Imam Shadiq As: seandainya Zaman itu aku alami maka seluruh hari dalam hidupku akan berkhidmat kepadanya (Imam Mahdi As
علمي مشڪلات کي حل ڪرڻ جي لاءِ توسل:

علمي مشڪلات کي حل ڪرڻ جي لاءِ توسل:

وڏا ماڻهون نامعلوم شيءِ جي ظاهر ڪرڻ ۽ علمي مشڪلات کي حل ڪرڻ لاءِ توسل جو پاسو وٺندا آهن ته جيئن اهل بيت اطهار عليهم السلام  جي معنوي فيض سان پنهنجي علمي مشڪلات کي حل ڪري سگھن.

اسان هتي نموني طور مرحوم سيد علي (صاحب شرح ڪبير) جو واقعو ذڪر ڪيون ٿا:

ڪيترائي عرب ۽ عجم علماء ان جا شاگرد ٿي گذريا آهن. هي بزرگ عالم دين، فقه ۽ اصول ۾ وڏي مهارت رکندو هو پر علم هيئت (آسمانن ۽ تارن جو علم ڄاڻيندڙ) کان بي خبر هو. ان لاءِ ڪتاب شرح ڪبير لکڻ وقت ڪعبة الله جي بحث ۾ کيس مشڪلات جي سامهون ٿيڻو پيو ڇاڪاڻ ته ڪعبة الله جو بحث علم هيئت سان مربوط آهي. پاڻ سندس هڪ شاگرد (جيڪو علم هيئت ۾ ماهر هو) کان ڪعبة الله جي بحث سان مربوط علم هيئت جي ضروري مسئلن کي سکڻ چاهيو ته جيئن اهو ڪتاب شرح ڪبير ۾ مڪمل طور تي ڪعبة الله جي بحث کي ذڪر ڪري سگھي.

پر شاگرد پنهنجي استاد جي احترام جو لحاظ نه ڪيو ۽ استاد محترم جي درخواست جو جواب هن ريت ڏنو: جهڙي ريت اسان ڪتاب بغل ۾ کڻي توهان جي خدمت ۾ ايندا آهيون ۽ توهان جي سامهون گوڏا ٽيڪي ويهندا آهيون اهڙي ريت توهان به ڪتاب بغل ۾ کڻي منهنجي گھر تشريف کڻي اچو ته جئين توهان علم هيئت جي مسئلن جي ڄاڻ حاصل ڪري سگھو.

استاد کي شاگرد کان اهڙي اميد نه هئي ان ڪري هو پنهنجي علمي مشڪل کي حل ڪرڻ لاءِ حضرت امام حسين عليه السلام  سان توسل ڪيو ان لاءِ کيس انهيءَ رات حرم مطهر ۾ توسل ڪيو ۽ صبح تائين خدا جي عبادت انجام ڏني ۽ سيد الشهداء حضرت امام حسين عليه السلام  سان پنهنجي علمي مشڪل کي ختم ڪرڻ جي درخواست پيش ڪئي جنهن جي ان کي ضرورت هئي. ان کانپوءِ ان شرح ڪبير ۾ ڪعبة الله جي بحث کي ماهراڻي انداز سان تحرير ڪيو[1].

 


[1] . تذکرة العلماء، مرحوم تنڪابني: ص، 104

 

    Mengunjungi : 2606
    Pengunjung hari ini : 90839
    Total Pengunjung : 226086
    Total Pengunjung : 147298155
    Total Pengunjung : 101007349