الإمام الصادق علیه السلام : لو أدرکته لخدمته أیّام حیاتی.
الله تعالي جي قرب جا ڪهڙا آثار آهن؟

 الله تعالي جي قرب جا ڪهڙا آثار آهن؟

          هاڻي اسان هتي انهن شين کي بيان ڪريون ٿا جنهن جي ڪري انسان الله تعالى ۽ اهلبيت عليهم السلام جو قرب حاصل ڪندو آهي، الله تعالى ۽ اهلبيت عليهم السلام جي قرب حاصل ڪرڻ وارين  شين منجھان هڪ باطني اکين ۽ ڪنن مان استفادو ڪندي روحاني ۽ معنوي طاقت جو حاصل ڪرڻ آهي، ڇاڪاڻ ته جڏهن انسان الله تعالي جي معنوي قرب جي ذريعي سان ترقي ڪندو ته الله تعالى جي خاص عنايتن سان مالامال ٿيندو ۽ الله تعالى جي پيارن ۽ محبوب ٻانهن منجھان شمار ڪيو ويندو. ۽ جڏهن انسان الله تعالى جو محبوب بڻجي ويندو آهي ته ان جي مٿان الله تعالى جي طرفان معنوي طاقتن جي بارش ٿيندي آهي جنهن جي ذريعي هو دنيا ۽ آخرت ۾ سرخرو رهندو.

امام جعفر صادق عليه السلام پاڻ سڳورن صلى الله عليه وآله وسلم  کان روايت  ڪن ٿا ته:

مَنْ أَهانِ لي وَلِيّاً فَقَدْ أَرْصَدَ لِمُحارِبَتي، وَما تَقَرَّبَ إِلَيَّ عَبْدٌ بِشَي‏ءٍ أَحَبَّ إِلَيَّ مِمَّا افْتَرَضْتُ عَلَيْهِ، وَإِنَّهُ لَيَتَقَرَّبُ إِلَيَّ بِالنَّافِلَةِ حَتَّى اُحِبَّهُ فَإِذا أَحْبَبْتُهُ، كُنْتُ سَمْعَهُ الَّذي يَسْمَعُ بِهِ وَبَصَرَهُ الَّذي يَبْصُرُ بِهِ وَلِسانَهُ الَّذي يَنْطِقُ بِهِ وَيَدَهُ الَّتي يَبْطُشُ بِها، إِنْ دَعاني أَجَبْتُهُ وَإِنْ سَأَلَني أَعْطَيْتُهُ[1].

 ڇا ڪو شخص ان شي جي ڪري منهنجي قريب نٿو ٿي سگھي جيڪا شي مونکي انهن واجبات کان وڌيڪ پياري آهي جيڪي مون ان تي واجب ڪيا آهن ۽ هو نوافل جي ذريعي منهنجي قريب ٿيندي منهنجو محبوب بڻجي وڃي ۽ جڏهن آءُ ان سان محبت ڪندو آهيان ته آءُ ان جا ڪن ٿي ويندو آهيان جنهن جي وسيلي سان هو ٻڌندو آهي، ان جو اکيون بڻجي ويندو آهيان جنهن سان هو ڏسندو آهي، ان جي زبان بڻجي ويندو آهيان جنهن سان هو ڪلام ڪندو آهي ۽ ان جا هٿ بڻجي ويندو آهيان جن جي ذريعي سان هو ڪم ڪار ڪندو آهي، جيڪڏهن هو مونکي سڏيندو ته آءُ ان جو جواب ڏيندو آهيان ۽ جيڪڏهن هو مون کان ڪنهن شيءِ جي گھر ڪندو آهي ته آءُ اُها شي ان کي عطا ڪري ڇڏيندو آهيان.

ان حديث ۾ ذڪر ٿيڻ وارا سڀ ڪم الله تعالى جي قرب سان حاصل ٿيندا آهن ان جي ڪري هو آسماني آوازن کي ٻُڌندو آهي نوراني چهرا ڏسندو آهي الاهي رمزن جي ڄاڻ حاصل ڪندو آهي مشڪل ڪمن کي قدرتي طاقت سان انجام ڏيندو آهي ان جون دعائون قبول ٿينديون آهن، اهي سڀ عنايتون الله تعالي جي مقرب بندن ۽ انهن تي ٿينديون آهي جيڪي الله سائين ۽ اهلبيت عليهم السلام محبت ڪندا آهن.

 

 


[1] . بحارالانوار ج 75 ص 155 ، اصول ڪافي ج 2 ص 352

 

    زيارة : 2672
    اليوم : 57677
    الامس : 293667
    مجموع الکل للزائرین : 146226740
    مجموع الکل للزائرین : 100471290