2- انتظار جي اثرن جي ڄاڻ
(1) مايوسي ۽ نااميدي کان پري ٿيڻ
اهڙي سماج ۾ جتي دين جو نالو نشان به ڪونهي ۽ ماڻهو سٺي مستقبل جي سوچ ۾ به نه هجن، پوءِ قتل ، خونريزي، خود ڪشي، ۽ اهڙي قسم جا ٻيا غلط ڪم تمام گھڻا ٿيندا آهن. ان ڪري جو سماج ۾ غربت ، تنگ دستي، ظلم، ڏاڍ، قانون جي ڀڃڪڙي ، انسان جي حقن جي خلاف ورزي ۽ بي توجهي جهڙن حالتن سان منهن ڏيڻو پوندو آهي، يا وري اهڙين حالتن سان مقابلي ڪرڻ لاءِ واقفيت جو نه هجڻ ته انهن حالتن ڪري سماج ۽ معاشرو تباهي ڏانهن وڌي ويندو آهي ۽ ان معاشري ۾ نااميدي ۽ مايوسي پکڙبي آهي. ڇا ڪاڻ ته اهڙا ماڻهو غَيبي طاقت کان مايوس ۽ نااميد هوندا آهن. ان ڪري مشڪلن کان بچڻ لاءِ خود ڪشي ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويندا آهن. پوءِ انهي ظلم ۽ خود ڪشي کي پنهنجو ڪري (اپنائي) نه صرف پنهنجي دنيا ۽ آخرت ، بلڪي پنهنجي خاندان ۽ ان سان گڏ پنهنجن مائٽن مٽن کي به هڪ وڏي تباهي ۾ مبتلا ڪري ڇڏيندا آهن.
ليڪن ان جي مقابلي ۾ جن جي دلين ۾ انتظار جي ڪيفيت اجاگر هوندي آهي، ۽ هر وقت دنيا ۾ ولايت واري نور جي چمڪڻ جي انتظار ۾ آهن. اهي ڪڏهن به اهڙي قسم جو ظلم نٿا سهي سگھن يا وري خودڪشي نه ٿا ڪري سگھن ، جيڪو ظلم پاڻ سان گڏ سماج ۽ معاشري جي تباهي جو سبب ٿئي. ان جوسبب اهو آهي ته هنن کي انتظار جي مسئلي متعلق واقفيت اٿن. جنهن جي نتيجي ۾ اهڙا ماڻهو مايوسي ۽ نااميدي کان پري آهن.
ان مطلب کي هيٺ ڏنل روايت ۾ واضح بيان ڪيو ويوآهي.
عَنِ الحَسَنِ بنِ الجَهِم قٰالَ : سالتُ ابٰاالحَسَنِ (ع) عَن شَئ مِنَ الفَرَجِ ، فَقٰالَ(ع) : اَوَلَستَ تَعلَمُ انّ اِنتِظٰارَ الفَرجِ مِن الفَرَجِ؟
قُلتُ : لاٰ ادرِي الاّٰ ان تُعَلِّمَني ، فَقٰالَ(ع) : نَعَم ، اِنتِظٰارُ الفَرَجِ مِن الفَرَجِ (9)
حسن بن جهم چئي ٿو : امام موسيٰ ڪاظم(ع) کان مون فرج (مشڪل آسان ٿيڻ) جي باري ۾ سوال ڪيم، مولا فرمايو : ڇا توکي خبر نه آهي ته فرج جو انتظار، فرج ۾ آهي.
مان عرض ڪيو اوهان جيترو مونکي ٻڌايو آهي ، انهي کان وڌيڪ مونکي خبر نه آهي.
مولا فرمايو: فرج جو انتطار ، پاڻ فرج جو هڪ حصو آهي.
(9) بحارالانوار ج 52 ص 130_
بازديد امروز : 54039
بازديد ديروز : 95900
بازديد کل : 134833914
|