اهڙي ڳالهه نه لکيل هجي جو سندس پريشاني جو سبب ٿئي ۽ جنهن جي ڪري سندس درس ۽ مباحثي ۾ رڪاوٽ ٿئي، ايستائين جو سندس والد محترم کي قتل ڪيو ويو ۽ ان جي خبر خط ۾ لکي موڪلي وئي. کيس خط مليو پر پاڻ خط کي نه کوليو جنهن ڪري خط جي مضمون کان واقف نه ٿي سگھيا ۽ اهڙي طرح پنهنجي درسن ۽ مباحثن ۾ مشغول رهيا.

جڏهن مرحوم نراقيءَ جا رشتيدار ان جي اچڻ کان نااميد ٿي ويا ته انهن مرحوم جي استاد ڏانهن خط لکي مرحوم نراقي جي والد جي قتل ٿي وڃڻ جي خبر ڏني ته جيئن مرحوم کي پنهنجي شهر ”نراق“ ڏانهن روانو ڪري.

مرحوم ملّا نراقي جڏهن درس ۾ ويو ته استاد کي غمگين ڏسندي استاد کان سوال ڪيو: سائين اڄ توهان ڇو پريشان آهيو؟ ۽ اڄ ڇو توهان درس شروع نه ڪري رهيا آهيو؟

سندس استاد چيو: تون کي گرجي ته ”نراق“ ڏانهن روانو ٿي وڃ ڇاڪاڻ ته تنهنجو بابو ڏاڍو مريض ۽ زخمي آهي.

مرحوم نراقي جواب ڏيندي چيو: سائين خدا ڪريم آهي ۽ ان جي حفاظت ڪندو. توهان درس شروع ڪيو. ان کانپوءِ استاد مرحوم کي ان جي موت جي خبر بڌائيندي حڪم ڏنو ته جلدي ”نراق“ ڏانهن روانو ٿي وڃ.

مرحوم نراقي ”نراق“ ڏانهن روانو ٿيو ۽ صرف ٽي ڏينهن ”نراق“ ۾ رهي وري نجف ڏانهن واپس موٽي آيو.

مرحوم نراقي اهڙي طرح پنهنجي نفس کي تحصيل علم لاءِ تيار ڪيو، جنهن جي سبب پاڻ علم ۽ عمل جي بلند مقامن تائين پهچي ويا[1].

 


[1] . فوائد الرضويه؛ ص، 669

 

    Mengunjungi : 2518
    Pengunjung hari ini : 75346
    Total Pengunjung : 226086
    Total Pengunjung : 147267170
    Total Pengunjung : 100991857