Imam sadIiq: IF I Percieve his time I will serve him in all of my life days
مهاڳ

بسم الله الرحمن الرحيم

مهاڳ

ان الله جا احسان جنهن عقل کي حق ۽ باطل کي سڃاڻڻ جو وسيلو، ۽ اسانکي حق ۽ حقيقت جي ڳولها ڪري ان تي هلڻ وارن مان قرار ڏنو.

ساراهون ۽ تعريفون ان الله جون جنهن خاتم الانبياء محمد مصطفى صلي الله عليه وآله وسلم ۽ سندس پاڪ آل: جي محبت ۽ مودت اسان جي دلين ۾ سمائي ته جيئن انهن جي هدايت جي ڇانوَ ۾ ڇوٽڪاري جي ڪشتيءَ تي سوار ٿي سعادت جي واٽ جا واٽهڙو ٿيون .

هي ڪتاب جيڪو اوهان جي آڏو آهي نظام الملڪ طوسي جي ناٺي مقاتل بن عطيه “مؤتمر علماء بغداد” (بغداد جي عالمن جي ڪانفرنس) جي نالي سان لکيو آهي. جيڪو هينئر تائين ڪيترين ئي ٻولين ۾ ترجمو ٿي ڇپبو رهيوآهي. ڪتاب ننڍڙي ۽ مختصر هئڻ باجود گهڻن ئي ماڻهن جي هدايت ڪري سگهيوآهي.

جيئن ڏسندا ته هي ڪتاب، سلطان شاهه سلجوقي ۽ سندس وزير نظام الملڪ وٽ شيعه ۽ سني عالمن جي وچ ۾ هڪ مناظري جو اکين ڏٺو احوال آهي.

هن ڪتاب جي مطالعي دؤران ڏسندا ته گهڻيون ئي شيون آهن جن کي “الله جو حڪم”   يا “نبي جي سنت” چيو ٿو وڃي جڏهن ته اهي الله جي حڪم ۽ نبي جي سنت جو بلڪل ضد آهن ۽ بدعت  ۽ خرافات کان علاوه ٻيو ڪجهه به نه آهن .

       ان اميد سان ته پوري دنيا جا مسلمان حقيقت ۽ سچ جي واٽ جي وائکي ٿيڻ بعد دشمني، ضد ۽ ڪيني کي ڦٽو ڪري  ،  الله جي رسيءَ کي مظبوطي سان پڪڙن ته جيئن گمراهي جي انڌيري کان ڇوٽڪاروحاصل ڪري هدايت جي نور تائين پهچي سگهن.  ان شاءَ الله تعالى. 

 

اميرالمؤمنين عليه السلام جي زيارت جو هڪ حصو

اي پاڪيزه سرواڻؤ.

اي الله جا اَمَر  نور .

اي جڳ ۾ الله جون اکيون.

آءٌ اوهان جي حڪم ۽ حڪومت جي اچڻ جي انتظار ۾ آهيان.

آءُ اوهان سان آهيان نڪي اوهان جي غيرن سان

مون اوهان تي ايمان آندو ۽ اوهان جي دشمنن کان بيزار آهيان .

ــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــ

بحار الانوار : 100/345 ، الصحيفة المبارکة المهدية : 858

 

 

    Visit : 2719
    Today’s viewers : 198768
    Yesterday’s viewers : 226086
    Total viewers : 147513908
    Total viewers : 101115278