امام صادق علیه السلام : اگر من زمان او (حضرت مهدی علیه السلام ) را درک کنم ، در تمام زندگی و حیاتم به او خدمت می کنم.
بحث جو نتيجو:

بحث جو نتيجو:

توسل دل جي پليدي کي پاڪ ڪندو آهي ۽ غافل دلين ۾ خدا جي ياد پيدا ڪندو آهي. جڏهن مختلف قسمن جا فتنه ۽ فساد انسانن کي گمراهيءَ ۾ مبتلا ڪن ته اهل بيت عليهم السلام  سان توسل ڪن ته جيئن انهن کي اهو توسل نجات جي ڪشتي وانگر ڪناري تائين پهچائي.

جيڪڏهن خدا جو قرب حاصل ڪرڻ چاهيو ٿا ۽ خدا جي سامهون  سرخرو ٿيڻ چاهيو ٿا ته توسل ئي توهان کي ان هدف تائين پهچائي سگهي ٿو.

اهل بيت عليهم السلام جي نسبت سان اسان اهم ترين اعتقادي مسئلن جهڙوڪ ان جو ايمان ۽ يقين، علم ، ڄاڻ ۽ ان جي قدرت ۽ ولايت توسل جي مسئلي ۾ ئي لڪيل آهي.

اخلاق جا عالي ترين مسئلا جهڙوڪ دل جي پاڪيزگي، غور ۽ فڪر وغيره توسل جي ذريعي ئي حاصل ٿيندا آهن. مشڪل ترين شخصي مسئلن کي اهل بيت عليهم السلام  جي توسل سان حل ڪري سگھجي ٿو ڇو جو هي هستيون خدا جا جانشين ۽ ولايت الٰهي جا مالڪ آهن. اهل بيت عليهم السلام  سان توسل ڪرڻ خدا جي اطاعت ڪرڻ ۽ گناهن کي ترڪ ڪرڻ جو وسيلو فراهم ڪندا آهن. اهڙي طرح خدا جي قدرت کان ئي مدد وٺي سگھجي ٿي.

آنان که خاک را به نظر کيميا کند

آيا شود که گوشه چشمي به ما کند

 

بازدید : 2523
بازديد امروز : 0
بازديد ديروز : 270994
بازديد کل : 147658320
بازديد کل : 101187505