امام صادق عليه السلام : جيڪڏهن مان هن کي ڏسان ته (امام مهدي عليه السلام) ان جي پوري زندگي خدمت ڪيان هان.
فڪر جو روزو

فڪر جو روزو

 اسلام  ۾ چُپ ۽ خاموشيءَ جي روزي جو وجود نه آهي جئين ته رات جو کائڻ پيئڻ کان پرهيز ڪندي رات جي روزي جي ڪا معنٰي نه آهي پر جيڪي ماڻهو بلند عالي ۽ وڏن معنوي مقامن ۽ مرتبن کي حاصل ڪرڻ جي ڳولا ۾ آهن اهي چُپ جو روزو رکڻ بدران فڪر جو روزو رکندا آهن اهي پنهنجي ذهن کي بُري ۽ نا پاڪ فڪر سان پليت ناهن ڪندا اهو خاندان  رسالت جي طرفان  اسان تائين پهتل هڪ حکم آهي

حضرت امير المومنين جن  فرمائن ٿا:

صِيامُ الْقَلْبِ عَنِ الْفِكْرِ فِي الْاثامِ اَفْضَلُ مِنْ صِيامِ الْبَطْنِ‏عَنِ‏ الطَّعامِ. (1)

دل جو گناهن بابت ۾ فڪر کان رکيل روزو کاڌي پيتي کان پرهيز ڪندي پيٽ جي روزي کان وڌيڪ فضيلت ٿو رکي.

جيڪڏهن پنهنجي پاڻ کي بري سوچ سان ناپاڪ نه ڪريون ته جھڙوڪ اهو گناهن ۽ برن ڪمن کان انشورنش ۽ بيمو آهي اهڙي صورت ۾ فڪر هڪ صاف شفاف آئيني جيان توهان کي واقعيت ۽ حقيقت ڏيکاريندي فڪر جو روزو انسان جي ڇوٽڪاري لاءِ موثر  ترين ۽ بهترين واٽ آهي جيڪا ان جي اختيار ۾ آهي ۽ اهو روزو معنوي سير لاءِ

انسان کي ڪامياب ۽ ڪامران ڪندو آهي فڪر جو روزو انسان جي روح کي معنوي دنيا جي وسيع اُڀ ۾ اڏام  ڪرائيندو آهي ۽ ان کي ترقي جي چوٽيءَ تائين پهچائيندو آهي.

    جيڪڏهن توهان فڪر جو روزو رکڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا ته شيطان کي شڪست ڏئي سگھو ٿا ڀلي جو مومنن لاءِ شيطان جي دشمني تمام ضعيف ۽ ڪمزور آهي ۽ انسان کي گھمراه ڪرڻ لاءِ شيطان جي طاقت ۽ سگھ بلڪل گھٽ آهي پر اهو انسانن جي ڇُڙواڳ نفس مان فائدو وٺندو آهي جيڪو هميشه انسانن سان گڏ آهي اهو انسانن جي نفس ۾ وسوسه وجھي ان کي پنهنجو هم عقيده بڻائيندو ۽ نفس جي مدد ساڻ انسان جي وجود کي تباھ ۽ برباد ڪري ڇڏيندو آهي ۽ ٻنهي جھانن جي خوشخبتيءَ کان محروم ڪري ڇڏيندو آهي شيطاني وسوسن کي حديث نفس کان چوٽڪاري حاصل ڪرڻ جو رستو دنياوي فڪرن کي ختم ڪرڻ آهي جيڪو پنهنجي نفس کي دنياوي  فڪرن کان بچائي ان کان برا ڪم ۽ گناھ نه ٿيندا آهن اهڙيءَ ريت ان کي هميشه جي خوشبختي حاصل ٿيندي آهي ڇو ته صحيح ۽ سالم فڪر انسان کي ڏک سُور ۽ دنياوي فڪرن کان ڇوٽڪارو ڏياريندو آهي جيڪي دنياوي فڪرُون انسان جي سعادت کي ويران ڪنديون آهن.

 


(1) شرح غررالکم 4/214

 

    دورو ڪريو : 2414
    اج جا مهمان : 7186
    ڪالھ جا مهمان : 103128
    ڪل مهمان : 132277207
    ڪل مهمان : 91746372