Imam Shadiq As: seandainya Zaman itu aku alami maka seluruh hari dalam hidupku akan berkhidmat kepadanya (Imam Mahdi As
ڪوڙي محبت:

ڪوڙي محبت:

 ڪجھ ماڻهون اهلبيت عليهم السلام  سان محبت ۽ دوستي جو اظهار ڪندا آهن ان باري ۾ پاڻ کي ايترو ته سچو ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪندا آهن جو ڪنهن کي به انهن تي شڪ ناهي ٿيندو ائين محسوس ڪرائيندا آهن ته انهن جو وجود اهلبيت عليهم السلام جي محبت سان ڀريل آهي ۽ جڏهن اسان انهن جي ڪردار ، رفتار جي اهلبيت عليهم السلام جي ڪردار رفتار سان ڀيٽ ڪندا آهيون ته ان وقت معلوم ٿيندو آهي ته انهن جو اهلبيت عليهم السلام سان پري جو به ڪو تعلق ناهي انهن جي محبت ۾ ڪا به سچائي نه هوندي آهي، ڪجھ ماڻهون پاڻ کي امام زمانه (عج) جو سچو عاشق ۽ فداڪار چوندا آهن پر عمل ۾ ان جو حق         ( جيڪو خمس جي صورت ۾ انهن وٽ امانت آهي ۽ الله جي نعمتن جو سبب آهي ) ان جي آل کي ادا ڪرڻ کان ڪيٻائيندا آهن. جيڪو شخص امام زمانه (عج) جي پاڪ هدف ۾ خرچ ڪرڻ کان پاسو ڪري ٿو، ڇا اهو امام (عج)  جي ظهور جي زماني ۾ پنهنجي جان فدا ڪندو؟ ڇا امام زمانه (عج)  پنهنجي توقيع ۾ ناهي فرمايو:

لَعْنَةُ اللَّهِ وَالْمَلائِكَةِ وَالنَّاسِ أَجْمَعينَ عَلى مَنِ اسْتَحَلَّ مِنْ أَمْوالِنادِرْهَماً[1].

ان ماڻهون تي الله. فرشتن ۽ سڀني ماڻهن جي لعنت آهي جيڪو اسان جي مال مان هڪ درهم کي به پنهنجي لاءِ حلال سمجھي.

 امام محمد باقر عليه السلام اهلبيت عليهم السلام جي دعوي ڪرڻ وارن جي باري ۾ جابر کي مخاطب ڪيو:

يا جابِرُ، أَيَكْتَفي مَنْ يَنْتَحِلُالتَّشَيُّعَ أَنْ يَقوُلَ بِحُبِّنا أَهلِ البَيْتِ؟ فَوَاللَّهِ ما شيعَتُناإِلاَّمَنِ اتَّقَى اللَّهَ[2].

 اي جابر! ڇا پاڻ کي شيعه ڏيکارڻ (سڏرائڻ) ڪافي آهي ۽ چوي ته مان اهلبيت عليهم السلام سان محبت ڪندو آهيان الله جو قسم اسان جو شيعه اهو آهي جيڪو پرهيزگار هجي ۽ الله تعالى جو فرمانبردار هجي.

 ان فرمان مان واضح ٿئي ٿو ته جيڪو به پرهيزگار ۽ الله جو فرمانبردار ناهي اهو محبت جي اظهار کي ڪافي نه سمجھي.

 


[1] . بحارالانوار ج 53 ص 183 ، ڪمالالدين ج 2 ص 201

الصحيفه المبارڪه المهديه ص 282

[2] . وَأَطاعَهُ بحارالانوار ج 70 ص 97

 

    Mengunjungi : 2511
    Pengunjung hari ini : 205352
    Total Pengunjung : 226086
    Total Pengunjung : 147527061
    Total Pengunjung : 101121862