Imam sadIiq: IF I Percieve his time I will serve him in all of my life days
(4) مهدويت جي دعوا ڪرڻ وارن جي سڃاڻپ

(4) مهدويت جي دعوا ڪرڻ وارن جي سڃاڻپ

شيعه مذهب جي تاريخ ۾ گھڻن ماڻهن مهدي هجڻ جي دعوا ڪئي آهي. پاڻ کي رهبر ۽ عوام جي اصلاح ڪرڻ واري جي نالي سان سڃاڻايو اٿن. ان حربي (بهاني) سان انسانن جي جان،مال کي پائمال ڪري ، ڪجھ انسانن کي گھمراهي جي رستي تي ،وٺي ويا آهن. پر جن صحيح طور ۽ سچي دل سان انتطار جي رستي تي قدم رکيو آهي، پنهنجي وجود کي ولايت جي نور سان روشن ڪيو آهي،اهي ڪڏهن به انهي دوکيبازن جي ڄار ۾ نه آيا آهن . بلڪه وڏي واڪي اعلان ڪندا رهيا،                          

(فارسي شعر ذوق رکندڙن لاءِ)

برواين دام مرغ دگرنه

ڪه عنقا را بلند است آشيانه

اهي انسان لومڙي صفت ۽ بهاني باز ماڻهن کي هن ڪري سڃاڻين ٿا ، جو انهن کي ولايت واري مقام جو علم اٿن، ان ڪري آب حيات کي ان ريگستان جي کي (جيڪو پري کان سج جي تپش جي ڪري پاڻي وانگر ڏسبو آهي) ڪونه ٿا ڏين. ۽ خلافت جي غاصبن کي برحق امام جي مقام تي قبول ڪونه ٿا ڪن.                                     

    Visit : 11223
    Today’s viewers : 819
    Yesterday’s viewers : 85752
    Total viewers : 133016783
    Total viewers : 92116567