امام صادق عليه السلام : جيڪڏهن مان هن کي ڏسان ته (امام مهدي عليه السلام) ان جي پوري زندگي خدمت ڪيان هان.
خدا ۽ اهل بيت عليهم السلام جي ياد:

 

حضرت اميرالمؤمنين علي عليه السلام  فرمائن ٿا

هُمۡ الْوَسِيلَةُ إِلَى اللَّهِ وَ الْوُصْلَةُ إِلَى عَفْوِهِ وَ رِضَاه[1] .

معصومين عليهم السلام خدا تائين پهچڻ جو وسيلو آهن ۽ خدا جي بخشش ۽ رضايت تائين پهچڻ جو رستو آهن

خدا ۽ اهل بيت عليهم السلام  جي ياد:

خدا جي ياد غمگين ۽ پريشان دلين کي آرام بخشيندي آهي ۽ انهن کي مشقلات کان نجات ڏيندي آهي، پر غفلت ڪندي خدا ۽ اهل بيت عليهم السلام  جي ياد کي وساري ڇڏڻ دل جي گمراهي جو سبب ٿيندي آهي ۽ دل کي هميشه هميشه لاءِ پريشانين ۾ ڌڪي ڇڏيندي آهي.

خدا حضرت موسى عليه السلام  تي وحي نازل ڪندي فرمايو

يَا مُوسَى عليه السلام  لَا تَفْرَحْ بِكَثْرَةِ الْمَالِ وَ لَا تَدَعْ ذِكْرِي عَلَى كُلِّ حَالٍ فَإِنَّ كَثْرَةَ الْمَالِ تُنْسِي الذُّنُوبَ وَ إِنَّ تَرْكَ ذِكْرِي يُقْسِي الْقُلُوبَ[1].

اي موسى (عليه السلام )! مال جي گهڻي هجڻ جي ڪري خوش نه ٿيجاءِ ۽ ڪهڙي به حال ۾ منهنجي ياد کي ڇڏي نه ڏيجاءِ ڇاڪاڻ ته مال جو گهڻو هجڻ گناهن کي وساري ڇڏيندو آهي ۽ بيشڪ منهنجي ياد کي وساري ڇڏڻ دل جي سخت ٿي وڃڻ جو سبب ٿيندو آهي،

ڇوجو خدا جي ياد کي وساري ڇڏڻ سان انسان تي شيطان (ملعون) مسلط ٿي ويندو آهي ۽ ان جي آرام ۽ سڪون کي برباد ڪري ڇڏيندو آهي.

خداوند عالم قرآن مجيد ۾ فرمايو آهي:

 وَ مَنْ يَعْشُ عَنْ ذِكْرِ الرَّحْمنِ نُقَيِّضْ لَهُ شَيْطاناً فَهُوَ لَهُ قَرين[2].

جيڪو به شخص الله جي ذڪر کان منهن ڦيرائيندو اسان ان جي لاءِ هڪ شيطان مقرر ڪنداسين جيڪو ان جو ساٿي ۽ گڏ رهڻ وارو هوندو.

گناهن کي وساري ڇڏڻ، دل جي سخت ٿيڻ ۽ شيطان جو مسلط ٿي وڃڻ خدا جي ياد کي وسارڻ جو نتيجو آهي. خدا جي ياد انسان کي روحاني بيمارين کان نجات ڏيندي آهي ۽ ان کي دلي ۽ روحاني سڪون عطا ڪندي آهي. اسان کي ان نڪته ڏانهن توجھ ڪرڻ گھرجي ته اهل بيت عليهم السلام  جي ياد به خدا جي ياد آهي، جڏهن ته خدا جي ذڪر سان ظاهر ٿيڻ وارا اثرَ اهل بيت عليهم السلام  جي ذڪر سان به ظاهر ٿيندا آهي.

امام محمد باقر عليه السلام  فرمائن ٿا؛

إِنَّ ذِكْرَنَا مِنْ ذِكْرِ اللَّه[3] .

 


[1] . ڪافي؛ج، 2، ص، 497

[2] . سوره زخرف آيت 36.

[3] . ڪافي؛ ج، 2، ص،  496

 

    دورو ڪريو : 2522
    اج جا مهمان : 7592
    ڪالھ جا مهمان : 23197
    ڪل مهمان : 128878863
    ڪل مهمان : 89529411