امام صادق عليه السلام : جيڪڏهن مان هن کي ڏسان ته (امام مهدي عليه السلام) ان جي پوري زندگي خدمت ڪيان هان.
ڪيتري حد تائين ڪوشش ڪيون؟

ڪيتري حد تائين ڪوشش ڪيون؟

ڪجھ ماڻهن جي ڪوشش ۽ جستجو فقط ۽ فقط دنياوي مقاصدن کي حاصل ڪرڻ  ۾ ئي منحصر آهي، اهي ڪائنات جي حقيقتن کان مڪمل طور تي غافل هوندا آهن، اهي هميشه رهڻ واري دنيا ۽ آخرت ۾ انسان جي سعادت جو سبب بڻجڻ وارن روحاني ۽ معنوي ڪمن کان غافل (بي خيال) هندا آهن، انهن جو هدف صرف تجارت ۽ گھڻي کان گھڻو مال حاصل ڪرڻ هوندو آهي. انهن جو زندگيءَ ۾ حقيقي مقصد گھڻي کان گھڻي دولت جو گڏ ڪرڻ هوندو آهي.

اڪثر ڪري ماڻهو پنهنجي هدف سان مربوط آئين ۾ تمام انهن مسئلن تي دقت سان غور ۽ فڪر ڪندا آهن ۽ جڏهن انهن کي ان ۾ ڪامياب ٿيڻ جو يقين ٿي ويندو آهي ته اهي ان کي انجام ڏيندا آهن، پر هو عبادت جي ڪمن ۾ بالڪل توجھ نه ڏيندا آهن جيڪا خدا جي نزديڪ گھڻي اهميت رکي ٿي. جڏهن ته خدا جي نزديڪ ڪنهن عمل جو قبول ٿي وڃڻ ان عمل کي با ثمر بڻائي ڇڏيندو آهي. ان ڪري امام علي ابن ابي طالب عليهما السلام فرمائن ٿا:

(كُونُوا عَلَى قَبُولِ الْعَمَلِ أَشَدَّ عِنَايَةً مِنْكُمْ عَلَى الْعَمَل[1])

عمل کي انجام ڏيڻ کان گهڻي ان جي قبول ٿيڻ ڏانهن توجھ ڪيو.

خدا جي بارگاهه ۾ عمل جو قبول ٿي وڃڻ اهميت رکندڙ آهي نه اهو پاڻ عمل. بس جيڪڏهن خدا ڪنهن عمل کي قبول نه ڪري ته ان عمل جو ڪو به فائدو نه آهي.

ان ڪري اسان کي اهڙي راهه ۾ ڪوشش ڪرڻ گھرجي جيڪا خدا جي راضي ۽ خشنوديءَ جو سبب هجي ۽ اسان کي گھرجي ته ان جي قبوليت کي به نظر ۾ رکون!.

 


[1]. بحارالانوار؛ ج، 67، ص،312   

 

    دورو ڪريو : 2341
    اج جا مهمان : 796
    ڪالھ جا مهمان : 86454
    ڪل مهمان : 131838714
    ڪل مهمان : 91423775