امام صادق عليه السلام : جيڪڏهن مان هن کي ڏسان ته (امام مهدي عليه السلام) ان جي پوري زندگي خدمت ڪيان هان.
ٿڪاوٽ ۾ بي حالي:

ٿڪاوٽ ۾ بي حالي:

ڪمن کي انجام ڏيڻ ۾ هيءَ ٻئي رڪاوٽ آهي. اسان کي ٿڪاوٽ جي ڪري ڪم کي ڇڏي ڏيڻ نه گھرجي ڇاڪاڻ ته ڪيترن ئي موردن ۾ ٿڪاوٽ ڪوڙي هوندي آهي حقيقي ناهي هوندي. اهڙن موردن ۾ هوشياري سان ٿڪاوٽ کي ختم ڪرڻ گھرجي ۽ جڏهن حقيقت ۾ ٿڪجي وڃو ته ڪم ۾ تبديلي ڪري سگھو ٿا پر بي ڪار نه ويهڻ گھرجي.

امير المؤمنين حضرت امام علي عليه السلام پنهنجي هڪ وصيت نامي ۾ امام حسين عليه السلام کي فرمايو آهي ته:

يا بني أوصيك...... بالعمل في النشاط و الكسل‏[1].

اي منهنجان فرزند! آئون تون کي ٿڪاوٽ ۽ ڪمزوري جي حالت ۾ ڪم ڪرڻ جي وصيت ڪيان ٿو.

ان وصيت کان هي استفادو ڪري سگھجي ٿو ته جيڪڏهن انسان ڪنهن ڪم کان ٿڪجي پوي ته ان کي ٿڪاوٽ جي ڪري بيڪار ويهڻ نه گھرجي بلڪه ان کي ان وقت ٻيو ڪو ڪم ڪرڻ گھرجي ڇاڪاڻ ته ڪم جي تديل ڪرڻ سان انسان جي ٿڪاوٽ ختم ٿيندي آهي.

ان بناء تي ٿڪاوٽ جي ڪري بيڪار ويهڻ کان بهتر آهي ته پنهنجي ڪم ۾ تحول، تبديلي ۽ تنوع ڪندي پنهنجي پاڻ کان ٿڪاوٽ کي دور ڪري.

بس حضرت علي عليه السلام جي نوراني فرمانن کان استفادو ڪندي هي نتيجو ڪڍيو ٿو وڃي ته ٿڪاوٽ کي بهانو بڻائي ڪم کي ڇڏي نه ڏيڻ گهرجي.

به رنج اندرست اي خرد مند گنج

نيابد کسي گنج نابرده رنج

چو کاهل بود مرد بر نا به کار

از او سير گردد دل روز گار

حضرت علي عليه السلام جي نوراني ڪلام مان هڪ ٻيون بهترين نڪتو به سمجھ ۾ اچي ٿو ته ٿڪاوٽ ڪهڙي به هجي (توڻي اها مسلسل هڪ ئي ڪم ڪرڻ جي ڪري هجي يا ڪم جي مشڪل هجڻ جي ڪري هجي يا وري ماڻهن جي توجھ نه هجڻ ڪري هجي) ان کي ڪم جي ڇڏي ڏيڻ لاءِ بهانو نٿو بڻائي سگھجي ڇاڪاڻ ته اسان جيڪو ڪم منتخب (چونڍي) ڪندا آهيون جيڪڏهن اهو دين ۽ شريعت جي لحاظ کان صحيح ۽ دل کي پسند هجي ته ان کي ماڻهن جي ڳالهين جي ڪري ڇڏي ۽ نا اميد ٿي ويهڻ نه گھرجي. بلڪه ان جي رنگ کي تبديل ڪري هڪ نئين صورت ڏني وڃي.

ڏسجي ته ڪئين مرحوم محدث نوري (ره) ماڻهن جي ڳالهين تي ڌيان نه ڏيندي ٻن ضروري ڪتابن جي خطي نسخن جي تلاش جاري رکي.

 


[1] . تحف ‏العقول ص : 88

 

    دورو ڪريو : 2234
    اج جا مهمان : 66479
    ڪالھ جا مهمان : 86454
    ڪل مهمان : 131970042
    ڪل مهمان : 91489458