امام صادق علیه السلام : اگر من زمان او (حضرت مهدی علیه السلام ) را درک کنم ، در تمام زندگی و حیاتم به او خدمت می کنم.
ڪهڙي ريت اَبرُ ۽ ڪَڪَرُ امام زمان عجّل الله تعالی فرجه الشریف جي اصحاب کي مڪي پهچائي سگهن ٿا؟

ڪهڙي ريت اَبرُ ۽ ڪَڪَرُ امام زمان عجّل الله تعالی فرجه الشریف

جي اصحاب کي مڪي پهچائي سگهن ٿا؟

روايتن ۾ آهي ته امام مهدي عجّل الله تعالی فرجه الشریف جا ڪجهه صحابي ڪَڪَرُن جي وسيلي مڪي ويندا ۽ ڪَڪَرُن تي سوار ٿي افراد ڏٺا ۽ سڃاتا ويندا.

اهو ڪيئن ٿيندو جڏهن ته ڪَڪَرُ ٻاڦَ، اُٻَ ۽ پاڻيءَ جي بخارُ منجهان ٺهيل آهن اهي ڪيئن انهن کي کڻندا ۽ ڪهڙي طرح ايڏو پري کان مڪي جي رستي کي سڃاڻيندا ۽ امام عجّل الله تعالی فرجه الشریف جي اصحاب کي مڪي پهچائيندا؟

جواب؛

سڀئي ڄاڻون ٿا ته خداوندمتعال جي قدرت ايتري قدر گهڻي آهي جو ڪو ڪم سندس قدرت کان ٻاهر نه آهي ۽ جيڪڏهن هو چاهي ته ڪَڪَرن اها طاقت ۽ سَگههَ ڏئي سگهي ٿو، پر ان خاص ڳالهه ڏانهن توجهه ڪرڻ گهرجي ته، ڪَڪَرُ رڳو ان شئ ۾ منحصر نه آهن جنهن کي اسان ڄاڻون ٿا، اهي اسرار آميز نوري ڪَڪَر آهن ۽ تمام وڏي قدرت سان مالا مالُ آهن، پر افسوس آهي ته نوري ڪَڪَرُ اسان جي زماني ۾ سڃاتا نه ويا آهن ان جي ناوجود ته اهل بيت علیهم السلام جي حديثن منجهه انهن جو ذڪر ٿيو آهي پوءِ به سڃاتا نه ويا آهن.

 

بازدید : 3229
بازديد امروز : 6037
بازديد ديروز : 94441
بازديد کل : 134256208
بازديد کل : 92883790