الإمام الصادق علیه السلام : لو أدرکته لخدمته أیّام حیاتی.
مقدمو

مقدمو

بسم الله الرحمن الرحيم

الحمد لله رب العالمين والصلات لاهلهالاسيّمٰا عليٰ الامام المنتظر والحجت الثاني عشر روحي و ارواح العالمين لتراب مقد مہ  الفدا

اما بعد :

هي ڪتابچو نالي ” انتظار“ جيڪو ڪتاب ”اسرار موفقيت “ جي نالي سان ٻن جلدن تي مشتمل آهي. ان جي هڪ حصي جو ترجمو پيش خدمت آهي، هي ڪتاب فارسي زبان ۾ لکيو ويو آهي جنهن جو مصنف جناب حجة الاسلام والمسلمين سيد مرتضيٰ مجتهدي سيستاني صاحب (دام ظلہ ) آهن سائين جن جي  اها ڪوشش رهي آهي ته دين اسلام جي خدمت ٿئي، انهيءَ ڪوشش ڪري سائين جن ، حق جي ڳولها ڪرڻ وارن ۽ مولا جي ملنگن لاءِ سدائين علمي تحفو ڏيندا رهندا آهن.                                                   

 آءُ هن ڪتاب جي ترجمو انهي ڪري قبول ڪيو آهي ته انهي ذريعي سان اسان به قرآن ۽ اهل بيتؑ جي دامن سان وابسته رهون. انهي رستي سان مولا امام زمانه(عج) جي انتظار ڪرڻ وارن منجھان ٿي قرآن پاڪ جي هن فرمان کي سمجھي سگھون،              

    وَلَقد ڪَتَبنٰا فِي الزَّبُورِ مِن بَعدِ الذِّڪرِ اَنَّ الاَرضَ يَرِثُهٰا عِبٰادِيَ الصّٰلِحُونَ (1)

   ترجمو: ۽ اسان ذڪر کان بعد زبور ۾ لکيو آهي ته اسانجي زمين جا وارث اسان جا نيڪ بندا ئي ٿيندا.         

  

الاحقر : محمد حسن مري

(15 ماه مبارڪ رمضان 1425 ھ ق)

 


(1) سوره انبيا 105

 

    زيارة : 13654
    اليوم : 137242
    الامس : 301789
    مجموع الکل للزائرین : 145799536
    مجموع الکل للزائرین : 100257187