ઈમામ સાદિક઼ (અ.સ.) એ ફરમાવ્યુઃ અગર હું એમના જમાનામાં હોઉં તો મારી જીન્દગીનીના તમામ દિવષો એમની સેવા કરીશ.
توسل خدا جي بارگاهه ۾ قرب جو وسيلو:

توسل خدا جي بارگاهه ۾ قرب جو وسيلو:

اهل بيت عليهم السلام  سان توسل ڪرڻ خدا جي بارگاهه ۾ انسان جي عزت ۾ واڌاري جو سبب ٿيندو آهي ۽ خدا جي بارگاهه ۾ تقرب جو ذريعو آهي. ان ڪري ئي اسان پنهنجي ڪجھ دعائن ۾ خدا کان سوال ڪندا آهيون ته اهل بيت عليهم السلام  سان توسل ڪرڻ جي ڪري اسان کي پنهنجي بارگاهه ۾ عزت وارو قرار ڏي ۽ پنهنجو قرب وارو مقام عطا فرماء.

حضرت امام زين العابدين عليه السلام  پنهنجي هڪ  دعا انجيليه ۾ فرمائن ٿا:

اللَّهُمَّ فَصَلِّ عَلَى مُحَمَّدٍ وَ أَهْلِ بَيْتِهِ الطَّاهِرِينَ وَ اجْعَلْنِي بِحُبِّهِمْ يَوْمَ الْعَرْضِ عَلَيْكَ نَبِيهاً وَ مِنَ الْأَنْجَاسِ وَ الْأَرْجَاسِ نَزِيهاً وَ بِالتَّوَسُّلِ بِهِمْ إِلَيْكَ مُقَرَّباً وَجِيها[1].

اي الله! دردو ۽ سلام محمد صلى الله عليه وآله وسلم  ۽ ان جي پاڪ اهل بيت عليهم السلام  تي نازل فرماء ۽ مونکي انهن سان محبت ڪرڻ جي ڪري قيامت جي ڏينهن عزت وارو قرار ڏي ۽ نجاستن ۽ پليتين کان پاڪ و پاڪيزه رک ۽ انهن سان توسل ڪرڻ جي ڪري پنهنجي نزديڪ مان ۽ عزت وارو قرار ڏي.

 


[1] . بحارالانوار؛ ج، 91، ص، 167

 

    મુલાકાત લો : 2685
    આજના મુલાકાતીઃ : 175092
    ગઈકાલના મુલાકાતીઃ : 226086
    સૌ મુલાકાતીની સંખ્યા : 147466570
    સૌ મુલાકાતીની સંખ્યા : 101091603