امام صادق علیه السلام : اگر من زمان او (حضرت مهدی علیه السلام ) را درک کنم ، در تمام زندگی و حیاتم به او خدمت می کنم.
انتظار جي اهميت

انتظار جي اهميت

انتظار، اهڙن ماڻهن جي بلند خصوصيتن منجھان آهي جيڪي ڪاميابيءَ جي واٽ ۾ قدم کڻن ٿا ڇاڪاڻ ته ان موتين جيان گفتگوءَ جي بنياد تي جيڪا وحيءَ جي گھراڻي، غيبت جي دور ۾ بزرگ ماڻهن جي شخصيت بابت بيان فرمائي آهي؛ ظهور جا سچا منتظر، سموري زماني جي ماڻهن کان وڌيڪ فضيلت رکندڙ آهن.

ان جهت سان هڪ گروهه جيڪو انتظار جي مسئلي کان مڪمل  پروڙ ۽ سمجھ رکي پيو اهو انتظار کي ان زماني ۾ ڪاميابيءَ جو وڌيڪ مهم سبب ڄاڻي ٿو ۽ اهو عقيدو رکي ٿو ته انسان بلندي ۽ ڪمال جي سمورن سببن کي  »سچي انتظار« ۾ ڳولهي سگھي ٿو ۽ ان وسيلي، معنويت جي آسماني حصي تي پرواز ڪري سگھي ٿو ۽ پنهنجو پاڻ کي مشڪلات، اجتماعي ۽ روحي مصيبتن کان نجات ڏئي سگھي ٿو.

انتظار پنهنجي حقيقي ۽ ڪامل معنيٰ ۾ هڪ ڏکي حالت آهي ڄڻ ته رازن جي هڪ دائري کيس وڪوڙي وڌو آهي ۽ ٿورڙا ڀلا انسان ان تائين پهتا آهن ۽ دشمن جي سازشن کان پنهنجو پاڻ کي بچايو اٿن. ڇاڪاڻ ته انتظار پنهنجي بلند ۽ انتهائي مرحلي ۾ جيڪو امام زمانه (عجل الله تعالى فرجه) جي خاص اصحاب ۾ موجود آهي_ مدد ـ تيار رهڻ جي معنيٰ ۾ _ غير عادي طاقت کان استفادو ڪرڻ ذريعي آسماني نظام کي حضرت بقيه الله ارواحنا فداه جي ملڪوتي حڪومت ۾ عملي بڻائڻ آهي.

انتظار جنهن به مرحلي ۾ وجود ۾ اچي، هڪ قسم جي عالم غيب کان باطني مدد وٺڻ ۽ الله سائين جي قرب ۽ ويجھڙائيءَ جو رستو آهي.

جيڪڏهن اهو رستو جاري رهندي ڪمال تائين پهچي، زماني جي گذرڻ سان اها ڌنڌلائپ جيڪا انسان جي کوپڙيءَ ۾ موجود آهي ۽ ان جي ضمير ۽ پاڻ کان بي خبر نفس ۾ واقع آهي ان کي نابود ڪري ٿو ۽ نور ۽ سوجھري جي هڪ دري انسان جي اندر ۾ روشن ڪري ٿو ان رستي کان ڪمال جي واٽ ان جي طرف کُلي ٿي.

 

حوالو: ولايت نور سائيٽ           

ڪتاب اسرار موفقيت،ج2، ص419، کان نقل ڪندي.

 

بازدید : 3559
بازديد امروز : 74784
بازديد ديروز : 116876
بازديد کل : 134204823
بازديد کل : 92838437