امام صادق فیق پوسی کسل بیونید پقری ناکهوےنمنرونه تهوک نارےنری ژهیوگنگ مه کهوی فیق پوے چوکی بیک پاٍ
1_ مودت پيدا ڪرڻ،

1_ مودت پيدا ڪرڻ،

مودت پيدا ڪرڻ، اهلبيت عليهم السلام سان محبت ايتري ته مضبوط هجڻ کپي  جو توهان جي دلين ۾ گھر ڪري وڃي توهان جي رڳ رڳ ۾ سرايت ڪري اها محبت ئي انهن پاڪ هستين جي ويجھو ٿيڻ جو وسيلو آهي.

امام علي عليه السلام  جن فرمائن ٿا:

اَلْمَوَدَّةُ قَرابَةٌ مُسْتَفادَةٌ[1].

مودت، اهڙي محبت آهي جنهن سان قرب حاصل ٿيندو آهي.

يعني محبت ايتري ته مضبوط هجڻ گھُرجي جيڪا انسان کي محبوب سان ويجھو ڪري ڇڏي ۽ محبت جڏهن پنهنجيون حدون پار ڪيري ويندي آهي ته ان کي مودت ڇيو ويندو آهي، مودت اها محبت آهي جنهن ۾ مضبوطي آهي ۽ روحاني قرب جو سبب ٿيندي آهي اهليبت عليهم السلام  سان ائين محبت ڪرڻ هر هڪ شخص جي ذميداري آهي، اسان کي اهلبيت سان ائين محبت ڪرڻ گهرجي جيڪا الله تعالى سان تقرب جو وسيلو بڻجي الله تعالى جو قرآن مجيد ۾ ارشاد آهي  ته:

قُلْ لاأَسْأَلُكُمْ عَلَيْهِ أَجْراً إِلاَّ الْمَوَدَّةَ فِي الْقُرْبى[2].

توهان چئو ته مان اوهان کان تبليغ رسالت جي ڪا به اجرت نٿو گھُران سواٰءِ منهنجي قريبن سان مودت (محبت) جي .

هن آيت جي مطابق هر انسان تي واجب آهي ته اهلبيت عليهم السلام رسول صلى الله عليه وآله وسلم  سان اهڙي محبت ڪري جيڪا انسان کي الله تعالي ۽ انهن هستين سان روحاني ۽ معنوي طور تي قريب ڪري،

 


[1] . بحارالانوار ج 74 ص. 165

[2] . سوره شوري آيت 23

 

    دورو ڪريو : 2737
    دیرینگنی هلته چس کن : 0
    گوندے هلته چس کن : 268406
    هلته چس گنگ مه : 148255214
    هلته چس گنگ مه : 101486053