Imam Shadiq As: seandainya Zaman itu aku alami maka seluruh hari dalam hidupku akan berkhidmat kepadanya (Imam Mahdi As
جيڪڏهن اهليبت عليهم السلام جي ولايت عقل رکندڙ مخلوق لاءِ آندي وئي ته پوءِ اهو ڪيئن ٿو چئي سگھجي ته آل الله جي ولايت هڙني ممنڪات ۽ مخلوقات لاءِ آهي؟

سوال:

جيڪڏهن اهليبت عليهم السلام جي ولايت عقل رکندڙ مخلوق لاءِ آندي وئي ته پوءِ اهو ڪيئن ٿو چئي سگھجي ته آل الله جي ولايت هڙني ممنڪات ۽ مخلوقات لاءِ آهي؟

ولايت اهلبيت عليهم السلام جو لاڳو ٿيڻ ان شرط سان ناهي ته اهي عقل رکندڙ هجڻ بلڪي عقل ۽ شعور جي جهڙي به مرتبي تي فائز هجن آل الله جي ولايت مٿن لاڳو آهي.

انهيءَ بنياد تي جهڙي ريت اهلبيت عليهم السلام جي ولايت عقل واري مخلوقات تي عقل خاطر لاڳو آهي اهڙي ريت جيڪي مخلوقات عقل نه ٿيون رکن جيتوڻيڪ آسمان ۽ زمين ، انهن مٿان انهن جي مادي ۽ شعور مطابق لاڳو آهي.

سائنس مطابق ثابت ٿيل آهي پاڻي،مٽي، گل ۽ گاهه ..... به شعور رکن پيا. انهيءَ بنياد تي ولايت اهلبيت عليهم السلام انهن جي عقل ۽ شعور مطابق آهي.

فقال لها و للارض ائتيا طوعا او کرها قالتا طائعين ( سوره فصلت آيه 11)

هيءَ آيت انهيءَ ڳالهه تي دليل زمين ۽ آسمان شعور رکن ٿيون ۽ انهيءَ جهڙيون ٻيون آيتون به مختلف مخلوقات جي تسبيح بابت بيان ٿيل آهن، ۽ مختلف روايتون پڻ انهيءَ حقيقت تي مختلف ڪتابن ۾ ذڪر ٿيل آهن.

 

Mengunjungi : 4023
Pengunjung hari ini : 149727
Total Pengunjung : 301789
Total Pengunjung : 145824344
Total Pengunjung : 100269671