امام صادق علیه السلام : اگر من زمان او (حضرت مهدی علیه السلام ) را درک کنم ، در تمام زندگی و حیاتم به او خدمت می کنم.
سخت مشڪلات جو هاڪاري ڪردار

سخت مشڪلات جو هاڪاري ڪردار

الله جي ولين، عظيم ماڻهن ۽ عارفن جي زندگيءَ کي معراج تائين پهچائڻ ۾ مصيبتن ۽ ڏکن جو وڏو ڪردار آهي. جيتوڻيڪ ڪيترائي ماڻهو مختلف قسمن جي فتنن ۾ گمراه ٿي ويندا آهن پر انهن جي ذات به فنا ٿي ويندي آهي. حقيقي  انسان نه رڳو پاڻ کي فتنن ۾ مبتلا ٿيڻ سان سنواريندا آهن پر خود سازي انجام ڏئي عظيم مرتبن تي رَسندا آهن.

حضرت اميرالمومنين علیه السلام جن فرمائن ٿا ته :

ستکون فتنـة یُحصّل الناس کما یُحصّل الذهب فی المعدن.[1]

جلد اهڙا فساد ٿيندا جيڪي ماڻهن کي اُتَم سون  جيان خالص ڪندا.

گهٽ قيمت سون کي قيمتي  سون  ٿيڻ ۾ هزارين سال لڳندا آهن. جيتوڻيڪ ڪجهه فتنا ايترا ته موءثر هوندا آهن جو ٿورڙي  مدت ۾ حقيقي انسانن کي پاڪ ڪري ڇڏيندا آهن ۽ ٿورڙي مدت ۾ ڪيترن ئي گهٽيا ماڻهن کي هلاڪ ۽ نابود ڪري ڇڏيندا آهن.

حقيقت ۾ اهڙا فساد ڪوتاهين جي پورائي ڪندا آهن ۽ انهن ۾ موجود پست صفتن کي قيمتي صفتن ۾ تبديل ڪندا آهن ڇو ته اهي فتنن ۾ رهڻ جا عادي نه رهندا آهن پر انهن ۾ پاڻ جلائي ڪري پنهنجي خود سازي ( اصلاح) ڪندا آهن ۽ انهن ۾ تيزي اچي ويندي آهي.

جيتوڻيڪ معدن ۾ گهٽ قيمت سون کي نجُ سون ٿيڻ ۾ هزارين سال لڳندا آهن.([2]) پر باھ ۽ ڪندن هڪ ڪلاڪ ڪان به گهٽ ۾ ان کي اُتم سون بڻائيندا آهن.

اهڙيءَ ريت جن ماڻهن کي خود سازي ( اصلاح )  ۽ تهذيب نفس لاءِ هزارين سالن جي ضرورت هوندي آهي ڪڏهن فتنا انهن کي مختصر مدت ۾ ان مقصد ۾ ڪاميابي بخشيندا آهن. ۽ انهن جي خامين کي دور ڪندا آهن.

 


[1].  احقاق الحق : 13 / 288 ، مستدرک نيشابوری : 4 / 553.

2. مٽيءَ ۾ معدنيات  ڪيئن  سون ۽ قيمتي جواهرن ۾ تبديل ٿئي ٿو ؟ معلومات لاءِ ڪتاب « نخبة الدهر في عجائب البر والبحر» جي طرف رجوع ڪندا.

 

 

بازدید : 3710
بازديد امروز : 14360
بازديد ديروز : 98667
بازديد کل : 133851414
بازديد کل : 92586353