امام صادق علیه السلام : اگر من زمان او (حضرت مهدی علیه السلام ) را درک کنم ، در تمام زندگی و حیاتم به او خدمت می کنم.
پيءُ جي دعا جو اثر

پيءُ جي دعا جو اثر

علامه محمد باقر مجلسي (رح) پنهنجي گهڻي تاليفات اهل بيت (عليهم السلام) جي خدمت ڪرڻ جي ڪري شيعا علماء جي درميان بي نظير آهن، پنهنجي توفيقات کي پنهنجي پيءُ جي دعاؤن جو اثر سمجهن ٿا.

علامه مجلسي (رح) جيڪو بزرگ شيعا علماء منجهان ۽ صاحب حالات ۽ ڪشف و شهود آهن فرمائن ٿا: هڪ رات جڏهن آئون نماز تهجد کان فارغ ٿيم ته منهنجي لاءِ هڪ عجيب حالت پيدا ٿي آئون سمجهي ويم ته جيڪڏهن دعا ڪيان ته ضرور پوري ٿيندي.

انهيءَ فڪر ۾ هيم ته خداوند عالم کان ڪهڙي شئ کي طلب ڪيان؟ اوچتو پينگهي ۾ پيل محمد باقر جي روئڻ جو آواز آيو، مون چيو: خدايا! محمد و آل محمد (صلى الله عليه و آله وسلم) جي صدقي هن ٻار کي دين جي خدمت ڪرڻ وارو ۽ احڪام پيغمبر جو پهچائڻ وارو قرار ڏئي ۽ ان کي پنهنجي بي نهايت توفيقات سان بهره مند فرما.

صاحب مرآت الاحوال  جو چوڻ آهي ته: اهي خارق العاده ڪم جيڪي علامه مجلسي کان ظاهر ٿيا آهن اهي واقِعي سندن پيءُ جي دعاؤن جو اثر آهن.

 


  • ڪتاب اسرار موفقيت: لکندڙ: سيد مرتضي مجتهدي صفحو 217

 

حوالو: ڪتاب رمز موفقيت بزرگان صفحو116، ورتل ڪتاب اسرار موفقيت کان ص 217

 

بازدید : 3111
بازديد امروز : 3991
بازديد ديروز : 94441
بازديد کل : 134252114
بازديد کل : 92881742