حضرت امام صادق علیہ السلام نے فرمایا : اگر میں ان(امام زمانہ علیہ السلام) کے زمانے کو درک کر لیتا تو اپنی حیات کے تمام ایّام ان کی خدمت میں بسر کرتا۔
ڇا عالمي جنگ جو واقع ٿيڻ ظهور جي علامتن منجهان آهي؟

ڇا عالمي جنگ جو واقع ٿيڻ ظهور جي علامتن منجهان آهي؟

ڇا عالمي جنگ ۽ زمين تي باهه جو ڀڙڪڻ امام مهدي عجل الله تعالي فرجه  جي ظهور جي علامتن منجهان آهي يا نه؟

جواب؛

عالمي جنگ جو واقع ٿيڻ امام مهدي (عجل الله تعالي فرجه) جي ظهور جي علامتن منجهان آهي پر ان جو واقع ٿيڻ حتمي نه آهي ۽ جيڪي روايتون ظهور جي حتمي علامتن کي بيان ڪن ٿيون انهن منجهان ڪنهن به روايت ۾ عالمي جنگ جو ذڪر نه ٿيو آهي.

جيتوڻيڪ سيد حسني جي قيام ۽ خروج سفياني وقت ڪجهه ملڪن ۾ جنگ ٿيندي ان ڳالهه جو مطلب ڪنهن به صورت ۾ عالمي جنگ يا اڪثر ملڪن ۾ جنگ ٿيڻ نه آهي.

ان بنا تي جڏهن ته عالمي جنگ ظهور حتمي علامتن منجهان نه آهي، عالمي جنگ کي واقع ٿيڻ کان روڪڻ لاءِ اُپاءُ ڪري سگهجي ٿو.

ڪجهه بزرگن جو عقيدو آهي ته امام زمان (عجل الله تعالي فرجه) جو ظهور اوچتو ٿيندو، ان ڪري ممڪن نه آهي ته حتمي علامتون پڻ واقع ٿين، ڇاڪاڻ ته ان عقيدي جي بنا تي حتمي علامتون، علامت هجڻ جي اعتبار سان حتمي آهي نه واقع ٿيڻ جي اعتبار سان.

بعيد نه آهي ته اهي سياستمند جيڪي پنهنجي ذهن منجهه خونريزي ۽ رتوڇاڻ جي سازشون رٿي رهيا آهن، عالمي جنگ جي باهه کي ڀڙڪائي ڪري ڪِروڙن ماڻهن کي ان باهه ۾ ساڙي رک ڪري وجهن! اها نئي ڳالهه ۽ نظام جي سُوکڙي.

 

ملاحظہ کریں : 2692
آج کے وزٹر : 180294
کل کے وزٹر : 226086
تمام وزٹر کی تعداد : 147476962
تمام وزٹر کی تعداد : 101096805