امام صادق عليه السلام : جيڪڏهن مان هن کي ڏسان ته (امام مهدي عليه السلام) ان جي پوري زندگي خدمت ڪيان هان.
يقين جي اهميت!

يقين جي اهميت!

يقين عالم غيب ڏانهن وڃڻ جي با عظمت ۽ سڌي واٽ آهي. يقين عالم ملڪوت تائين پهچڻ ۽ نه ڏسجڻ واري دنيا سان رابطي جي لاءِ سنئين واٽ آهي. يقين مهذّب نفسن ۽ بزرگن جي خصلتن منجھان هڪ آهي. يقين اهلبيت اطهار عليهم السلام جي صحابين سڳورن ۽ الله جي خاص ٻانهن جي خصوصيت منجھان هڪ آهي. يقين انسان ۾ روحاني طاقت پيدا ڪري ٿو. يقين وحي جي خاندان سان رابطي جو وسيلو آهي. ۽ دل ۾ يقين جو وجود معنوي پيوند جي رڪاوٽن کي روڪي ٿو. ۽ اهلبيت عليهم السلام سان ويجھڙائي ۽ انهن تائين پهچڻ جو وسيلوٿئي ٿو. يقين جي واڌ سان انسان پنهنجي دل کي ملائڪن جي قيام گاه بڻائي ۽ ان کي شيطان جي شر ، وسوسن کان بچائي سگھي ٿو. شيطان جي شر کان رهائي حاصل ڪرڻ کان پوءِ انسان کي ڪيترائي معنوي فيض حاصل ٿيندا. اهڙي ريت انسان جي دل نورانيت سان ڀرجي ويندي.

 انهيءَ ڪارڻ ئي حضرت بقيّه الله جي ظهور جي ڏهاڙي تمام ماڻهن جي دلين ۾ يقين پيدا ٿي ويندو. ڇو ته انهيءَ ڏينهن جڏهن تاريخ جي سڀ کان پراڻي عبادت گاهه (ڪعبه الله) مان حضرت قائم آل محمّدعليهم السلام جو حياتي ڏيندڙ سڏ ماڻهن جي ڪنن تائين پهچندو ته ابليس ۽ ان جي مڃڻ وارن جي دلين ۾ ڊپ ۽ خوف تاري ٿي ويندو. حضرت بقيّه الله اعظم(ع) جي ظهور سان سڀ جا سڀ شيطان هلاڪ  ٿي ويندا. تڏهن ماڻهن جي دلين کي وسوسي کان چوٽڪارو ملندو. ۽ انهن جي دلين ۽ جان تي آرام ۽ اطمينان جي حڪومت هوندي. انهيءَ ڏهاڙي ماڻهن جي دلين ۾ يقين ۽ ايمان جو اضافو ٿيندو. انهيءَ ڏينهن يقين پيدا ڪرڻ واريون سڀ شيون (امور) موجود ٿي وينديون ۽ يقين جي ذريعي سڀ جي اندر جي اصلاح ٿيندي. انهيءَ ڳالهه ۽ نڪتي بيان ڪرڻ لاءِ ته ظهور جي وقت سڀ اهل يقين ٿي وينداسين مقدمي جي لاءِ ڪجھ مطالب ذڪر ڪريون ٿا.

الله پاڪ قرآن مجيد ۾ حضرت ابراهيم جي بابت فرمائي ٿو.

وَكذلِكَ نُري اِبْراهيمَ مَلَكُوتَ السَّمواتِ وَالْاَرْضِ وَلِيَكُونَ مِنَ‏الْمُوقِنينَ[1].

۽ ائين ئي اسان ابراهيم کي زمين ۽ آسمان جا اختيار ڏيکاريندا آهيون ۽ ان لاءِ ته هو يقين ڪرڻ وارن منجھان ٿي وڃي.

صفوان چوي ٿو ته مون امام رضا عليه السلام جن کان پڇيو ته الله سائين حضرت ابراهيم عليه السلام جي بابت

فرمايو آهي.،

اَوَلَمْ تُؤْمِنْ قالَ بَلى وَلكِنْ لِيَطْمَئِنَّ قَلْبي[2].

قالَ: لا، كانَ عَلى يَقينٍ وَلكِنَّهُ اَرادَ مِنَ‏اللَّهِ الزِّيادَةَ في يَقينِهِ[3].

پاڻ فرمايائون. ته انهن کي يقين هئو پر هو الله کان چاهين پيا تو انهن جي يقين ۾ اضافو ٿي وڃي. اهڙيءَ طرح حضرت ابراهيم آسمان ۽ زمين ۾ انهن شين کي ڏٺو جن کي محسوس نه پيو ڪري سگھجي ۽ ان جي يقين ۾ اضافو ٿيو. آسمان ۽ زمين ۾ غير محسوس شين کي ڏسڻ جي ڪري ان جي يقين اضافو ٿيو پوءِ ان ۾ اها طاقت اچي وئي ته هو ٻين ۾ به يقين ايجاد ڪن.

ظهور واري زماني جي ماڻهن جي حالت ۽ امام مهدي (عجل الله) جي سلطنت تي توجهه ڪيو. جو پاڻ صاحب ملڪوت آهن. ۽ الله کان سواءِ زمين ۽ آسمان جو مشاهدو ڪري سگھن ٿا. ڇا ان زماني جا ماڻهو يقين حاصل نٿا ڪري  سگھن؟. بس غيبت جي زماني ۾ به هر شخص يقين حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري يقين حاصل ڪرڻ سان هو شيطان تي حاڪم ٿي سگھي ٿو ۽ معنويت جي صراط مستقيم تي هلي سگھي ٿو.

 


[1] .  سورہ  انعام  آيت:75

[2] . سوره بقره آيت 260

[3] . .بحارالانوار176/70:

 

 

    دورو ڪريو : 2611
    اج جا مهمان : 77847
    ڪالھ جا مهمان : 98667
    ڪل مهمان : 133977278
    ڪل مهمان : 92649839