امام صادق عليه السلام : جيڪڏهن مان هن کي ڏسان ته (امام مهدي عليه السلام) ان جي پوري زندگي خدمت ڪيان هان.
توسل کان پاسو ڪرڻ گناهه جي علامت آهي:

توسل کان پاسو ڪرڻ گناهه جي علامت آهي:

اهل بيت عصمت عليهم السلام  سان توسل ڪرڻ جي اهميت ايتري ته ضروري آهي جو ڪجھ روايتن ۾ فرمايو ويو آهي ته: خدا جي اطاعت جو وسيلو فراهم نٿو ٿي سگھي سواءِ ان جي جو انسان ان معصوم هستين جي دامنِ ولايت سان توسل ڪري.

حضرت امير المومنين علي عليه السلام  فرمائن ٿا:

وَ لَا يَقْبَلُ تَوْحِيدَهُ إِلَّا بِالِاعْتِرَافِ لِنَبِيِّهِ ص بِنُبُوَّتِهِ وَ لَا يَقْبَلُ دِيناً إِلَّا بِوَلَايَةِ مَنْ أَمَرَ بِوَلَايَتِهِ وَ لَا يَنْتَظِمُ أَسْبَابُ طَاعَتِهِ إِلَّا بِالتَّمَسُّكِ بِعِصَمِهِ وَ عِصَمِ أَهْلِ وَلَايَتِه[1].

الله سائين ڪنهنجي به توحيد واري عقيدي کي قبول نه ڪندو سواءِ ان جي جو ان سان گڏوگڏ رسول خدا صلى الله عليه وآله وسلم  جي نبوت جو اعتراف ڪري ۽ ڪنهن جو به دين قبول نه ٿيندو سواءِ ان جي ولايت جي جنهن جي ولايت جو ان کي حڪم ڏنو ويو هجي ۽ خدا جي اطاعت جو وسيلو فراهم نٿو ٿي سگھي سواءِ ان جي جو خدا جي عصمت ۽ ان جي صاحبان ولايت سان توسل ڪري.

ان فرمان ۾ اميرالمؤمنين عليه السلام خدا جي اطاعت جي سازو سامان جي فراهميءَ کي هن طرح بيان ڪيو آهي ته جڏهن انسان خدا ۽ خدا جي اولياء جي عصمت سان توسل ڪندو هجي. پر جيڪڏهن انسان انهن هستين جي طرف توجهه نه ڪندو ته خدا جي حڪمن جي اطاعت جو سازوسامان  فراهم نه ٿو ڪري سگهي ڇاڪاڻ ته بزرگ هستيون خالق ۽ مخلوق جي درميان فيض جو وسيلو آهن.

ان روايت جي بنا تي گناهگارن جي گناهه جو اهم سبب اهل بيت عليهم السلام  سان توسل ۽ تمسڪ کان دوري اختيار ڪرڻ آهي. بس جيڪڏهن توسل کي ترڪ ڪيو وڃي ته شيطان جي وڇايل ڄار ۾ وچڙي معصيت ۾ گرفتار ٿي وينداسين.

 


[1] . بحارالانوار؛ ج، 94، ص، 114

 

    دورو ڪريو : 2397
    اج جا مهمان : 10493
    ڪالھ جا مهمان : 93074
    ڪل مهمان : 136338055
    ڪل مهمان : 94019841