1_ ڄاڻ حاصل ڪرڻ :
اهلبيت عصمت و طهارت عليهمم السلام جي ڪيترن ئي فرمانن ۾ يقين جي فضيلت ۽ ان جي اهميت کي بيان ڪيو ويو آهي هاڻي ذهن ۾ اهو سوال پيدا ٿي ٿو تہ ڪهڙيءَ ريت يقين جي منزل تي پهچي سگهجي ٿو ؟
ان سوال جو جواب بہ اهلبيت عليهمم السلام جي فرمانن ۾ موجود آهي.
يقين جي منزل ۽ ان جي مقام کي حاصل ڪرڻ لاءِ وڌيڪ سٺو طريقو ڄاڻ ۽ معرفت آهي انسان جڏهن الله پاڪ جي معرفتن مان فائدو وٺندو آهي تہ هو مضبوط عقيدي سان يقين جي منزل تي پهچي سگهي ٿو.
روايتن ۾ ان حقيقت جي وضاحت ٿي آهي معراج واري رات الله سائينءَ پاڻ سڳورن صلي لله عليه وآلہ وسلم کي فرمايو:
وَالْمَعْرِفَةُ تُورِثُ الْيَقينَ، فَاِذا اسْتَيْقَنَ الْعَبْدُ لايُبالي كَيْفَ اَصْبَحَ،بِعُسْرٍ اَمْ بِيُسْرٍ[1].
معرفت يقين جو سبب آهي پوءِ جڏهن انسان کي يقين حاصل ٿي وڃي تہ ان کي ڪو خوف نہ هوندوآهي تہ رات ڪيئن ڱذري وئي ۽ ڪيئن صبح ٿي پوءِ ڀلي اهو سخطيءَ ۾ هجي يا آسانيءَ ۾.
اهڙيءَ ريت معلوم ٿيو تہ شڪ ۽ ترديد يقين جي نہ هجڻ جي ڪري پيدا ٿيندو آهي ان کي ختم ڪرڻ لاءِ پنهنجي اندر يقين جي حالت پيدا ڪريو ۽ يقين جي حالت پيدا ڪرڻ لاءِ معرفت ۽ ڄاڻ حاصل ڪريو ڇو تہ اهلبيت عليهمم السلام جي معارف کي حاصل ڪرڻ سان ئي يقين جي وڏي مقام تي پهچي سگهجي ٿو.
بازديد امروز : 55782
بازديد ديروز : 98316
بازديد کل : 134247472
|