الإمام الصادق علیه السلام : لو أدرکته لخدمته أیّام حیاتی.
ڄاڻيندي ڪم جو آغاز ڪريو:

ڄاڻيندي ڪم جو آغاز ڪريو:

امام ۽ ولايت جي پهرين ڪڙي حضرت امام علي عليه السلام ڪم ۽ جستجو کي علم ۽ معرفت جي بنيادي شرط قرار ڏيندي امت جي هدايت جي لاءِ پنهنجي فرمانن ۾ ارشاد فرمايو آهي ته: انسان بصير ۽ روشن دل جي ذريعي ابتدا ۾ ئي ڄاڻيندو آهي ته ان ڪم جو نتيجو ان جي فائدي ۾ آهي يا ان جي نقصان ۾ آهي. پاڻ اِن حقيقت کي هن طرح بيان ڪيو آهي:

فَالنَّاظِرُ بِالْقَلْبِ الْعَامِلُ بِالْبَصَرِ يَكُونُ مُبْتَدَأَ عَمَلِهِ أَنْ يَعْلَمَ أَ عَمَلُهُ عَلَيْهِ أَمْ لَه‏[1]

جيڪو دل جي ذريعي ڏسي ۽ بصيرت سان عمل ڪري! اهو ڪم جي شروعات ۾ ئي ڄاڻيندو آهي ته هي ڪم ان جي لاءِ نقصان آهي يا فائديمند آهي.

چه نيکو متاعي است کار آگهي

کزين نقد عالم مبادا تهي

ز عالم کسي سر بر آرد بلند

کو در کار عالم بود هوشمند

 


[1] . بحارالانوار؛ج،1، ص،209   

 

    زيارة : 2498
    اليوم : 130246
    الامس : 226086
    مجموع الکل للزائرین : 147376952
    مجموع الکل للزائرین : 101046757